شاعر آهي سڃو جبل
شاعر کي وقت جي پرلاءَ کي جهٽڻو آهي، آهٽن کي به وندرائڻو آهي، منهنجي آڱر پڪڙ ته مان توکي هلڻ سيکاريان، ڪري نه پئه، اکيون جاءِ رک.
سڀ اُفق عَرش تارا ڏسڻ ۾ اَچن
پتڪڙو ٽُنگ، اَکِ جي دَري ڪيتريِ
اُس ساڳي کڻي، اڄ به پهتس وري
مُرڪ تنهنجي ڏسي، دل ڀِني ڪيتريِ
ڳالهه ۾ ڪجهه نه هو، پر وَڳي ڪيتريِ
هر گهٽي خوف کان ٿي ڏڪي ڪيتريِ
غزل کي سڀ رنگ آهن، ٽي شعر، ٽي ڀاو-چتر، سڀ اسان جي آس پاس پکڙيا پيا آهن. گل ڦل ڪيترا آهن، سوُنهن سڏ ٿي ڪري، سُرهاڻ ته آهي چِلولي نينگر. شاعري ماڻڻ ۽ سوچڻ جو درشن آهي. پاٺڪ به پاڻ کي ڪڏهن ڇُهي ڏسي.
هاڻ گوُنگو به بڙبڙيو ٿي پيو
زخم شايد سندس ڇُٽو ڪونهي
کِلَ ڏڪايو وجود ساري کي
ايترو لطف اوتبو ڪونهي
لطف جي ڳالهه ڪيون يا اوتڻ جي، گونگو شاعر جهڙو، بڙبڙيو مون جهڙو، زخم توهان جو ڇُٽو هجي ته ٻڌائجو، نه ڪنهن کي به ٻڌائجو نه، وري ڪنهن اک جي نوڪ آر پار هوُندَوَ، نه ڀائي اک جو زمانو ويو، خنجر هجي سو به تيز تکو چمڪڻو هجي.
لفظ اهڙو چُڀيو
فاصلا ٿي وَيا
مون چيو سچ جڏهن
سڀ خفا ٿي وَيا
لفظ جون ڪُنڊون پاسا چُڀندا هلندا، ٽهڪڙا به ڏيندا، رُسندا پَرچندا به، تڏهن ته پنڌ سؤلو ٿيندو. سچ ڪڏهن به نه چئجي، ٻيا به ڪيترا ئي سر آلاپ آهن، جن ۾ گهڻي سمجهه آهي. سچ جي وياکيا ڪڏهن ڪنهن به ڪئي ڪانهي. سچ ٺڳ آهي، فريب آهي، ٻهروپ به آهي، چهرا بدلائيندو هلندو، سڃاڻپ ۾ ڪڏهن به نه ايندو، پنهنجو فائدو ڳولهيندو.
ٿوُهرن جا هتي سلا اُڀريا
مون هُئي پوکَ پيار جي پوکي
لهر کي جي وڃان ٿو پڪڙڻ مان
هٿ ۾ رهجي وڃي رڳو ريتي
لهر ۽ ريتي، ڇهاو آهن ريشمي. شاعر جو مشاهدو، اورڻ جو سليقو لذيذ آهي، سواد ماڻي وٺون. مان به توهان سان گڏ “هون، هان ” ڪندو ٿو هلان.
اسان جي سنڌي شاعري، شاههَ سائينءَ جي رمز ۽ سمجهه واري، هاڻي رهي ڪانهي، اها لاجواب هئي، اهو ٻيو زمانو هو، بيت، وايون، ڪافيون، ٻه چار ڇهه اٺ سٽون، تڏهن به ان ڪلام کي Classical Poetry ٿا چئون، اوائلي چئون يا لاجواب چئون، ان دؤر جي عام لهجي ۾، ان وقت اها سَرل ۽ سَهج هئي. ڏسڻ ويهنداسين ته چهرو، ويس، رنگ روپ گهڻو الڳ. ان وقت سنڌي ٻولي ئي ڪا ٻي هئي، جنهن کي اسان سمجهون به ڪٿي ٿا. اهو آهي وقت جو پنڌ. ورهاڱي وقت جي سنڌي به، اڄ ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ واري سنڌيءَ کان ڪيتري نه ٻي هئي. ايتري ۾ ايترو بدلاءُ، بدلاءَ کي سمجهڻو آهي، بدلاءُ وهڪرو آهي، ان وهڪري اڄ به سنڌي ٻوليءَ کي سگهارو بڻائي رکيو آهي. روز روز بدلاءُ، نئين نئين سگهه، سوچ ۽ سمجهه. منهن مُهانڊا به نوان نوان. هر ڪنهن رَهنڊ کي، دڙڪي کي جذب ڪري ٿا وٺون، پر الائي ڪنهن جي لاءِ، سؤ سينگار ڪيون، ڏسڻ وارو ڪو به ڪونهي. ڪارن وارن ۾ موتيي جي گلن جي ويڻي پر ڪنهن به اک کي فرصت ڪانهي، هڪڙي سِٽَ پڙهڻ وارو ڪير به ڪونهي. شاعر دوها لکيا آهن، ڪبير وارا آهن. ڪبير به جيڪر ريس ڪري، اهڙا آهن. اک آلي ڪانهي ته آٿت به ڪونهي.
هر مؤسم آئي وئي، سيءَ اونهارا مينهنَ
حال نه پر ويهي ونڊيو، ڪڏهن رات سان ڏينهنَ
سکو نڪا سيسا ملي، ڏڻ هو چيٽي چنڊُ
پئسن تي پاڻي مليو، ڏٺم وڏو پاکنڊُ
پنهنجون پنهنجون جدولوُن، ضرب، ونڊ، ڪٽ، جوڙَ
اڄ هر ڪنهن انسان کي، وڏي ٿيڻ جي لوڙَ
تنهائي آئي کڻي، کِن کِن جا انبارَ
پر سڀني جو ذائقو، هو هڪ ٻئي کان ڌارَ
“ مين مين ” ڏوهاري بڻي، ڪاتيءَ مليو نه ڏوههُ
تڏهن ڄيٺ کان گرم ٿو، لڳي مهينو پوههُ
دوهو اوائلي شاعريءَ جو سِرُ اونچو ڪري گهمندڙ نمونو آهي، اڄ به دوهو ڪيترا چِتِرَ اُڻي ٿو وٺي، هرڪو رنگ ريکائن ۾ ڀري ٿو سگهي.ڪوي به اهڙي جهڙي ڏٻري انسان جي اکين ۾ ڪو پاڇو، ڪو درد، ڪو فهم ڏسي ٿو وٺي. دوهو آهي ٻن سِٽِنُ جو.پاڻ ۾ پورڻ ويچارُ. پر هيءُ ڏيڍ سٽ وارو لنگڙو به ڏسون، چَونِ ان کي ٽيڙو، اصل ته جاپان جي شاعريءَ جو “ هائڪو ” آهي. کيمن کي به پڙهون:
چؤنڪ تي گپاگيههَ
هڪڙو سِرَ تي سجُ تتلُ
ٻي ماڻهن جي پيِهه
ڏس ڏاتر جي جوڙَ
ڪوتا سان گڏ ٿو وِهان
مڇر مڙندا کوڙَ
من موهيندڙ مرڪَ
فوٽو ڏسندي اکِ ٽِميِ
قرب ڏنا ڪجهه لڙڪَ
سهڻو سانت تلاءُ
ڏس ڪئن گد گد ٿو ٿئي
لڳي جڏهن ٿو واءُ
ٻاهر ڪاري ٻاٽ
اندر ۾ چمڪڻ لڳيِ
جهيڻي جهيڻي لاٽ َ
ڪو عڪس، ڪو اولڙو، ڪو چمڪاٽ، ڪا چُڀ چُڀ، ضرور محسوس ڪندا، جيئڻ جا پاڇولا اکين سان ڳالهائيندا ٿا هلن، هڪ کن لاءِ ڪا Freshness تازگي محسوس ٿا ڪيون. ماترڪ ڇند جا ڄاڻندڙ، دوهي ۽ ٽيڙوءَ جي بناوتَ کان به جهٽ واقف ٿي ويندا، بيتُ ۽ سورٺو به ساڳيي ئي پريوار جا آهن. ڪوي پنهنجا لڳاءَ اسان سان اوريندو ٿو هلي، پاٺڪ پنهنجي سڀاءَ سان آهي، منهن به مٿي نٿو کڻي، هيءَ قيمتي هيرا جواهر آهن، توهان کي نه گهرجن زور ڪونهي. شاهه سائينءَ وايون به لکيون آهن. وائي بهClassical Poetry ، آڳاٽي شاعريءَ ۾ ڳڻجي ٿي. هن شاعر کي به پڙهون.
جهولي ڦهلائي،
رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
بادل اکڙين ۾ کڻي، بوندون برسائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
ڪانڊيرن جي رَهِنڊَ کي، سيني سان لائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
سّناٽي جي روح کي، اک سان پرچائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
تارن جي ٽم ٽم ڏسي، دل کي سمجهائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
من جي ساڃهه کي ڇُهي، ٿورو ٻاڏائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
لفظ لفظ تي هٻڪندي، توري ڳالهائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
هڪ رات رهي ته هِري، پوءِ وڃي ڇو ٿي، پر جڏهن رهي نه، شاعر ست راتيون رهڻ لاءِ ٿو چوي، هڪ هڪ رات جو پرلاءُ ڪو ٻيو ٻيو آهي، سواد ئي الڳ. جيڪا چکي سا چري. شاهه جي ڪونروءَ، ليلا کان هڪ رات گهري ورتي، هڪ ئي گهڻي ٿي، تڏهن ته اسان جي زبان تي شاهه ئي شاهه آهي. وائي آهي دل جي ڳالهه، ڪندي هرڪو هٻڪندو آهي، سمجهڻ وارو ته سمجهي وڃي، پوءِ وڃي ڪٿي جو ڪٿي پهچي. ڏاڏي چوي، ‘وائي ته چڱي ڪڍ’، ڪڏهن چوي، ‘ تنهنجي وائي پئي ٿي هلي ئي هلي’. محبوبا چوي، ‘وائي تنهنجي وات’ بس تنهنجيون ئي ڳالهيون آهن، ننڊ ڪانهي، هڄي پيئي آهيان.
وائي آهي چريي جيان وائڻ. ڪوي پنهنجي فن جي اُتاهين تي آهي، سٽ سٽ سان سور آهي، ڪو پور آهي، اُڌما احساس اهڙا به آهن جيڪي اڄ جي شخص جي رَهنڊ کي، سناٽي کي آڪار ڏيئي ٿا وڃن. وائي آهي گيت جو نمونو، ڳائڻ جي چيز پر لکڻ سئلي ڪانهي. ڪنهن ڪنهن شاعر ئي اڄ جي اٻاڻڪي دؤر جا چٽ چٽيا آهن، شاهه جي دؤر جي مهانڊي کان الڳ آهن. ڀيٽ نه ڪنداسين، پر وقت جي اُنڌ مانڌ ۽ دانهن ڪوُڪ کي پرکڻ چاهينداسين. هڪڙي ٻي وائي به گڏجي ڳائي ٿا وٺون :
حال آئين پُڇڻ، لکّ ٿورا مڃون،
ڳالهه ڪهڙي ڪيون.
تون اچين ٿو جڏهن، ڇانوَ سِر تي ڏِسوُن- ڳالهه ڪهڙي ڪيون.
مند موٽي نٿي، سونهن لءِ پيا سڪون- ڳالهه ڪهڙي ڪيون
سج تپائي بدن، چنڊ جون حرڪتون- ڳالهه ڪهڙي ڪيون
بندش جي سادگي ۽ سرلتا Smoothness شاعريءَ جون مکيه Plus Points
آهن، ٻئي وايون، پنهنجيءَ جوڙجڪ سان، ڏاڍيون سهج ڀاو سان نهارين ٿيون. پهرين وائي ماترڪ ڇند تي آهي ته ٻي علم عروض جي وزن تي آهي، ڪٿي به پڙهندڙ لاءِ هٻڪ هٽڪ نه آهي. اڳ وائي لکندڙ صرف ماترڪ ڇند تي لکندا هئا، شاعر جي سٻاجهائي سٺي ٿي لڳي.
وري موٽي هلون ٿا غزل ڏي. غزل اڄ سنڌي ساهتيه جو لوڪ ساهتيه بڻجي پيو آهي، غزل ئي گهڻي ۾ گهڻو لکيو پيو وڃي. غزل آهي ايران جي ڌرتيءَ جوعاشقيه ورثو. عشق ڪڏهن به پراڻو ٿئي ڪونه. ڏاڏي به ڪري ته پوٽي به اها ئي اَڍَ وٺي هلي. دنيا جو هرڪو استري پرش ڪري ٿو، ڀلي پوءِ پيار چئو، محبت چئو يا ٻيو نالو ڏيو. ٻه جنسون هونءَ هڪ ٻئي کي پنهنجو ڇو سمجهنديون. ڪو ته لزلزو ذائقو آهي. عشق آهي ته آوارگي به آهي. خوش-آمديد ٿا چئون. انيڪ داستان آهن. وفائون، بي وفائون، الزام، تهمتون، سزائون. ڪيترا سهڻا سهڻا خوشبوءِ دار گل پن ٽڙندا رهندا آهن هر ڪنهن آڳنڌ ۾. ڏسون ته هن شاعر وٽ ڪهڙا تِرورا آهن.
زندگي ڄڻ ته ڪائي طوائف لڳي
وقت توکي اچي ٿو نچڻ ئي نچڻ
هَلُ هلي ٿا هوا سان رکون دوستي
ٿو وڻي هاڻ هِتِ هُتِ رُلڻ ئي رلڻ
آرسيءَ کي اکين اڄ چئي ئي ڏنو
اِئن وڻي ڪونه مون ڏي ڏسڻ ئي ڏسڻ
هاڻي سائين اهڙي عشق مان ته لطف نه آيو، ڳالهه صرف آرسيءَ تائين رهجي ويئي.
ڏس ستارن جي جهلمل، اکيون ٿا ڀڃن
کڙکٻيتو تون مُٺِ ۾ جهَلي ٿو رکين
ڳالهه منهنجي ٻڌي اَڻ ٻڌي تون نه ڪر
واٽَ هيءَ ڇيڳري ڏس نه اُلجهي پوين
رات جي ڳالهه ڪري ڪونه ٿو، واٽ تي ئي ديدار درشن ڪري ٿو وٺي. هيءُ دؤر، بدمزاج زمانو، پيار جو پرلاءُ ڪيئن ٻڌي، ٻيون به ڪيتريون زحمتون آهن، نفرتون ملامتون آهن جو محبتون نه جهڙيون ٿي پيون آهن.
هو وڏو آسرو هن هوا جو مگر
اڄ ڇَپر کي اڏائي وئي موُرڳو
ٿي چيائون سٺا ڏينهن ايندا وري
دال آهي مهانگي بڻي مورڳو
شاعر عام انسان جو سهڪڻ، ڊوڙڻ ڏسي، يا مٿي آسمان ۾ اڏامي، روٽي ايمان آهي، ڇَپَرُ اَجهو آهي.
هل سنڀالي شهر مان رولوُ هوا
اڀّ اک ڪرڙي ڪري بيٺو ڏسي
ڪا پرولي ٿو غزل منهنجو لڳي
وقت ڀي تنهن کي سَلي جيڪر سگهي
شاعر سڃي جبل جيان آهي، نه وڻ نه ٽڻ، تڏهن به سج جي لالاڻ جي سرهي سرهي هير، سنهڙا سنهڙا گلابي ترورا، هوائن تي ترندا اچن. ڏينهن سڄو تتل، شام تائين ته ڏانهس اک به نه کڻي سگهه، سنجها ٿئي ته سيتل لهرون، سونهري رنگ پکڙجي وڃن، رات جو ڏاڍو سيءُ ، نه ماڻهون نه ڇيڻو، ته به اٻاڻڪائي ڪانهي. چنڊ اجهو ٿو ڏسجي، ڪڏهن سَنهڙو ته ڪڏهن ڳَچُ. چاندني رات ۾ اَلائي ڪٿان ڪٿان ساز آلاپ پيا ٻڌجن. بانسري به، ته چنگُ به، رڳ رڳ ۾ پيهي وڃن. برساتيون اچن ته نديون نالا، وهڪرا، چراگاهه، جبل سڄو سائو مخملي. ماٿرين ۾ ماڻهو خوش، اَن اپجي ته نؤورني سينڌ سنواري، ڍول وڄي ته رئو پائي پيئي انگ ڍڪي، من پيو نچي.
شاعر ڏسڻ سيکاري ٿو، سمجهه سوچ ته هر ڪنهن جي پنهنجي. البت توهان کي چهنڊڙي پائيندو، ڪتڪتائي به ڪندو، اک کوليو ته پاڻ کي به پروڙيو.
صبح ٽڙيو هڪ گل ڪوُنڊيءَ ۾
مهڪڻ سارو لڳو وِرانڊو
هر آهٽ وٽ هوندو آهي
پنهنجو پنهنجو الڳ مُهانڊو
کيمن هڪ شاعر آهي، پر ڪم هن جا انيڪ آهن. ٻارن جو ساهتيه به لکي ته ترجما به ڪري. سنڌي ڪتابن جا هنديءَ ۾ ۽ هندي ڪتابن جا سنڌيءَ ۾. ترجمو ڪرڻ اڻانگو اؤکو ڪم آهي. هن پاڻ کي ورهائي ڇڏيو آهي. ايترا گدرا هٿن ۾ ڇو کڻجن، اوُڻايون رهجي ٿيون وڃن. ڪا به رچنا بنا ڪنهن اوڻائيءَ جي هجي، اهو به وري ممڪن ڪونهي. اوڻائيءَ کي وري رچنا جي سونهن به ليکيندا آهن. وک کڻندا ته ٿاٻو به ايندو ئي ايندو. ساهتڪار جو گهر ته ٽڙيو پکڙيو ئي پيو هوندو آهي.
سندس هيءُ مجموعو “جيءَ ۾ ٽانڊا” شاعريءَ جو پنجون مجموعو آهي، ان ۾ غزل به آهن، ٽيڙو، دوها ۽ وايون به آهن. پڙهندا ته توهان کي لڄ شرم ڪرڻ به سيکاريندو. ايترو ته گهڻو ليکبو.
سارو جڳ منزل ڳولهي
ڪيسين ويٺو رهندين، هلُ
سمهيس ته من ڪا ننڊ اچي
پر هي منهنجو من چنچلُ
شهر ئي ملهه جيئڻ جو ڄاڻي ٿو،
ڪيترا ئي هنر سکي سگهندين
ڪجهه کِلونا نوان به آڻين ها
ٻارڙن سان ڪِٿي پُڄي سگهندين
- ارجن حاسد
2016-5-12