شاعري

نديءَ۾نهارون

هي ڪتاب خوبصورت شاعر ربڏنو خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ربڏني جي شاعري جو پنهنجو اسلوب ۽ ڊڪشن آهي. هن جي ٻولي ۾ لاڙ جي چانورن جهڙو هڳاءُ به آهي ۽ واهوندي جي هير به پسائي ٿو.
Title Cover of book نديءَ۾نهارون

شاعري ئي اصل اندر جو آواز آهي

ادب جي دنيا ۾ شاعري تي تمام گھڻو بحث مباثو ٿيندو رهيو آهيو. ان جا ٻيا ڪيترائي سبب هجن پر هڪ اهم سبب هي به آهي ته شاعري ادب جي مقبول صنف آهي. ان ڪري ئي ادب جي دنيا ۾ نثرنويس، ڪهاڻيڪار، ناول نگارن جي ڀيٽ ۾ شاعرن جو تعداد چڱو خاصو رهيو آهي پر اڳتي هلي شاعري ۾ اهو انگ ورهائجي ٿو. جنهن ۾ ڪجهه شاعر انقلابي شاعري طرف راغب ٿي، مزاحمتي ادب تخليق ڪري، وطن ۽ قوم جو درد بيان ڪن ٿا. ڪي وري شاعري کي پنهنجي عشق جي اظهار جو ذريعو بڻائي عشقيه شاعري سرجين ٿا. ڪجهه شاعر وري روحانيت جي رمزن ۽ عقيدت جي رنگن کي صوفي شاعري ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بحرحال اظهار جا اهي سمورا ذريعا شاعري چئجن ٿا. جڏهن ته شاعري باقاعدي هڪ مڪمل قانون ۽ پابندي جو نالو آهي. جيڪڏهن اها پابند ناهي ته شاعري به ناهي، ان حوالي سان ڪجهه ڳالهيون واقعي حيرت ۾ وجهندڙ آهن. جئين شاعري جي گرامر ۽ پابندي جو قانون جدا آهي، جنهن تحت شاعري ان بحر وزن جي دائري ڪافيي ۽ رديف جي پورائي سميت هر صنف پنهنجي سڃاڻپ ۽ گھاڙيٽو رکي ٿي. گيت، غزل، وائي، بيت، ٽيڙو، چئوسٽو، ڪافي، ڏور، نظم وغيره جهڙيون صنفون شاعري ۾ پنهنجو الڳ مقام رکڻ جي ڪري ئي علم عروض جي دائري ۾ اچي سڃاڻپجن ٿيون. ڪابه صنف علم عروض جي دائري ۾ پوري نه بيهندي ته شاعري کان ٻاهر تصور ڪئي ويندي بلڪه اها اڻپوري سمجهي ويندي آهي. اهو قانون نثري نظم يا آزاد نظم تي لاڳو ناهي. ان حوالي سان علم عروض جا ماهر شاعر جڏهن به ڪنهن شاعري تي نظر وجهندا آهن ته سڀ کان پهرين سندن اک شاعري ۾ علم عروض جي کوٽ خامين کي ڳوليندي آهي.
علم عروض جي تاريخ ڪيتري پُراڻي آهي، شاعري جي ان فن تي خود اڄ جي شاعرن کي ڪيترو علم آهي؟ ان موضوع تي ضرور سنجيدگي سان غور، ويچار ۽ فڪر ڪرڻ جي اهم ضرورت آهي. زمانا اڳ ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، هاسانند، بُلي شاهه، وارث شاهه، لطيف سرڪار، سچل ۽ ٻين شاعرن جي شاعري کي جڏهن علم عروض جي اک سان ڏسبو ته اها شاعري مڪمل پابند نظر ايندي. ان زماني ۾ گھڻي شاعري ڳائي ڪئي ويندي هئي. صوفي شاعرن جي شاعري ڇپيل گھٽ ۽ ڳايل وڌيڪ آهي. اها شاعري سينا به سينا صوفي راڳي ڳائي به زنده رکيو اچن. ماچيس جي دٻي وڄائي شاعري ڪندڙ شاعرن جي شاعري کي فقط اڀياس خاطر فني بنيادن تي ڏسبو ته سندن شاعري ۾ توڙي جو ڪا گھرائي، وزن، ڪشش هجي يا نه پر اها گھڻو ڪري پنهنجي وزن ۾ پوري ۽ پابند نظر ايندي. واقعي مون سکڻ خاطر ڪيترن ئي شاعرن سان ڊگھيون ڪچهريون ڪري شاعري جي علم “علم عروض” بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي پر کين ان بابت نه هئڻ برابر ڄاڻ هوندي آهي. هُنن جو سڄو ذور شاعري کي ترنم ۽ طرز ۾ ڳائي“ڪافيو ملائي” پورو ڪرڻ طرف هوندو آهي.
شاعري تي بهتر ۽ وزنائتي راءِ ته ڪو پختو شاعر ئي ڏئي سگهي ٿو پر هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ آئون سمجهان ٿو ته شاعر ربڏني خاصخيلي جي شاعري اندر جي اظهار لاءِ سندس من ۾ موجود شاعر کي پڌرو ڪيو آهي. شاعري جيستائين شاعر وٽ پنن ۾ محفوظ آهي تيستائين اهو ان جي ذاتي ملڪيت ۾ شامل آهي پر جڏهن اهو شاعري ڪتابي صورت ۾ يا ڪنهن ٻي عوام تائين رسائي جي ذريعي اخبار، رسالي، ميگزين وغيره ۾ شايع ٿئي يا موسيقي ذريعي گيتن جي صورت ۾ عوام تائين پهچندي ئي عوام جي امانت بڻجي ويندي آهي. پوءِ عام پڙهندڙ ۽ ٻڌنڌڙ کي ان بابت آزاد راءِ رکڻ جو مڪمل اختيار هوندو آهي. اها شاعري عوام جي جذبن جي ترجمان آهي يا نه؟ اهو فيصلو به عام خلق ئي ڪري سگهندي آهي. ڪيترائي اهم ڏات ڌڻيءَ آهن جن کي هن سماج يا عوام ۾ ان ڪري پذيرائي ڪونه ملي سگهي جو سندن ڏات هن معاشري جي ڏکن، سورن، دردن، پيڙائن، ظلمتن. انيائن ۽ ناانصافين جي عڪاسي بجاءِ خود نمائي تائين محدود ٿي وئي. تنهنڪري اهڙي شاعري جيڪا ڪنهن ذات تائين محدود هجي سا ماڻهو پاڻ لکي يا ڪنهن درٻاري کان لکائي ڳالهه مڙئي ساڳي آهي.
شاعر ربڏني خاصخيلي پنهنجي وس آهر پنهنجي ڏات کي پنهنجي ذات تائين محدود ڪرڻ بجاءِ هن سينواريل سماج جي اک جو ڳوڙهو، دل جو درد، اندر جي اڻ تڻ کي بيان ڪرڻ جي شاندار ڪوشش ڪئي آهي. سندس شاعري جو هي ڪتاب سندس محبتن ۽ محنتن جو ثمر آهي. آئون کيس اهڙي پورهيي تي جس پيش ڪيان ٿو.

محب ڀيل
جهڏو
جون 2017ع