ڏس حُسن وارا اداس، سج، چنڊ، تارا اداس، ڇو سڪل پراڻ ايڏي، ڇو رنگ سارا اداس، ڀل سڳي اندر سڏڪن، هي وار ڪارا اداس، اڄ نيڻ ڇو ٿا روئن؟ سڀ سڄڻ چارا اداس، ڇا ڪندا سامي، جوڳي، جي رُنا ڍارا اداس، جي عشق گلن ۾ نه هجي، ڇو لڳن خارا اداس.