مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وسڪاري جا گيت ۽ ناچ عام آهن

پراني زماني ۾ جڏهن آبپاشي جو نظام سڌريل حالت ۾ نه هو ته زراعت ۽ چراگاهن جو مدار مينهن تي هوندو هو. مينهن وسڻ جا ويس ڪندو هو ته ماڻهو بود ۾ ڀرجيو پيا ناچ نچندا ۽ همرچو ڳائيندا هئا. جنهن مند ۾ وري مينهن نه وسندو هو ته ماڻهو مرگهه، پکي پکڻ ۽ سڀ ساهوارا پيا ڌڻيءَ در ٻاڏائيندا هئا. اهڙي ريت ڪن قومن مينهن جا ديوتا ٺاهي انهن جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ جانورن ۽ انسان جون قربانيون ڏيڻ شروع ڪيون ته ڪن وري طاقتور روحن کي پرڀائڻ لاءِ جنتر منتر تخليق ڪيا. اسان وٽ به مينهن نه پوڻ جي صورت ۾ يا حد کان وڌيڪ پوڻ جي حالت ۾ ماڻهو ڀت خيرات ڪندا آهن، شڪراني جون نمازون پڙهندا آهن يا هزارين صلواتون ورد ڪندا آهن، ٽوڪيو ۾ هر سال جي 17 جولاءِ تي مينهن روڪ ناچ ٿيندو آهي. جنهن ۾ ٽي ازدها ناچ ڪندي مينهن بند ٿيڻ جون دعائون گهرندا آهن، انهيءَ صدين پراڻي رسم کي جپاني ٻوليءَ ۾ مزو ڊومينو مائي Mizudomino Mai سڏيندا آهن، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي پاڻي روڪ ناچ؛ هي ناچ شنگاوا (Shingaawa) جي ويجهو گونشو جي مندر ۾ ٿيندو آهي، جتي هزارين ماڻهو اچي مڙندا آهن، هن ناچ ۾ اسٽيج تي ٻه نر ازدها (Dragons) هڪ مادي ازدها جي پيار جيتڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ناچ جو بنياد اڄ کان 550 سال اڳ پيو، اندازو آهي ته سال 1429ع ۾ هن ايراضي ۾ برسات نه پوڻ سبب سخت ڏڪار پيو هو، ڏڪار جي ستايلن ماڻهن ۽ هزارين نارين گونشو جي مندر جي هڪ پروهت هوميسوو کي وڃي عرض ڪيو ته هو مينهن وسڻ لاءِ دعا گهري. انهي بزرگ پروهت هوميسوو فصلن جي ديوتا اناري ميوجن (Inari Myojin) جي مورت ڪاٺ ۾ جوڙائي ڪکن مان هڪ ٻي ديوتا (Dragon God) ڊِرَيگَن جي مورت به ٺهرائي ۽ پوءِ هڪ هفتي تائين وسڪاري لاءِ دعا گهرندو رهيو. ستين ڏينهن جي شام جو هن ڊريگن ديوتا ريوجن جي ڪکائين مورتي سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏي. وري مندرن ۾ موٽي اچي ٻڌ ڌرمي دعائون پڙهڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي آسمان تي ڪڪرن جي ڪارونڀار ٿي ويئي، وڄن وراڪا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ مينهن جون اوڙڪون وسڻ شروع ٿي ويون، هارين نارين جا گوندر لهي ويا ۽ اڃايل ڌرتي سيراب ٿي ويئي. اهڙيءَ ريت وقت ويو گذرندو. ٻن سالن کان پوءِ يعني 1431ع ۾ وري بارشن جون اهي ٻَنا ٻوڙ اوڙڪون وَسيون، جو ماڻهو جو جيئڻ جنجال ٿي پيو. چوندا آهن ته ماڻهو نه سهي سردي ۽ نه سهي گرمي، سو هاري ناري ۽ ڪڙمي ڪاسبي وري ڀڳا ساڳئي بزرگ پروهت وٽ ته: ”اي ڀلارا انسان، سڄي مهيني جي مسلسل مينهن هڻي فصل تباهه ۽ مال ماري ڇڏيا آهن. هاڻي ته جيئڻ ئي جنجال ٿي پيو آهي، ڀلائي ڪري ڪا دعا گهرو ته بارش بند ٿئي.“ هارين نارين ۽ ماڻهن جي اِها سقيم حالت ڏسي هن بزرگ وري به دعا گهرڻ جو سنباهو ڪيو. هن ڀيري هن ٽن ازدهن (Dragons) جون مورتيون تيار ڪرايون، جن کي مِزو دومي (Mizo Domie) (يعني پاڻي روڪ) جو نالو ڏنائين، پورهيت هارين کي چيو ته اهي، مروڊومي ازدهن جا نقاب منهن تي چاڙهي دهل ۽ توتاڙا وڄائي ناچ ڪن. هاري دهل ۽ توتاڙا وڄائي ناچ نچندا رهيا ۽ هي انهيءَ دوران دعائون گهرندو رهيو. ڏسندي ڏسندي آسمان صاف ٿي ويو. ڪارونڀار هٽي ويئي، بارش بس ٿي ويئي ۽ سج پوري آب تاب سان چمڪڻ لڳو. سارو لوڪ حيرت زده رهجي ويو ۽ هن آفت کان ڇوٽڪارو پائي سرهو ٿيڻ لڳو. انهيءَ واقعي جي ياد ۾ 17 جولاءِ تي هي ڏيهاڙو ملهايو ويندو آهي.
پراڻي زماني کان وٺي انسان مئلن جي روحن کي خوش رکڻ لاءِ ڀانت ڀانت جا نطريا رکندو ۽ مختلف رسمون بجا آڻيندو رهيو آهي، جيتوڻيڪ جديد سائنسي انڪشافن انهن ڳالهين کي وهم کان وڌيڪ ڪا به اهميت نه ڏني آهي، پر تڏهن به ابن ڏاڏن سان جذباتي وابستگي انهن رسمن کي قائم رکڻ لاءِ محرڪ طور ڪم ڪندي رهي آهي، دنيا جي مختلف قومن، مذهبن ۽ ڌرمن ۾ روح جي پرواز، روحن جي جاءِ رهائش ۽ روحن جي ڪار گذارين بابت ڪئين عجيب و غريب نطر يا هلندڙ آهن.
هندوئن ۾ روح يا آتما جي جسمن بدلائڻ جو عقيدو هلندڙ آهي. قديم مصرين ۾ مرده جسم ۾ ڪنهن به وقت روح جي داخل ٿيڻ جو عقيدو هو، غالباً انهي ڪري ئي قديم مصري لاشن کي دوائن ۽ مصالحن وسيلي محفوظ رکندا هئا ۽ مرندڙن سان گڏ سندن سازو سامان به دفن ڪندا هئا ته جڏهن مردو جيئرو ٿئي ته کيس استعمال جون سڀ شيون اڳواٽ ميسر هجن.
عيسائين، يهودين ۽ مسلمانن ۾ روحن جي عالم برزخ ۾ رهڻ جو عقيدو هلندڙ آهي. اهڙي ريت جپان جي ماڻهن ۾ جن جو تعلق ٻڌمت ۽ شنتومت سان آهي، اُنهن ۾ به روحن جي موجود رهڻ ۽ سيرو سفر جو عقيدو عام آهي. انهي سلسلي ۾ هو 13 جولاءِ کان 16 تاريخ تائين ياروُ ڪوني جنجا (Yarru Kuuni Jinja) ۾ رنگ ناچ وغيره جون تقريبون منعقد ڪندا آهن. اهي تقريبون گذريل جنگين دوران شهيد ٿيلن جي روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ ملهايون وينديون آهن. هنن جو عقيدو آهي ته مئلن جا روح پنهنجن دنياوي گهرن گهمڻ لاءِ 13 جولاءِ تي ايندا آهن ۽ 16 جولاءِ تي وري واپس ٻي جهان ڏانهن هليا ويندا آهن. شترائن ۾ هر شام 2500000 روحن لاءِ مذهبي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن ۽ امن لاءِ دعائون گهريون وينديون آهن. انهي تقريب کي چراغن جو تهوار به ڪري سڏبو آهي، هن تهوار ۾ هزارين ننڍا وڏا چراغ روشن رکيا ويندا آهن ته جيئن روح پنهنجن گهرن ڏانهن ايندي ۽ ٻي جهان ڏانهن موٽندي اوندداهين ۾ نه ڀٽڪن، هن ڏيهاڙي جون رنگا رنگ تقريبون جن ۾ رقص وسرود، نمائشون، ڪرتب، لوڪ ناچ وغيره هوندا آهن ڪافي دلچسپ ۽ وندرائيندڙ آهن.
3. موسم گرما جي دلچسپ رسمن مان هڪ رسم آهي تلاءُ يا ندي تي ڏيئا ٻرڻ. اسان وٽ سنڌ ۾ هندو سنڌوءَ تي هميشه ڏيئو ٻرندڙ رکندا هئا. انهن کي درياه پنٿي سڏيو ويندو آهي. ڀٽائي گهوٽ به انهي رسم جو ذڪر ڪيو آهي.
جپان ۾ پاڻيءَ تي ڏيئن تارڻ واري رسم کي تورو ناگاشي Toro Nagashi چئجي ٿو، رات جي ڪاراڻ ۾ جَر تي ترندڙ ۽ ٽمڪندڙ ڏيئن جي جوت جو ڏيک ڏور کان ڏاڍو رومانٽڪ لڳندو آهي. منگل جي سانجهيءَ مهل هزارين ٽمڪندڙ ڏيئا پاڻيءَ تي ترندا ۽ پاڻي ۾ اولڙا ٺاهيندا ڪنهن اڻ ڄاتي سفر تي ويندا نظر ايندا آهن. اِها تورو گاشي رسم ٻڌمت وارن جي پراڻي رسم آهي ۽ بون ڏيهاڙي سان هن جو واسطو آهي. ٻڌمت وارن جي عقيدي موجب بون (Bon) سال جو اهو ڏيهاڙو آهي، جڏهن هنن جي ابن ڏاڏن ۽ عزيزن قريبن جا روح پنهنجن وارثن سان ملڻ لاءِ زمين تي ايندا آهن، اهو ستين مهيني جو تيرهون ڏينهن هوندو آهي. عبادتگاهن ۾ قرباني جا خاص هنڌ جوڙيا ويندا آهن، جن تي آيل روحن لاءِ کاڌا خوراڪون، ميوا مٺايون ۽ شربت رکيا ويندا آهن. 16 تاريخ ارواح واپس وڃڻ شروع ڪندا آهن ۽ انهن جي راهه روشن رکڻ لاءِ پاڻي تي ڏيئا تاريا ويندا آهن. ڏيئا جن ٿالهين تي تاريا ويندا آهن انهن تي ڪجهه کاڌا ۽ ميوا به رکيا ويندا آهن ته جيئن ارواح واپسيءَ جي سفر دوران کائي سگهن. اهڙيءَ ريت اها رسم 16 تاريخ جي پڄاڻي سان اَنتَ تي ايندي آهي.