مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

تـــــرڪ ادب

توهان کي اسان جي ملڪ ۾ ته انگريزي، روسي ۽ فرينچ ادب جا هزارين ڪتاب ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ڪتاب گهرن توڙي ملڪ جي مکيه لائبررين ۾ ۽ ڪيترن ئي بڪ اسٽالن ۽ وڏن دڪانن تان ملي ويندا، پر اتان ترڪيءَ جي سلطانن، مولانا رومي يا ناظم حڪمت ۽ جديد ترڪيءَ جي بانيءَ مصطفيٰ ڪمال پاشا بابت چند ڪتابن کان سواءِ ترڪ ٻولي، ترڪ ادب، ترڪ سماج، ترڪ ثقافت توڙي ترڪ علوم ۽ فنون بابت ڪتاب خير ڪو ملندا. سو مون ۽ محبوب ڪوشش ڪري / ڏهاڪو کن ڪتابن جو ترڪ ادب بابت خريد ڪيو.آئون چاهيان ٿو ته ترڪ ادب جي باري ۾ پڙهندڙن سان به ڪجهه شيئر ڪريان.
ترڪ ادب سينه به سينه يعني سُگهڙن، چارڻن وغيره طرفان زباني طور حاڪمن توڙي قومي سورمن بابت بيان ڪيل معرڪن ۽ واقعن جي ڪهاڻين ۽ داستانن ۽ عثماني گهراڻي جي اقتدار دؤران ترڪ ٻوليءَ جي تبديل ٿيل جوڙجڪ ۾ لکيل نظم توڙي نثر تي مشتمل آهي. ترڪ ٻوليءَ جي انهيءَ بدليل صورت ۾ فارسي ۽ عربي ٻولين جا تمام گهڻا لفظ شامل هئا ۽ اها بدليل ترڪ ٻولي عربي۽ فارسي ٻولين جي گڏيل صورتخطيءَ ۾ لکي ويندي هئي. منگوليا جي اورهان واديءَ مان لڌل نقش ترڪ ٻوليءَ ۾ لکيل قديم ترين نسخا، تقريباً ٻارهن سؤ سال پراڻا يعني اٺين عيسوي صديءَ ۾ لکيل ڄاڻايا وڃن ٿا. تنهن کان پوءِ نائين ۽ يارهين عيسوي صديءَ جي وچ ۾ رزميه داستانن جُڙَڻ جي روايت، موجوده ترڪ قوم جي اصل ابن ڏاڏن، يعني وچ ايشيا جي منگول خانه بدوش قبيلن طرفان قائم ڪئي وئي. يارهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيل منز يڪرت واريءَ جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ بعد سلجوق يا اوگهز ترڪ قبيلن اناطوليه يعني موجوده ترڪيءَ ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ ترڪ ادب جي قديم روايتن سان گڏ فارسي ۽ عربي ادب جي صنفن موضوعن ۽ اسلوب کي اختيار ڪندي ترڪ ادب ۾ نواڻ پيدا ڪئي. بعد وارن تقريباً 900 سالن جي عرصي دؤران قديم ترڪ لوڪ ادب ۽ جديد ترڪ ادب، پنهنجي پنهنجي فني نرالائي برقرار رکڻ ڪارڻ، هڪٻئي کان الڳ سهيڙيو ويو، تان جو ان کي سن 1923ع ۾ ترڪيءَ جي عوامي جمهوري رياست جي قيام بعد ئي هڪٻئي سان گڏي سهيڙڻ شروع ڪيو ويو. قديم توڙي جديد ترڪ ادب جي نثر توڙي نظم جي موضوعن، جوڙجڪ، گهاڙيٽي، اسلوب، بحر ۽ وزن ۾ به نمايان فرق هو. ترڪ لوڪ شاعريءَ جي بنيادي ۽ مکيه صنف ”رُباعي“ هئي، جڏهن ته جديد شاعريءَ جي مکيه صنف بيت يا دوهو هو، جيڪو ٻن سٽن يا مِصرَعن تي مشتمل وقت جي مقبول عام شعر جو قسم هو. ترڪ لوڪ شاعري ۽ لوڪ موسيقيءَ جو پاڻ ۾ تمام گهرو تعلق آهي، ڇو ته اهي هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم عناصر آهن. يارهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ کان وٺي چوڏهين صديءَ جي اوائل جي درميان سلجوق گهراڻي جي دؤر حڪومت ۾ ترڪيءَ ۾ سرڪاري زبان ترڪي ٻولي نه پر فارسي زبان هئي. تيرهين عيسوي صديءَ دؤران سلطان علاؤالدين قيقباد جي درباري شاعر Dehhani دهانيءَ، سڀني تصنيفن واري ترڪي زبان ۾ فارسي زبان کي تمام وڏي پيماني تي ملايو. جڏهن چوڏهين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ وري عثماني سلطنت زور ورتو ته ان سان گڏ ترڪي ٻوليءَ ۾ فارسي ۽ عربي ٻولين جو ميلاپ ۽ اثر اڃا به وڌڻ لڳو. شاعريءَ ۾ به فارسي ۽ عربي ٻولين واريون صنفون مثلاً غزل مثنوي ۽ قصيدي تي گهڻي طبع آزمائي ٿيڻ لڳي ۽ فارسي ۽ عربي علم عروض (شاعريءَ جا اصول ۽ بحر) استعمال ٿيڻ لڳو. علم عروض جي تقاضا پوري ڪرڻ خاطر ترڪي ٻوليءَ ۾ فارسي ۽ عربي لفظن جو ايترو ته گهڻو تعداد استعمال ٿيڻ لڳو، جو ترڪي ٻوليءَ جي بنيادي ساخت ئي تبديل ٿيڻ لڳي. ترڪي ٻوليءَ جي انهيءَ بگڙيل صورت کي سلطنت عثمانيه جي جديد ترڪي ٻولي، جديد ادبي ٻولي، يا ديواني ادبيات سڏيندا هئا. ترڪ لوڪ شاعري ترڪ لوڪ موسيقيءَ ۾ ڳائبي هئي، تنهنڪري اها ترڪ عوام ۾ گهڻي مقبول ۽ تمام گهڻي ڳائي ويندي هئي. جڏهن ته جديد ترڪ عروضي شاعري ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ ڳائجڻ سبب اها فقط حاڪم طبقي جي وندر جو ذريعو ٿي رهجي وئي ۽ عوامي مقبوليت کان وانجهيل رهي. ترڪ لوڪ ادب جو بڻ بنياد وچ ايشيا جي خانه بدوش، چوپائي مال جي ڀاڳين يعني پاليل جانورن جو چارو ڳوليندڙ قبيلن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن تي مشتمل آهي، جيڪي سوين سالن جي ڪشالي ۽ هزارين ميل سفر ڪرڻ کان پوءِ ترڪي ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳا ۽ اڳوڻي طرز معاشرت به تبديل ڪرڻ لڳا. انهيءَ زماني جي هڪ مشهور لوڪ ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار يا هيرو، جنهن جو نالو Keloglan ڪيلوگِلان آهي، پڻس جي وفات بعد ڪٽنب سنڀالڻ ۾ ماڻس جو مددگار آهي، اهو پاڙيسرين جي معاندانه رَوَئِي سبب ۽ شاديءَ لاءِ زال جي ڳولا ۾ حيران ۽ پريشان آهي. هڪ ٻئي لوڪ داستان جو مکيه ڪردار ناصرالدين آهي، جيڪو ٻيا به مختلف ڪردار ادا ڪري ٿو. کيس حاضر جوابيءَ ۾ ملڪو حاصل آهي ۽ اعليٰ ظرافت جو پڻ حامل آهي. سندس استاد واري حيثيت ۾ ڪو ماڻهو کانئس ملم ٺاهڻ لاءِ چاليهه سال پراڻو سُرڪو طلبي ٿو ته ان جي هئڻ جي قبوليت ڪري ٿو پر ڏيڻ کان انڪار ۾ ظريفانه دليل ڏيندي چوي ٿو ته جيڪڏهن اهو توکي ڏيندس ته مون کي وري اهو چاليهن سالن کان پوءِ نصيب ٿيندو، تيستائين ڪير جيئندو! تنهنڪري اهو توکي ڪو نه ڏبو. ترڪ لوڪ موسيقيءَ تي صوفي عارفن ۽ شيعه مسلڪ جي عالمن جو گهرو اثر رهيو، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجن عقيدن، ارادن ۽ خيالن کي، مقبول عام لوڪ ڌنن ۽ گيتن جي اسلوب موجب پنهنجي شاعري وسيلي عوام ۾ مقبول بڻايو. انهيءَ دؤر جا اهم ۽ مشهور شاعر يونس عمر، سلطان وليد ۽ سيد حمزه هئا. موجوده ترڪيءَ جي حدن اندر تيرهين عيسوي صديءَ جي پوين حصي ۾ ڪرامان نالي هڪڙي طاقتور ريارست قائم هئي. ان رياست جي حاڪم Karamanoglu Mehmet Bey محمد بي ترڪي ٻوليءَ کي پنهنجي رياست جي سرڪاري ٻولي مقرر ڪيو. ترڪ لوڪ شاعريءَ کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. 1. ڪٽر مذهبي روايات جي حامل لوڪ شاعري، جيڪا شيعا توڙي سني عالمن جي زير اثر وڌي ويجهي. 2. مذهبي ڪٽر پڻي کان آزاد ۽ مجازي گداز تي مشتمل روايات واري لوڪ شاعري. هن قسم جي لوڪ شاعريءَ جي ميدان ۾ تمام ٿورا شاعر مشهور ٿيا، جهڙوڪ Koroglu ڪوروگِلُو، جيڪو سن 1606ع ۾ ڄائو ۽ 1689ع ۾ وفات ڪيائين؛ Dadaloglu دادا لوگِلُو، جيڪو سن 1785ع ۾ ڄائو 1868ع ۾ وفات ڪيائين. تنهن کان سواءِ ڪيترائي عاشق فقير ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر سير سفر ڪندا، ٻن ٽن تارُن وارن تنبوري جهڙن سازن تي مجازي ۽ عارفانه ڪلام مقبول لوڪ موسيقيءَ ۾ ڳائي پيا پنهنجو روح ريجهائيندا هئا ۽ ماڻهن کي به محضوظ ڪندا هئا. اُوڻيهَئين عيسوي صديءَ ۾ هن قسم جي لوڪ شاعري زوال جو شڪار ٿي، پر وري چند عارفن ۽ عاشقن، جهڙوڪ Veysel Satroglu ويصل جنم 1894ع، وفات 1973ع، Mahzuni Serif محضوني شريف جنم 1938ع وفات 2002ع، Neset Ertas نسد ارتاس جنم 1943ع وغيره انهي مجازي عارفانه لوڪ شاعري کي وري زنده ڪيو. هن شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ ڪٽر مذهبي ترڪ شاعري مختلف مذهبي فرقن جهڙوڪ شيعه ۽سني مسلڪ جي عالمن ۽ مذهبي تڪين ۽ گادين جي مُرشدن ۽ خليفن جي شاعري، گهڻي مقدار ۾ لکيل ۽ ڪتابي صورت ۾ هئي. هن قسم جي شاعرن ۾ يونس عمر جنم 1240ع وفات 1320ع، سليمان جليبي جنم 1422ع، جنهن ”وسيلت النجات“ عنوان سان هڪ طويل نظم لکيو، جيڪو اڃا تائين مقبول آهي، پر رسول ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن جي ولادت بابت لکيل سندس ”مولود شريف“ وڌيڪ مقبوليت ماڻي، Kaygusuz Abal ڪيغسُز عبدل جنم 1397ع، علوي / بقطشي ادب جو معمار سڏبو هو؛ ۽ پير سلطان عبدل جنم 1560ع وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. پير سلطان عبدل هن گروهه جي شاعرن جو اڳواڻ ليکيو ٿو وڃي.
ترڪ لوڪ داستان: ترڪي ٻولي لوڪ داستانن، لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن ۽ ظريفانه نقلن نظيرن ۾ بيحد شاهوڪار آهي. هن سلسلي ۾ ناصرالدين حقه جو نالو سڀني ڪردارن ۾ نشانبر آهي، جنهن سان ترڪي ٻوليءَ، تهذيب ۽ تمدن توڙي ترڪ ريتن رسمن بابت هزارين نقل، نظير، اصطلاح ۽ چوڻيون منسوب آهن. ترڪي ٻوليءَ ۾ کيس ناصرالدين ”حقه“ يعني ”استاد“ ناصرالدين سڏيندا آهن، ڇو ته هو ڏسڻ ۾ ڏڏ پر حقيقت ۾ اعليٰ ادراڪ ۽ باڪمال ظرف جو مالڪ شخص هو. لوڪ ادب جي هن قسم سان وابسته ڪردارن ۾ Bektashi بقطشي جو نالو به تمام مقبول رهيو آهي. هن جي ڪردار سان پڻ سوين ظريفانه نقل نظير ۽ تنقيدي چوڻيون منسوب آهن. ترڪ لوڪ داستاني ادب ۾ ٻيا ٻه نالا پڻ اهيمت جا حامل آهن. انهن مان هڪڙو Karagoz ڪرغوض، هڪ ٻالو ڀولو ڳوٺاڻو يعني ٻهراڙي ۾ رهندڙ شخص آهي، ۽ ٻيو Hacivat حَجِيوَت، هڪ هوشيار ۽ حرفتباز شهري ماڻهو آهي. هنن ڪردارن سان وابسته داستان موجب اهي ٻئي ڄڻا عثمانيه گهراڻي جي بانيءَ عثمان اول يا سندس جائنشين اورهان اول جي ڏينهن ۾ ڪنهن محل، يا بُرسا شهر ۾ ٺهندڙ مسجد جو ڪم ڪندڙ مزورن ۾ شامل هئا، پر ڳالهين جا ڳهير هئڻ ڪري، مزورن سان ڪچهريون ڪري اڏاوت جي ڪم ۾ کوٽيئپي جا مرتڪب بڻيا. تنهن ڪري بادشاهه کين قتل ڪرايو. پر ٿيو هينئن ته قتل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڪرامت ڏيکاريندي پنهنجون ڌڙن کان ڌار ٿيل سسيون خود پاڻ پنهنجي هٿن سان کڻي خبر ناهي ته ڪيڏانهن غائب ٿي ويا.

عثماني ادب

سلطنت عثمانيه جي سرپرستيءَ ۾ تخليق ٿيندڙ تقريباً سمورو ادب پنهنجي ساخت ۾ جديد ۽ اعليٰ قسم جو ادب آهي. ان جي نظم واري ڀاڱي يعني شاعريءَ ۾ فارسي ۽ عربي ادب وارين صنفن جو اضافو فارسي ۽ عربي عروض موجب وڏي پيماني تي ڪيو ويو، تنهن تخليقي عمل سبب ڪيترائي اصحاب ديوان شاعر پيدا ٿيا ۽ ڪامياب ويا، ڇاڪاڻ ته انهن کي سلطاني سرپرستي حاصل هئي. انهيءَ دؤر جي ديواني شاعريءَ، مذهبي، سماجي ۽ ثقافتي ريتن ۽ رسمن جي انعقاد واسطي هڪ مخصوص تخليقي روپ اختيار ڪيو، جنهن ۾ واضح اڪثريت فارسي صنفن جي هئڻ سبب انهيءَ بدليل ترڪ ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندڙ شاعريءَ ۾ سمورا فني اصول ۽ اسلوب پڻ فارسي عروض وارا اختيار ڪيا ويا. فارسي عروض جي گهُرجَ جي پورائي خاطر علامتون، تشبيهون، استعارا توڙي ٻيا فني اصطلاح، چوڻيون، نقل نظير وغيره پڻ فارسي لفظن سميت استعمال ۾ آندا ويا. ان کان سواءِ مذهبي ٻولي عربيءَ جا لفظ پڻ ڪثرت سان استعمال ٿيندا رهيا. اهڙيءَ ريت عثماني سلطنت جي سرپرستيءَ ۾ تخليق ٿيندڙ جديد ترڪ ادب جي ٻوليءَ واري ساخت يڪسر تبديل ٿي، روايتي خالص ترڪ ٻوليءَ کان مختلف ۽ نرالي صورت اختيار ڪري وئي. انهيءَ دؤر جي ديواني شاعريءَ ۾ صوفي خيالات ۽ روايات جو غلبو نمايان آهي. انهيءَ شاعريءَ ۾ الحاد ۽ نفساني اعمال جا عناصر پڻ ڪثرت سان موجود آهن. منجهس فارسي شاعريءَ وارو مجازي توڙي روحاني عشق، عاشق معشوق، بلبل ۽ گل، گلشن ۽ گلستان، سالڪ، درويش، ولي، زاهد، شيخ دين دنيا، خالق مخلوق، مالڪ، قادر ۽ ڪائنات جا تقريباً سمورا تمثيلي ڪردار پنهنجي سمورين جمالياتي خوبين ۽ خاصيتن سميت موجود آهن. ديواني شاعريءَ جي پنج سؤ ساله دؤر ۾ ترڪ ادب۾ فارسي دانيءَ جي مخالفت ڪندڙ ٻه شاعر ڄاڻايا وڃن ٿا. انهن مان هڪڙو آذربائيجاني نسيمي سن 1417ع ۾ پيدا ٿيو ۽ ٻيو، علي شير نوائي سن 1441ع ۾ ڄائو ۽ سن 1501ع ۾ وفات ڪئي. انهي دؤر جي سلطاني مراعات يافته شاعرن مان هڪڙو، ”فضلي“ اصل ترڪ نسل، وڏو عالم اديب ۽ شاعر هو. پاڻ سن 1483ع ۾ ڄائو ۽ سن 1556ع ۾ فوت ٿيو. هن جديد عثماني ساخت واري ترڪ ٻوليءَ کان سواءِ فارسي توڙي عربيءَ ۾ پڻ نظم توڙي نثر جا ڪيترائي ڪتاب لکيا. ”باقي“ نالي، سلطان سليمان عاليشان جي ايامڪاري ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو، اهو سن 1526ع ۾ ڄائو ۽ سن 1600ع ۾ وفات ڪيائين. Neji نيجي قصيدي ۽ هِجوِيه نظم جو تمام وڏو شاعر، سن 1570ع ۾ پيدا ٿيو، هِجوِيه ۽ تنقيدي شاعري ڪرڻ جي پاداش ۾ سن 1635ع ۾ حاڪمن طرفان قتل ڪيو ويو. Nabi نبي نالي عظيم شاعر سن 1642ع ۾ پيدا ٿيو. هن سلطنت عثمانيه طرفان سماجي چُرپُر تي لڳائيل بندش ۽ جمود خلاف بيباڪ شاعري ڪئي. هي عظيم انقلابي شاعر 1712ع ۾ گذاري ويو. Nedim نديم، عظيم انقلابي شاعر سن 1681ع ۾ ڄائو هو. هن پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾ آسان ۽ عوامي ٻولي استعمال ڪئي. هن سن 1730ع ۾ رحلت ڪئي. شيخ غالب، صوفي عالمن جي فرقي سان واسبته وڏو شاعر، سن 1757ع ۾ ڄائو. سندس شاعريءَ ۾ هندو شاعريءَ وارو اسلوب نمايان هو. هن سن 1799ع ۾ وفات ڪئي. ديواني ترڪ شاعري گهڻو ڪري غزل، قصيدي ۽ مثنوي جي صنفن تي مشتمل هئي.
عثماني دؤر جو نثري ادب: عثماني دؤر واري شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ انهيءَ دؤر واري نثري ادب ۾ ڪڏهن به ڪو خاطر خواهه سڌارو، واڌارو يا اوج حاصل نه ٿي سگهيو. هن دؤر واري نثر جي ساخت، نثر جي عربي اصول، ”سجع“ موافق رهي، جنهن تحت جملي جي اسم ۽ صفت جي وچ ۾ تُڪَ يا ڪافيو ڪم آڻيندا هئا، يعني نثر ۾ به تُڪَ بندي ڪندا هئا. خيالي يا تصواتي نثر جو هن دؤر ۾ ڪو مثال ڪونهي. البت معروضي نثر، جنهن ۾ تاريخ، سفرناما، سفارت ناما، سياست ناما، تذڪرا، مخطوطات يا ادبي خط ۽ مباحثا يا مناظرا وغيره لکيا ويا. تاريخدانن ۾ پندرهين صديءَ ۾ پيدا ٿيل ”عاشق پسازد“ ۽ سترهين صديءَ وارن ”ڪاتب جَليبي“ ۽ ”نائما“ جا نالا قابل ذڪر آهن. سفر ناما لکندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور نالو سترهين صديءَ واري سيلاني ”اويلاء جَلِيبي“ جو آهي. عثماني دؤر سلطنت ۾ مختلف سفيرن ۽ ايلچين، سندن سفارت جي تجربن ۽ تجزِيَن کي قلم بند ڪيو. انهن ۾ وڌيڪ اهميت جو حامل سفارتنامون سن 1718ع کان سن 1720ع تائين پيرس شهر ۾ فرانس جي شهنشاهه لوئس پندرهين جي درٻار ۾ عثماني سلطان طرفان مقرر ڪيل سفير، Yirmisekiz Mehmed Celebi محمد جَليبيءَ جي تجربن، تجزيئن ۽ سفر جي حالتن جي احوال تي مشتمل هڪ اهم ڪتاب آهي. انهيءَ وقت سياست نامن لکڻ جو رواج پڻ موجود هو، جن ۾ حڪومت جي ڪمن ڪارن جي منصوبا بندي، مختلف مسئلن جي هل لاءِ ڇنڊ ڇاڻ، قائدا قانون ۽ ڪمن جي ڍنگ بابت راءِ، صلاح ۽ مشورن کي ڪتابي صورت ڏني ويندي هئي. انهيءَ ڏِس ۾ سلجوق ترڪ بادشاهن الف ارسلان ۽ مالڪ شاهه اول جي قابل وزير نظامُ المُلڪ جو يارهين عيسوي صديءَ ۾ لکيل سياست نامون وڏي اهميت وارو آهي. عثماني نثري ادب ۾ تذڪرن واري صنف پڻ شامل آهي، جنهن ۾ ملڪ جي نامور هستين ۽ شَخصِيَتُن جي زندگين ۽ ڪارنامن جو احوال قلم بند ڪيو ويو آهي. لطيفي ۽ عاشق جَليبي جي گڏيل تصنيف ۾ سورهين عيسوي صديءَ جي نامور شاعرن جي سوانح عمرين سان گڏ سندن مثالي ڪلام شامل ڪيل آهن. تنهن کان سواءِ انهيءَ دؤر ۾ مغربي مصنفن کان متاثر ٿي خطن، پيغامن وغيره کي پڻ ڪتابي شڪل ڏني وئي، جن کي ”مَنشآت“ (خطن، رقعن ۽ پيغامن جو مجموعو) سڏڻ لڳا. مذهب، منطق، فلسفي، دهر، مادو ۽ ٻين طبعي علمن بابت مباحثي يا مذاڪري جي مجموعن کي ڪتابي صورت ڏيئي، ان کي ”مناظره“ ڪوٺيو ويو.

اُوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ ۾ ترڪ ادب تي مغربي ادب جو اثر.

اُوڻِيهَئين عيسوي صديءَ جي شروعات تائين ترڪيءَ جي عثماني سلطنت مرڻينگ ٿي وئي هئي. کيس بچائڻ لاءِ لشڪر جان نثاران پنهنجي حال سارو وڏيون قربانيون ڏنيون، پر سلطان محمود ثاني سن 1826ع ۾ لشڪر جان نثاران ٽوڙي ڇڏيو، اهڙيءَ ريت سلطنت جي امور ۾ اصلاحات جي عمل جي شروعات ٿي ته ان سان گڏ تُرڪ ادب ۾ پڻ چُر پُر ۽ تبديليءَ جو آغاز ٿيو، جيڪو ترڪ ٻوليءَ ۾ سڌارو آڻڻ ۽ نئين فني ۽ فڪري اصناف جي تعارف سان عمل ۾ آيو. ٻوليءَ ۽ ادب ۾ سڌارن جي علمبردار ضيا پاشا جو بيان هو ته ”اسان جي ٻولي عثماني نه پر ترڪي آهي، غزل ۽ قصيدو وغيره ڌاريون صنفون آهن. اسان کي پنهنجون اصلي نظم توڙي نثر واريون صنفون ۽ فني اسلوب اپنائڻ گهرجن ۽ اهي ضرور ڪتب آڻجن ته جيئن پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي ڌارين ادبيات جي حملن کان بچائي ۽ قائم رکي سگهون. سمورن تُرڪ عالمن ۽ اديبن کي اپيل ٿو ڪريان ته پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ خاطر اچو ته گڏجي جدوجهد ڪريون.“ انهيءَ دؤران ترڪ ادب ۾ جديد مغربي صنفون، ناول ۽ مختصر ڪهاڻي متعارف ٿيون. اهو رجحان سلطان عبدالعزيز جي وزير اعظم، يوسف ڪامل پاشا سن 1691ع ۾ هڪ فرينچ ناول جو عثماني ترڪ ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪرڻ سان شروع ڪيو. ترڪي ٻوليءَ ۾ پهريون طبع زاد ناول، ”سمستن سامي“ نالي ليکڪ سن 1872 ۾ ”تعشق، طلعت و فطنت“ عنوان سان لکي شايع ڪرايو. سن 1854ع کان 1856ع تائين هلندڙ ڪِرائميا واري جنگ کان پوءِ ترڪيءَ جا فرانس سان ناتا وڌيڪ گهرا ٿيڻ سان، فرينچ ادب جو ترڪ ادب تي اثر ٿيڻ شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. سن 1876ع ۾ مشهرو شاعر، نامڪ ڪمال، ”انتباه“ جي عنوان سان ناول لکيو. اهڙيءَ ريت اُوڻِيهَئين صديءَ جي هڪ صحافيءَ، جنهن جو نالو سناسي هو، تنهن ”شاعر جي شادي“ جي عنوان تحت پهريون، جديد، هڪ ايڪِٽ وارو مزاحيه ڊرامون سن 1861ع ۾ لکيو. انهيءَ زماني ۾ احمد مدهت افنديءَ ڪيترائي ناول لکيا، جن ۾ ”حسن ملاح يا خود سر ايچيڪده اسرار“، ”اسرار ۾ اسرار“ ۽ ”سترهن ساله ڳڀرو“ قابل ذڪر آهن.

وِيهَئين عيسوي صدي جي اوائل وارو ترڪ ادب.

سن 1896ع ۽ سن 1923ع ۾ ترڪ رِيپَبلِڪ قائم ٿيڻ جي وچ واري عرصي ۾ ترڪ ادب ۾ سلسليوار ٽي اصلاحي تحريڪون وجود ۾ آيون: 1. جديد ادبيات، 2. فَجرِ مستقبل ۽ 3. ملي ادبيات. ترڪيءَ ۾ ”جديد ادبيات“ نالي ادبي تحريڪ، سن 1891ع ۾ ”ثروَت فنون“ رسالي جي اشاعت سان شروع ٿي. ان تحريڪ جو روح روان، ”توفيق فڪرت“، مشهور ليکڪ هو. شاعرن مان، جناب شهاب الدين ۽ نثر نويسن مان هالت ضياء، اُشاڪِليگِل ۽ محمد رئوف ساڻس شامل هئا. سن 1909ع ۾ ”ادبيات و حقوق“ عنوان هيٺ هڪڙو ليک ”ثروت فنون“ رسالي ۾ ڇپجڻ سبب، سلطان عبدالحميد ثانيءَ جي سرڪار پاران بندش وجهڻ سبب، رسالو ڇهن مهينن تائين ڇپجڻ بند ٿيو، پر پوءِ وري به شائع ٿيڻ لڳو.
”فجرِ مُستَقبلِ“ نالي ادبي تحريڪ: هن کان اڳ ۾ شروع ڪيل ”جديد ادبيات“ نالي تحريڪ جي باني اديبن سن 1910ع ۾ سندن منتشر ٿيل ادبي تحريڪ کي بدليل حالتن موجب وڌيڪ فعال بنائڻ خاطر ان کي مٿي ڏنل نئون نالو ڏنو ۽ پنهنجي منشور ۾ ”ادبي تخليق شخصي ۽ مُقدس آهي“ جي اصول تي زور ڏنو. واضح منشور نه هئڻ ۽ گهربل جدوجهد جي فقدان سبب، هي ادبي تحريڪ به منتشر ٿي وئي. انهيءَ دؤر جي شاعريءَ ۾ احمد هاشم ڪامياب شاعر ۽ نثر ۾ يعقوب قادري ڪامياب اديب جي حيثيت سان مشهور ٿيا.

ملي ادبيات تحريڪ

سن 1908ع ۾ سلطان عبدالحميد ثانيءَ آئيني حڪومت جوڙي، جيڪا پارليامينٽ چونڊائي، تنهن ۾ واضح اڪثريت انهن قومپرست نوجوانن جي هئي جن پوءِ ترڪ قوم ۽ ترڪ رياست جي آزاديءَ واري تحريڪ هلائي، انهيءَ دؤر ۾ سِرجَندڙ ترڪ ادب ۾ قومي وحدت ۽ قومي آزاديءَ وارو رجحان نمايان ٿيڻ لڳو ۽ اهو ترڪ قومي ادب سڏجڻ لڳو. تُرڪ ادب مان عثماني ساخت وارن ڌارين عنصرن جي ڇنڊڇاڻ پڻ شروع ٿي. هن تحريڪ جو مکيه رسالو ”گنج قلملر“ يعني ”نوجوان ليکڪ“ هو، اهو سن 1911ع ۾ سيلانڪ شهر مان شائع ٿيڻ لڳو. هن ملي ادبيات تحريڪ جا روح روان ضياء گو ڪلپ، سماجيات جو دانشور عمر سيفتين ۽ هڪ شاعر علي جانب يونتم هئا. هن تحريڪ جو مکيه مقصد ترڪي ٻوليءَ مان ڌارين لفظن ۽ فضول صنفن کي خارج ڪري، ان کي خالص ترڪ قوم جي نرالي مادري ۽ اباڻي ٻولي بنائڻ هو.

آزادي کان پوءِوارو ترڪ ادب

پهرين عالمي لڙائيءَ ۾ هارائڻ سبب عثماني سلطنت ٽٽي تباهه ٿي وئي، تنهنڪري ترڪ قومپرستن ترڪيءَ جي قومي آزاديءَ جي بانيءَ مصطفيٰ ڪمال پاشا جي اڳواڻيءَ ۾ قومي آزاديءَ جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ سن 1923ع ۾ ڌارين فوجن ۽ حاڪمن کي نيڪالي ڏئي هڪ آزاد وطن ۾ رعيتي راڄ قائم ڪيو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ مذڪور ادبي تحريڪ به شامل هئي، تنهنڪري ان تي پڻ انقلاب ۽ آزاديءَ جو اثر ٿيو ۽ ملي ادبيات واري تحريڪ ۾ فطرت پسنديءَ ۽ حقيقت پسنديءَ وارا رُجحان حاوي رهيا. يعقوب قادري Wilds يعني ”وحشي“ عنوان سان قومي ۽ سماجي صورتحال بابت سن 1932ع ۾ ناول لکيو، جيڪو مذڪور رُجحانن جو مظهر هو. سماجي حقيقت پسنديءَ واري ادبي تحريڪ جو مکيه نمائندو، مختصر ڪهاڻيون لکندڙ مشهور اديب سائت فائق هو، جنهن استنبول شهر جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي صورتحال کي ڪهاڻين ۾ حقيقي طور پيش ڪيو. انهيءَ کان پوءِ هڪ ڪتاب ”وليج ناول“ ۾ ترڪيءَ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ جي تهذيب، ثقافت ۽ انهن ماڻهن جي حقيقي مسئلن جي اپٽار ڪئي وئي. هن ادبي رجحان وارن اديبن ۾ ڪمال طاهر، اورهان ڪمال ۽ ياسر ڪمال مکيه ڪردار ادا ڪندڙ هئا. ياسر ڪمال پنهنجي ادبي تخليقات کان سواءِ سياسي طور کاٻي ڌر سان واڳيل هئڻ سبب، پرڏيهه ۾ پڻ وڏي شهرت ۽ عزت ماڻي. طنزيه ۽ حِجِوِيه ڪهاڻي ڪارن ۾ عزيز نِسَن ۽ رِفعَت اِنگاز جا نالا سر فهرست آهن. اورهان پامڪ سن 2006ع ۾ ادب جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. وقت گذرڻ سان گڏ ترڪ ادبيات ۾ پڻ مسلسل تبديليون رونما ٿينديون رهيون. مضمون نگار، ناول نگار ۽ شاعر جي حيثيت ۾، احمد حمدي تنپنار تمام گهڻو ادبي پورهيو ڪيو. ان جي برعڪس Ogus Atay اوگس اَتي وجوديت جو حامي يعني ماده پرست ۽ جِدَت پسند اديب جي حيثيت ۾ سماجي صورتحال کي وڌيڪ وائکو ڪيو. سندس ٻه ناول، ”گُڊ فار نَٿِنگ“ ۽ ”مَينِ اِن اي وائيٽ ڪوٽ“ انهي حقيقت جا واضح مثال آهن. ٻئي طرف اونات ڪُتلر جي ڪهاڻين ۾ صوفيانه، ساحرانه ۽ ٻارن جي حقيقي مزاج جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو اهي. جديد ادبيات ۾ عدالت اگائوگِلُو 1930ع ۽ 1987ع درميان جديد ترڪي رياست ۽ ترڪ قوم جي سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي تبديلين کي پنهنجن ٽن ناولن ۾ڪاميابيءَ سان اُجاگر ڪري، هڪ داناء اديبه عورت طور سچي ساک ۽ عزت حاصل ڪئي. آزاديءَ کان پوءِترڪ شاعريءَ ۾ به جديد رُجحان پيدا ٿيا، پر احمد هاشم ۽ يحيٰ ڪمال بياتلي گهڻي ڀاڱي عثماني ادبيات وارن رُجحانن ۽ روايتن موافق شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪندا رهيا، جڏهن ته آزاديءَ کان پوءِ به شاعرن جي واضح اڪثريت حب الوطن، قومي ٻولي ۽ لوڪ شاعريءَ وارا عناصر ۽ رجحان ڪتب پئي آندا. اهي موضوع ملي ادبي تحريڪ مان ڦٽي نڪتا هئا. انهن ۾ روايتي لوڪ شاعريءَ وارا گهاڙيٽا ڪافيا ۽ اسلوب اختيار ڪيا ويا. ناطم حڪمت ران، ترڪي جي قومي آزاديءَ واري تحريڪ دؤران روس ۾ شاگرد جي حيثيت ۾ رهيل هو. اُتي هڪ آزاد طبع شاعر، وِلادِيمِير مايا ڪو فسڪيءَ کان متاثر ٿي، ترڪيءَ ۾ ان وقت سڀني مُرَوِج ادبي رجحانن کي ترڪ ڪري، نئين مغربي صنف ”جديد آزاد نظم“ تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳو ۽ ترڪ زبان ۾ پهريون آزاد نظم ”هنگريءَ جا شاگرد“ عنوان تحت لکيو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪميونزم جي افڪار جو بيباڪيءَ سان اظهار ڪيو، تنهن سبب کيس ڪيترا سال قيد ڪاٽڻو پيو. ترڪيءَ جي قومي آزاديءَ کان ڪافي سال پوءِ سن 1941ع ۾ ”ڌاريو“ عنوان هيٺ چند نظمن تي مشتمل هڪ ڪتابچي جي اشاعت سبب، ترڪ شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ٿيو.