شاعري

نديءَ۾نهارون

هي ڪتاب خوبصورت شاعر ربڏنو خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ربڏني جي شاعري جو پنهنجو اسلوب ۽ ڊڪشن آهي. هن جي ٻولي ۾ لاڙ جي چانورن جهڙو هڳاءُ به آهي ۽ واهوندي جي هير به پسائي ٿو.
Title Cover of book نديءَ۾نهارون

مُهاڳ : تجريديت جي حسناڪ شاعريءَ

اڄلڪهه سنڌي شاعريءَ جي سينوارجي وڃڻ تي بحث مباحثا هلندڙ آهن ، سگھاريءَ شاعريءَ جي سنجيده عاشقن جي راءِ اها به ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته “ جديد سنڌي شاعريءَ مان ولولو ، تڙپ ۽ ڪشش موڪلاڻي ڪري ويا آهن ، ان ڪري هاڻ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ گھرجن!” اها راءِ غلط ڪونهي. سچ به اهو آهي ته غير سنجيده رنگروٽن ۽ شوقيا شاعرن جي لوڌ شاعري کي سستو تيل بڻائي ڇڏيو آهي. ويجھڙ ۾ “ شاعريءَ جو نئون پڌرنامو به پڌرو ٿيو آهي ” ان ۾ انيڪ مثبت صلاحون به آهن. باقي شاعر يا شاعري کي ڪنهن نظريي سان واڳيل نه هئڻ گھرجي واري نقطي سان مون کي ذاتي طور اختلاف آهي ، ڇو جو نظريي بنا شاعري بُوتو آهي ٻيو ڪجھه ناهي. ان حقيقت ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي جديد شاعري ساڳين گھڙيل گسن تي هلي هلي هاڻ ڳهرجي وئي آهي ،ان کي ضرور ڪنهن دڳ لائڻ گھرجي. ورجاءُ ۽ موضوعيت کان محرومي سنڌي شاعريءَ لاءِ هاڃيڪار آهن. مختلف لابين جا دهلاريءَ ادب جي ڀينگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ٻي طرف سٺن ۽ سنجيده ڪتابن کي نظر اندازيءَ جي ڌوڙ لٽي رهي آهي ، ٽئين طرف جڙتو نقاد مٿو کائڻ ۾ رڌل آهن . اُهي سنڌ جي اڀرندڙ نئين شاعرن جي شاعريءَ کي يورپ جي ادبي لاڙن ۽ تحريڪن جي ساهميءَ ۾ توري وڏيون هامون ۽ هنبوشيون هڻن ۾ سرخرو آهن. مطلب ته ادب جي نالي ۾ هڪڙو سرڪس وارو تماشو هلي رهيو آهي. اهڙن ڄامڙن ڪردارن جي رستي روڪ ٿيڻ ضروري آهي، ته جيئن سنڌي ادب ڪو نئون ساهه کڻڻ جھڙو ٿئي.
لاڙ سان تعلق رکندڙ منفرد ۽ خوبصورت نوجوان شاعر ربڏنو خاصخيلي جي شاعريءَ جي ڪتاب “ نديءَ ۾ نهارون ” جو پرنٽ ٿيل مسودو مُهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ جڏهن مون آڏو پهريون ڀيرو آيو ته شاعريءَ پڙهي سمجھي ويس ته اصلاح گھربل آهي، ڪجهھ ضروري اصلاحي نظر وجھي واپس ڪيم ته درست حالت ۾ آڻيو ته ڪجھه ڪجي. ٻئي ڀيري وري مسودي کي پڙهي سوچيم: هي نئون تجربو ضرور سامهون اچڻ گھرجي. توڙي جو شاعر سان منهنجي ڪا به ڏيٺ ويٺ ناهي، پر هُن جي شاعريءَ سان ملي خوشي ٿي آهي ته هُن نئين واٽ ورتي آهي. پنهنجي پاران ۾ هن پنهنجي شاعراڻي سفر جي ڄمار پنجويهه سال ڄاڻائي آهي، ان حساب سان مون کان ڪجھه سينئير آهي، پر هن جي شاعريءَ مون اڳ ناهي پڙهي. اهو به سهڻو اتفاق آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو “ ڊجيٽل شاعريءَ ” جو اصطلاح هِن شاعريءَ ۾ پڙهيو اٿم. هن کان اڳي فياض ڏاهري جو مجموعو “ هينگ اوور ” نظر مان گذريو آهي، جنهن لاءِ اهو چيو ويو آهي ته اها ايندڙ دؤر جي شاعري آهي جنهن کي انگريزي سان سلهاڙيو ويو آهي. سٺي ڳالهه آهي جو نوان تجربا ٿي رهيا آهن. شاعريءَ نيون منزلون ڳولي رهي آهي.
ربڏني جي غير روايتي دلفريب شاعري تي غير روايتي مهاڳ لکندي ، سوچيو اٿم ته شاعري جي موجوده جمود کي هٽائڻ لاءِ هن جي باصلاحيت شاعر جيڪڏهن ڪا نئين واٽ ورتي آهي ته ڀلا اُن کي ڇو نظرانداز ڪجي ؟ هڪ نئون تجربو هُن هڪ جرئت سان ڪيو آهي ته اُن تي پنهنجيءَ پسند جو ڪو رنگ آخر ڇا لاءِ چاڙهجي؟ هڪ نئون انداز هِن نئين شاعر تخليق ڪرڻ جي ذميواريءَ جيڪڏهن کنئي آهي ته پوءِ اُن جي ڇو نه ڀرپور همٿ افزائي ڪجي. توڙي جو ساڳئي قسم جي ڪوشش اڳ به ڪن شاعرن پاران سنڌي جديد شاعري ۾ ٿي چڪي آهي. پر ناڪامي کان پوءِ اهڙن شاعرن وڃي نثري نظمن جي ڇانءُ ۾ ٿڪ ڀڳو آهي، علم عروض کان پاسيرو ٿي لکڻ جو رواج اسان وٽ پراڻو آهي ، پر حقيقت اها آهي ته علم عروض جي کوٽ کي سنڌ ۾ هڪ وڏو علمي ادبي حلقو شاعراڻو عيب ليکيندو آيو آهي.
هِن ڪتاب ۾ آيل غزل جي شاعري علم عروض ۽ بحر وزن کي سامهون رکي ناهي ڪئي وئي، هِي صوتي اثرات تي لکيل شاعري آهي، عام طور تي اسان جا مضبوط شاعر جيڪي موسيقيت سان ڀريل بحر وزن استعمال ڪن ٿا، هن شاعريءَ ۾ اهو تجربو نه پر هڪ مختلف طريقو ۽ تجربو سامهون آهي، جيڪو مجموعي طور مناسب اثر ڇڏي ٿو. اهم ڳالهه اها آهي جو شاعر پنهنجي وجدان ، فڪر ۽ خيال کي ڪٿي به متاثر ناهي ڪيو، باقي علم عروض کي محور ناهي بڻايو. اهو به هڪ لاڙو آهي، جنهن کي آئون سوال بڻائڻ جو حامي ناهيان. شاعر هِن مجموعي ۾ پنهنجي خيالن کي پوريءَ سگھه سان نمايان ۽ نروار ڪيو آهي ، اها سچ ته دلچسپ نواڻ آهي.
سوال هي به ڪر ٿو کڻي ته ڇا نوان تجربا ادب ۾ نه ٿيڻ گهرجن؟ منهنجي خيال ۾ادب نئين تجربن ذريعي ئي ترقي ڪئي آهي ائين ئي ته جمود ٽُٽي ٿو، ادب دُٻو بڻجڻ جوقائل ڪڏهن به ڪونهي رهيو نئين تجربن جي ضرور آجيان ٿيڻ گهرجي. هتي اهو ياد ڏياريندو هلان ته 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر اردو ادب جي ٻن نئين لاڙن کي وڏي پذيرائي ۽ مقبوليت ملي هئي. مظهر الاسلام جي علامتي ڪهاڻين جي هاڪ متي هئي ۽ ساره شگفتا جي تجريدي انداز ۾ لکيل نثري نظمن کي زبردست موٽ ملي هئي. اهي نوان تجربا ڇانئجي ويا هئا. ان ئي دؤر ۾ ملڪ نديم جي تجريدي نظمن جي هڳساڻ پکڙي هئي. منهنجي خيال مطابق هِي پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن شاعر سنڌي شاعري ۾ تجريدي رنگ غزلن ۾ ڀريو آهي آئون هن نئين تجربي کي پيار جي اکين سان ڏسان ٿو . هي مثبت لاڙو سمجھڻ کپي، ها باقي ضروري ناهي ته هر تجريدي خيال سان متفق ٿجي، اها الڳ ڳالهه آهي. تجريدي خيال آرٽ جي حسناڪيءَ ۽ سرريئلزم جي وسعت کي هر شاعر پيش نٿوڪري سگهي ان لاءِ آرٽسٽ مزاج ۽ ذهينت کپي ٿي، تجريديت ۾ ڪابه مونجهه ڪونهي صرف ان کي حسناڪ اک ۽ دل سان سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌي جديد شاعريءَکي وسڪيءَ جي ڪريٽن ۾ قيد ۽ غلام بڻائڻ واري هن ماحول ۾هي تجريدي شاعريءَ ڪنهن بغاوت جهڙي حقيقت لـڳي ٿي. آئون ان سچ کان منڪرناهيان ته تخليقي شاعريءَ ۾ موسيقيت دائميت کي بحال رکي ٿي. حسين خيال ترتيب کان هٽي بي وزن بڻجي تاثر وڃائين ٿا اهو سچ آهي پر خيال جي بلنديءَ حُسن ۽ گھرائي کي توڙي فڪر جي محبوبائي کي به نظرانداز ڪرڻ جرم آهي. هي ڊجيٽل شاعري آهي يا تجريدي شاعري ان بحث کي ڇڏي آئون اهو ٿو چوڻ چاهيان ته هِي سدا بهار خيالن جي شاعري آهي ، جيڪا غزل جي فريم ۾ پيار سان پيش ڪئي وئي آهي. هي سمورا خيال جدت جا گلاب لڳندڙآهن.
ڪوبه رواجي خيال هن شاعريءَ پاڻ سان گڏ ناهي کنيو، اها نرالپ آهي. اسان جا اڪثر نوجوان شاعريءَ ۾ خيال تي زور رکن ٿا، فڪر کي ڪجھه نٿا ليکين، جڏهن ته اهو سمجھڻ کپي ته خيال ۽ فڪر ٻئي شاعريءِ لاءِ بنهه ضروري عنصر آهن. رب ڏني جي شاعريءَ ۾ خيالن توڙي فڪر جي نواڻ جي ڪا به گھٽتائي نظر نٿي اچي . هن ڪئين بنهه ڪنوارا خيال هن شاعري ۾ پيش ڪيا آهن جيڪي حيرت ڏيارين ٿا ڪمال جا لڳن ٿا. اهم ڳالهه اها به آهي ته هي سڄي شاعري ڪيفيت به آهي ته فڪر جي تڙپ به آهي. فطرت سان سلهاڙيل شاعري جو نئون رنگ آهي. نئون خيال هن شاعريءَ جو بنياديءَ محور آهي. هي ڪجھه خيال پڙهي ڏسو،

بارش کي اکيون ڪو نه آهن، پوءِ به مٽيءَ سڃاڻي ٿي!
ڏسو سامياڻي جي گودڙي ۾ اچي موئن جو دڙو لڪو آهي!
پاڻي کي پتو ڪهڙو ته ڪير مون مان آهي وهنجي نڪتو!
اڄ انڊلٺ مون کي پنهنجي وطن وٺي ويئي!
عشق عورت ناهي ته عرض آهي!
کڙکٻيتا ڄميا ئي پُراڻ تي آهن!
رات ڌنارن سان چنڊ رلي ۾ ويڙهجي ستو!

هنن شاعراڻن خيالن ۾ ڪو به مغالطو ڪونهي، سڌي سنئين دل جي ڳالهه آهي. هي خيال هڪ ادراڪ جو حسن به آهن ، ته حساسيت جي مهڪ سان گڏ لاشعور جو وجد به آهن. تهذيب ۽ تاريخ جو شعور به آهن. هي فطرت سان عاشقي آهي. سامياڻي جي گودڙي ۾ موئن جي دڙي جو لڪڻ ڪو مفروضو ناهي، پر تاريخ ۽ تهذيب ڏانهن هڪ گمنام اشارو آهي. هندستان ۾ جڏهن اوچ نيچ ۽ ذات پات جي ٻيگھي متل هئي اڇوت سڏجندڙ اقليتي قبيلن اچي سنڌ م ساهه پٽيو هو. انهن سنڌ جي خوشبو کي پنهنجي سينن ۽ گوڌڙين م لڪايو هو. سنڌ پاڻي جي زمين رهي آهي، سنڌ ۾ کڙکٻيتن سان پيار ڪيو ويو آهي. ڌنارن جو چنڊ سان گڏجي سمهڻ فطرت دوستيءَ کي پڌرو ڪري ٿو. ڇو جو امير پاڻهو بند اي سي ڪمرن ۽ گھٽيل فليٽن ۾ سمهن ٿا، چنڊ سان انهن جو ڪو واسطو ئي ناهي رهيو، پر ڌراڙ اگھاڙي پُٺيءَ سان ڌرتي تي سمهن ٿا ته چنڊ انهن مٿان اچي اڀو ٿئي ٿو. انهن کي سڃاڻي ٿو ۽ ڪڏهن انهن سان گڏجي سمهي به ٿو! رب ڏني جي شاعريءَ ۾ گوناگون خيالن جا پوپٽ ڦرن ٿا، اهي تجريدي رڳو خيال ناهن ڪئين جاڳندڙ ۽ ضمير رکندڙ خيال به ان گلدستي جا گل آهن. اهي خيال تشريع جا محتاج ناهن. انهن جون صورتون صفا چٽيون آهن. هي خيال هن شاعريءَ کي سگھه ڏياريندڙ آهن، ۽ پيش ڪيل شعر ٺهڪندڙ شڪل رکندڙ آهن.
رب ڏنو خاصخيلي وجدي ڪيفيتن جو نئون شاعر آهي. ظاهر اهو ٿو ٿئي ته شاعريءَ هن جي رڳن ۾ موجود آهي. هن فطرت کي فوڪس ڪيو آهي، ان سان گڏ سگھاري شعور هن جي خيالن ۾ خوبصورتي ڀري آهي، هن جي نا تجربيڪاريءَ کي هن جا خوبصورت خيال ورلي ظاهر ڪن ٿا.

سئو تائين ڀاڪر سارڻ سکي وئين.
ڄڻ بارش ۾ ٽانڊو ٻارڻ سکي وئين.
اڄ به اگھاڙو پيو آسمان ۾ گھمي،
چنڊ جوانيون پرايون کارڻ سکي وئين.

رب ڏني جي شاعريءَ جو سگھارو پاسو تجسس آهي. جنهن جو بيانيا نئون روپ موهيندڙ لڳي ٿو، هر شعر کي نواڻ ۾ رنڱڻ نئين خيال جي خوشبوءَ ڏيڻ بنا شڪ جي نئين ڳالهه به آهي ته نئين واٽ به آهي. حيرت ٿئي ٿي هي شاعريءَ پڙهي ته هن ۾ روائتي خيال ڪو ورلي نظر اچي ٿو، هر شعر نئين آرسي ٿيڻ جو آرزو مند محسوس ڪجي ٿو.

پيار ۾ پنهنجو وڏو نشان ڪو نه آهي
ٻڌائيندا ڇا وڻن کي زبان ڪو نه آهي!

منهنجي شاعريءَ کي کڙکٻيتو ڳوليندو وتي
ڇا ڪاڪ ۾ ٿي مومل جوان ڪو نه آهي؟

منهنجي جسم تي هاڻي قبضو ڪري تون ڇا ڪندين؟
ڇڏ ته نئون ماڻهو ڪو دل جي تاڪ مان لنگھي اچي!

تيسين تون وڻن سان مٺيون مٺيون ڳاليون ڪر،
جيسين تو لاءِ اي دل ڪا دوا خاڪ مان لنگھي اچي!

جيڪو مٺي آواز سان هرڻ کي سڏي پيو،
مون مور اڳيان رکي آهي ڀري ڪاوڙن جي

وکر ناهي ڪاڳرن ۾ رکجي
چنڊ ڪيسين ڀاڪرن ۾ روڪجي!

چميون ڪنهن خساري ۾ وينديون هليون ،
ڪاوڙ ۾ ڪنهن ڌرتي لوڏي آهي!

وقت جو قدر ڪرڻ تون سک پرين،
تو لاءِ ڀاڪر بيٺو کوٽي آهي

موت زوري ماري وڃي ٿو،
ماڻهو ڪٿ خوش ٿاڪ ۾ آهي.

اچ ته نوان ڀاڪر ايجاد ڪريون
پيار جو مضبود بنياد ڪريون.

ننڊ مان اٿي ڀٽائي جو هڪڙو بيت ياد ڪيم
يار مليو يارن سان روح ۾ رهاڻ رچي وئي.

پاڻهي مٽيءَ کي خوبصورتي پڙهائيندو،
تنهنجي چوليءَ کي ٿا استاد ڪريون!

تو کي ڇو چنڊ جي عمر جو فڪر آهي،
پڇي ڇو آسمان سان فساد ڪريون؟

تعجب پيو ٿئي طوطي جي عقل تي،
نموريون پيو کائي کجي ڏنگيل آهي.

سنڌي جديد شاعريءَ ۾ ورجاءُ کان هڪ پاسي هٽي هي شاعريءَ جو نئون قدم آهي. نئون آواز آهي. نئين مهڪ آهي. نئون اظهار آهي. نئون لهجو آهي. نئين لفظيات ۽ شعريت آهي. جيڪا حيرت ۾ وجھندڙ به آهي ته متاثر ڪندڙ حقيقت به آهي. نئون خيال هن شاعريءَ جي سگهھ پڌري ڪري ٿو. هي تخليقيءَ شاعريءَ جي تڙپ جو سهڻو مثال آهي. ماڻهو ، ماڻهن کي استاد بڻائيندا آهن پر هي شاعريءَ محبوبا جي چولي کي استاد بڻائڻ جي ڳالهه ڪري ٿي، ڇو جو ماڻهو جي روپ ۽ شڪل وارا استاد اڄڪلهه خودڪش بمبار تيار ڪرڻ واري استاديءَ ۾ مصروف آهن. هي شاعريءَ نئين ماڻهو جي متلاشي آهي. جيڪو دل ۾ لنگھي اچي! اهڙي نئين ماڻهو لاءِ جنهن لاءِ استاد رجنيش اوشو چيو آهي ته “ فقط نئون ماڻهو ئي زنده رهندو! ” يعني جنهن وٽ جدت هوندي اهو ئي سلامت رهندو.
نئين تجريديت غزل جي نئين شاعريءَ ۾ پيش ڪري ربڏني نئون مثال پيش ڪيو آهي. حسناڪ تجريديت ۾ بيباڪ فڪر پيش ڪري هُن شاعريءَ ۾ تازگيءَ ڀري آهي.

ڪاڪ جي مٽيءَ مون کي اڄ سُونگھايو.
ڏک ۾ مئل پکيءَ جي بدبو ٿي ويندس.

چنيسر جي قبر ڇو پيو هرڻ چٽي ،
ائين ته روپا رت ۾ گفتگو ٿي ويندس.

اڄ به اُڀ مان انڊلٺ ڳولي سين
اسان سانوڻ ڪو نه پليو آهي.

ماني تي رکي دل نه کڻي اچ،
سوچ ڪير تو لاءِ جليو آهي.

آسمان ۾ سوراخ ٿي پيا آهن،
گل تي کڙکٻيتو هليو آهي.

ڪُونجن جي ڄڃ رڻ مان اچي پئي.
جبل ڇو رکيو پاڻي ڀري ڪونهي؟

سج مُون سان ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائيندو.
پرينءَ جي منهن تي اڄ مُرڪ ذريءَ ڪونهي.

تو کي وار وڏا ڪرڻ جي پريشاني آهي
تولاءِ چنڊ مان مٽي چوريءَ کڻي ايندس.

ڪنهن گلابي ڳوٺ جي پاسي ۾ پيل هوندا،
بيمار مال جي ڳچيءَ ۾ هڏ هرڻيءَ جا ٻڌي ڇڏيو!

بيهوشي جا دورا ڪجھه گھڙين ۾ موڪلائي ويندا،
ٻه ٽي پيرونءَ پکيءَ جي وات ۾ هَڻي ڇڏيو.

هلندي هلندي چنڊ کي باقي اچي ڇڏيو.
اوچتو آسمان مون کي لتون هڻي ڪڍي ڇڏيو.

بنا گھرائڻ جي تارا مون ۾ گھِڙيو ٿا اچن.
آسمان سان منهنجو عشق قدرتي آهي.

سچ ته هي بنهه نئين ۽ منفرد خيال نگاريءَ ۽ تجريديت آهي. بحر وزن ڪٿي به گم ٿيل نظر نٿو اچي. خود نئون بحر وزن ايجاد ٿيل محسوس ٿئي ٿو. هي اظهار ڪو فطرت دوست شاعر ئي ڪري ٿو سگھي. هي ڌرتيءَ سان سلهاڙيل هئڻ جو ثبوت آهي. با مقصد اظهار سان گڏ تجريديت جي ڌارتِکيءَ لڳي ٿي جيڪا احساسن ۾ چڀي ٿي وڃي. هي مئل هرڻين جي شاعريءَ آهي. هِي ڪونجڙين جي اُڃ جي فڪر ۾ تڙپيل شاعري آهي. چنڊ مقصد ۽ منزل جي علامت ۽ آسمان طبقاتي بلنديءَ جي علامت آهي. هِي هيڻائي ۽ ڏاڍائي جي ڪشمڪش جي شاعريءَ آهي. انڊلٺ کي اُڃ ڳوليندي آهي، آس ڳوليندي آهي، اکين کان اڳي بُک انڊلٺ ڏسڻ چاهيندي آهي. مئل پکيءَ جي بدبوءِ فقط اهو ئي حساس انسان ٿيڻ جي ڳالهه ڪندو ، جنهن کي سُڌ هجي ته ڪاڪ ڪالهه سنڌ ۾ هئي، اڄ اها سنڌ ۾ ناهي! چنيسر جي قبر کي هرڻ جو چٽڻ حيرتناڪ خيال آهي. اهو خيال سنڌي جديد شاعريءَ ۾ پهريون ڀيرو نقش ٿيو آهي! هرڻ فطرت جو حصو آهي، هُن کي اها سڌ ناهي ته غداريءَ ڇا آهي؟ هُن کي فقط مٽي جي مهڪ جي خبر آهي. مٽيءَ ڪو به ترازو نٿي رکي ، اها غدارکي به دفن ڪري ٿي ته محب وطن کي به پاڻ ۾ سمائي ٿيِ. هِي تجسس جي شاعريءَ جو بهترين نمونو آهي.

رات تارا ڳڻيندي هُن جي ڇاتيءَ تي ڄمي تِر ويا !
هوءَ رات سڄي تڙپي مڙس جواريءَ جي انتظار ۾ هئي.

تلوار جھڙي ڳوٺ مان ڪيئن سلامت موٽي سگھبو ؟
خنجر جھڙي ماڻهن ۾ ڪا انسانيت ناهي رهي.

سمنڊ مان جھلي کڻي اچان چنڊ الاءِ گھڻا پئسا ڪندو؟
ٻڌي ملاح جو آواز مٺڙو وٺڻ جو شوق چڪورين ۾ لڏيو.

اسان جو هي پيارو شاعر شاعريءَ ۾ ڪا حقيقت ڪو اهم نقطو ٻڌائڻ ۾ هڪڙي عجيب مهارت رکي ٿو. دل جي ڳالهه ڪندي هڪ لمحي جي به دير نٿو لڳائي. اصل ۾ هو نئين سوچ جو شاعر آهي. هُن جو هر هڪ شعر هڪ ڪهاڻي به آهي ته نظم به آهي. تصوير به آهي ته تصور به آهي. انتظار ڪندڙ عورت کي بابا ڀٽائي سُر سامونڊيءَ ۽ مومل راڻو ۾ ڪماليت سان نروار ڪيو آهي. هتي انتظار ڪندڙ عورت سان ڪا ٻي ڪهاڻي لاڳو آهي. هوءَ جنهن جي انتظار ۾ سُتي ناهي اهو مورک سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائڻ جو هيراڪ آهي. اهو ٻچن جي روزيءَ لاءِ سمنڊ نٿو جھاڳي پر شارٽ ڪٽ جو قائل آهي. ڇا به آهي پر اصل درد وند موضوع عورت جي بيقراريءَ آهي. روايتي غيرت جي ڳالهه کي اسان جي هِن دلبر شاعر تلوارجي تکائي جو نالو ڏنو آهي اها انفراديت آهي. خنجر جھڙن ماڻهن ۾ انسانيت جو نه هجڻ ئي ته هن دنيا جو عظيم الميو آهي. سچ ته ائين لڳي ٿو ته انسانيت بارش جي پاڻي وانگي لاوارث ٿي وئي آهي! چنڊ گھڻا پئسا ڪندو؟ ڇرڪائيندڙ شاعراڻو خيال آهي. هڪ مهاڻي جو اهو تصور اهو جملو حيرتناڪ احساس وانگي ساهه کڻندڙ لڳي ٿو. هتي هنن بازارين ۾ جسم وڪجن ٿا، عزتون وڪجن ٿيون ، ڪو چنڊ کي وڪڻڻ چاهي ٿو. .... سڀ ڪجهھ عجيب هوندي عجيب ناهي رهيو! دل جي ڳالهه اها آهي ته هن شاعريءَ ذريعي نئين خيالن جو هڪ سفرنامون پيش ڪيو ويو آهي. اهي خيال ڏاڍا انوکا آهن. اها تجريديت جي جيت سمجھان ٿو. نواڻ جي ڪاميابي کان اکيون پري ڪري يا پوريءَ نٿيون سگھجن. هي ورجاءُ کي شڪست ڏيڻ جو حسين مرحلو سمجھڻ گھرجي.

سڄي دنيا ڪِن سان ڀري پئي آهي
هٿ ڪٿان ڳجهن جو اولاد ڪريون؟

سمنڊ کائيندو مٽيءَ پيو اچي
ڏک ۾ وساريا لاڙ جنڊ آهن.

گدڙ جھنگ ۾ ماکيءَ کائي پيا مَستيون ڪن.
رستا ٺاهيندي جواني گذري پئي راوڙن جي.

تنهنجي تنهائي تاريخ مان اُٿي
مون ۾ ڪيو گشت آهي!

دل جي پنهنجي هڪ دنيا آهي
محبت کان پري معراج ناهي.

پتنگ پيا باهه ۾ پڄرن،
اُٿي ڏيئو اجھائي ڇڏ.

ڪيئن نه مٽيءَ کي اُت سج سجدا ڪري
جتان مَٽيو سامين جو سَرو هو.

تون سمنڊ سڄو ڪيئن پي سگھندين؟
تو ته عشق ڪڏهن نه ٻُڪ ۾ کنيو آهي!

دڪان تي رکيل ڦلڙين تي پرينءَ
زنگي نه وجھي نڪن جو وڇوڙو.

تون رڳو پيار مان منهنجو نالو وٺي سڏ،
بهار جي موسم اچي انبن ۾ ٻُور ٿي وڃي.

چيم سارين جي چونڊي مان ڇا ملندو؟
چيائين اڄوڪي کنڊ پتيءَ ٿي پوندي.

جنگ جو منظر ٿو عورتون اداس ڪري،
ٻار به کير ٿڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن.

اسان جي هِن روشن دل باصلاحيت نرالي شاعر جو مشاهدو ذرو به ڪمزور نٿو لڳي. سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ اُٿل پُٿل تي به هُن جي وسيع نظر ظاهر ٿئي ٿي. هو ڄاڻي ٿو ۽ دل سان محسوس ڪري پوءِ اُن کي اظهار جي زبان تي آڻي ٿو. اها بهترين شاعراڻي صلاحيت ۽ ڏات آهي. هُن جي شاعريءَ حقيقت جا پيرا ڳولي لهي ٿي ، پوءِ حقيقت جو درد بيان ڪري ٿي. اهو درد ڪٿي سمنڊ سان واڳيل آهي ، جيڪو هونئن ته سامونڊين جو جياپو آهي، پر اهو اوچتو زمينون پيو وڃائي ته نتيجي ۾ لاڙ برباديءَ ڏي پيو ڌڪجي. اهو نئون قومي ۽ تاريخي سانحو به آهي. ٻي پاسي هِن ڌرتيءَ جا ڳڀرو روڊن تي پٿر پيا ڪُٽين ۽ جواڻيون وڃائين ۽ نا اهل بدذوق سرمائيدار پيا مزا ماڻين. سارين جي چونڊي مان هڪ پورهيت جي صرف چانهه ڪڙهي ٿي ، پر اُن سارين جو واپاريءَ نيون ڪارون خريد ڪري گھمي ٿو. هِي پورهيت سان پيار جو اظهار آهي ، هي فڪر آهي تجريديت ناهي. پنهنجي وطن ۾ پُر امن جوڳي ۽ سامي گودڙين سان ڦرن ٿا. هي شاعري انهن سان محبت جي حمايت آهي. هي شاعريءَ اُن المناڪ اڪيلائي کي نروار ڪرڻ جي آرزومند آهي. جيڪا تنهائي تاريخ جي تنهائي آهي. غربت جي تنهائي آهي. اها بي رنگ تنهائي شاعري جي دل ۾ گشت ڪري ٿي. اُن ڏانئڻ تنهائي کي نوڪدار ننهن آهن. هِي انسان جي تنهائي آهي، جيڪو غارن مان اُٿي چنڊ تي پهتو آهي، پر اڄ به اهو ويڳاڻپ جي سوئر سامهون هٿين خالي بيٺل آهي! هي تاريخ جي به تنهائي آهي، جيڪا پنهنجو ڪپيل ڪنڌ ڳولي رهي آهي! هن تنهائي ۾ هزارين نياڻيون بي لباس ٿيل آهن. انهن جا سينا وڍيل آهن. انهن جا ڊگھا زلف بد حواس گھوڙن جي سنبن هيٺ آهن! هي نظرين جي ٻريل تنهائي به آهي، جنهن ۾ انسان سنگسار ٿيل آهي. پويان کان هٿ ٻڌل انسان جي نرڙ مان رائيفل جي گولي گذريل آهي! هي تهذيب جي به اڪيلائي آهي ، جنهن جي ماتم ۾ ڇيرن جا آلاپ آهن. ڀڳل بانسريون انتظارن ۾ آهن! طنبورا چُپ ٿي چڪا آهن. هيءَ دل جي به تنهائي آهي جنهن ۾ ڦلڙين تي وڇوڙي جو نانگ ويٺل آهي. ٻار ٿڻن جو کير ڇڏي اکيون پوري چڪا آهن ، زبانون مري ويون آهن!
ڏيئو ٻري پيو ڏيئو ٻرڻ به گھرجي ، ڏيئو روشنيءَ جو سنهيو آهي پر ان جي باهه تي پتنگ خودڪشيءَ پيا ڪن، ڪجھه دير لاءِ ڏيئو اجھامڻ گھرجي پتنگ نه مرڻ گھرجن! روشني کان نفرت شاعر لاءِ ممڪن ئي ناهي. هِن سڄيءَ زهريلي ڇڪتاڻ ۾ پيار ئي فقط آڪسيجن آهي، جنهن سان ساهه کڻي سگھجي ٿو. بهار جي رُت جو تصور نه پر بهار خود ويجھي ٿي سگھي ٿي جيڪڏهن ڪو دل سان ياد ڪري يا ڪنهن کي دل سان ياد ڪيو وڃي. مطلب هيءَ ته انساني تعلق گم نه ٿيڻ گھرجي. دل جي رستي تي لوڙهو نه ڏجي ته رڳو انبن ۾ ٻور ڪو نه ايندو پر اهو ٻور دل جي ٽارين ۾ به ڦٽي پوندو. هي شاعريءَ دل سان آجيان ڪرڻ لائق آهي ڇو جو هن کي سنجيده فڪر اوڍيل آهي.
هتي اهو به چٽو ڪندو هلان ته هي سڄي شاعريءَ تجريديت ۾ٻڏل ناهي ، هن شاعري جو هڪ وڏو حصو فڪريءَ، خيالي ۽ موضوعاتي شاعريءَ سان سرشار آهي. تجريدي شاعريءَ يورپ مان شروع ٿي هئي. ان کي ائبسٽرڪٽ آرٽ جو درجو مليو هو. هي آرٽ بيچينيءَ مان ڦُٽيءَ نڪتو هو. لاشعوري ڪيفيتن هن کي جواڻي ڏني آهي. منهنجو ذاتي رايو اهو آهي ته سماج ۾ غير مطمئن رهندڙ سماجي نقاد آرٽسٽن ۽ شاعرن جي تخليقي سگھه مان نئين جاندار تخليق جنم وٺندي آهي. جانبدار رويو ۽ لقائن سان ڪاوڙيل مزاج جي تخليق نراليءَ رهندي آهي. سچل سرمست جي شاعريءَ ان جو اعلى مثال آهي.
تجريديت عالمي موضوع بڻجي ويل حقيقت آهي. اُن جي حسين جھلڪ پسڻ لاءِ اسان کي عظيم روسي شاعر مايا ڪوفسڪي جي هِي سِٽ نهارڻي پوندي.

اڄ ڪا اک اونداهي جا ڇوڏا لاهيندي!
تجريديت جو حسين ذائقو وٺڻ لاءِ اسان کي ساره شگفتا جا هي لفظ گُھورڻا پوندا.
جڏهن ڪا رات اسان جي جسم جو لوڻ چکي وٺي ٿي
ته اسان کي بي مزي ماني چيو وڃي ٿو.
تجريديت پرکڻ لاءِ اسان کي سترهين صديءَ جي انگريز شاعر جارج چئيمبن جي هن خيال کي دل تي رکڻو پوندو.
پيار فطرت جو ٻيو سج آهي.
تجريديت جي تجسس کي سمجھڻ لاءِ اسان کي عظيم عرب شاعر نذار قباني جي هِن جملي ۾ دل لاهڻي پوندي.
اسان کي جنن جو هڪ نسل گھرجي ٿو.
تجريديت جو اعلى نمونو اسان انڊين شاعر گلزار جي هِن شعر ۾ ڏسي سگھون ٿا.
چاند سي گر ڪي مر گيا هي وه
لوگ ڪهتي هين خودکشي ڪي هي.
اهڙا ٻيا هزارين مثال دنيا جي عالمي شاعري مان پيش ڪري سگھجن ٿا، جن مان شانداري تجريدي شاعري سان گڏ اعلى دائمي فڪر ظاهر ٿي دلين کي موهي وڃي ٿو.

ڇو نه اُنهن تي اڄ اک ناز ڪري،
جيڪي ڦٽيون آيا هٿڙا چونڊي.

مڙهيءَ ۾ اڪيلي پئي شام گھُمي،
ڇڏيا ماڻهن وزير کدڙا چونڊي.

اُڪير سنڌ جي سانڍي اکين ۾،
ڪو جُگنو رات ويو جلي رڻن ۾.

سُرو چڙهي آيو هاڻ ڀانڊن تي آهي،
بُک ستي پئي هاريءَ جي آنڊي تي آهي.

تو ۾ آسان تڏهن پيو تڪڙو نهاري،
تنهنجو منهن چنڊ جي مهانڊن تي آهي.

نا معلوم هنڌ تي منهنجون اکيون کوليون ويون،
پتو نه پيو ڪٿي آهيان پڙيءَ جي مال جيان.

پڇ نه چنڊ دل ٻرڻ ٿي لڳي،
سنڌ ڪُٺل ڪو ئي هرڻ ٿي لڳي.

ڌرتي تان نشان ڪڏهن نه لهندا،
آهن نانگ جھڙا چڪ دشمن جا.

ڇا ڀٽائي ليلا مجنون ڪو نه ٻُڌا،
پر خبر هيس پنهنجائپ ڇاهي.

هِن شاعريءَ جو مرڪز پنهنجو وطن آهي. هي هڪ نوجوان اڀرندو شاعر جو قومي فڪر آهي. هُن وطن جي زخمن جي ڳالهه ڪئي آهي. هُن جو فڪر ويڙهيچن جي پگھر جي خوشبوءِ سان ٻکيو آهي. هي ڦٽيون چونڊيندڙ نازڪ ۽ سگھارين جواڻين جي عڪاس شاعريءَ آهي. ذڪر انهن آسروند جلاوطن اکين جو به آهي، جيڪي حشو ڪيولراڻي جي وجود جيان ڪٿي وڃائجي گم ٿِي ويون. وطن جي خواب سان ڀريل اکيون ڪيئن مڃجي ته مري ويون؟ عشق وطن جي سونهن سان به آهي، جنهن جي ادائن تي هينئان گھوري ڇڏجن ٿا. هِي اُن سنڌ جي ڳالهه آهي، جنهن ۾ ڪنهن وقت هاريءَ بک مري ٿو، اُتي ئي لڪل هٿ اسان جي نوجوانن ڳڀروئن کي جانورن جيان اکيون ٻڌي کڻي وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن جا چچريل لاش ويرانن مان هٿ اچن ٿا. اسين ڦٽين جيان پنهنجي حقن لاءِ الاءِ ته ڇو کدڙن کي چونڊيون ٿا؟ اسان جي ڌرتيءَ تي دشمن جا نانگ وارا چڪ آهن. اُهي چڪ پکڙيل آهن، اُهي چڪ ناسور آهن! سنڌ ڪُٺل هرڻ جيان ٿي وئي آهي. اُن تي کاميل دل سان ڳالهائڻو پوي ٿو. لطيف وٽ سنڌ لاءِ پنهنجائپ جو مضبوط نظريو هو، اهو هُن اسان کي سيکاريو آهي، پر اسان اڃا تائين اُن نظريي جي پوئواري ناهي ڪئي. اها اسان جي نااهلي آهي.
ربڏني جي شاعريءَ ۾ ججھي موضوعيت آهي، هُن نوان موضوع مهارت سان متعارف ڪرايا آهن. شاعريءَ کي وسعت ڏيڻ جي اها ڪوشش داد لائق آهي. ان ڪوشش ۾ هُن ڪٿي ڪٿي غير شاعراڻا خيال به پيش ڪيا آهن، جن سان اختلاف جي چڱي گنجائش موجود آهي، پر هُن گھڻو ڪري مهذب خيال پيش ڪيا آهن. هي شاعريءَ نه نعريبازي پيش ڪري ٿي، نه ڪنهن هڪ نقطي تي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿي.
هتي اهو به ضرور چوڻ چاهيندس ته وضاحتي شاعريءَ ڪمزور شاعريءَ ليکي ويندي آهي، وضاحتي شاعري ائين هوندي آهي جيئن ڪو انڌي ماڻهو يا اڻپڙهيل انسان کي اخبار پڙهي ٻڌائي!شاعريءَ ۽ خبر نامي ۾ فرق کي نه سمجھڻ وارو ڪو به شاعر اڳتي وڌي نٿو سگھي. هِن شاعريءَ ۾ به وضاحتي شاعريءَ جو ڪجهھ عنصر نظر اچي ٿو. ڪي شعر ڪنهن ڳالهه ڪرڻ جي انداز ۾ لکيل آهن، اهو طريقو گھٽائڻ جي گھرج آهي ڇو جو هُن جو محبوب فڪر شاعراڻي ٻوليءَ ۾ ئي سونهين ٿو. هِن فڪر جي بنا شڪ جي اهميت آهي.
هِي پرهه جي پنڌ جھڙي شاعريءَ ثابت ڪري ٿي ته ربڏنو خاصخيلي تخليقي شاعر آهي، هن وٽ وڏو شاعراڻو مزاج ۽ لاجواب ڏات آهي، فقط فنيءَ دسترس کي سگھارو ڪرڻ جي گھُرج آهي، ان کان پوءِ سڳداسي منزل پري ناهي، هن ڪتاب “ نديءَ ۾ نهارون” جي دل سان آجيان ٿيڻ گھرجي.

ايوب کوسو
جولاءِ 2017ع
03063066162