بيوسي چادرن ۾ روڪجي!!
ربڏني خاصخيلي به عشق جي پنڌ ۾ شاعري کي ڇانورو بنايو ۽ مسلسل شاعري سرجيندو رهيو. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ نظر اڳيان گذرندي هئي. خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته سندس ڪتاب “نديءَ ۾ نهارون” ڇپيو.
ربڏنو خاصخيلي نڙ بيت جي ڪلاسيڪل شاعر سانوڻ فقير خاصخيلي جو ڳوٺائي آهي. سانوڻ فقير جيان هن ۾ به ڪا وڏائي ناهي ڪوبه غرور ناهي. لڳي ٿو ته هو عشق جي واٽن تي سانوڻ فقير جا پيرا ليڪيندو وڃي.
هن جي شاعري کي مون چڱي ريت پڙهيو آهي. سندس شاعري سنڌي سماج کان ٻاهر نڪتي ئي ناهي. سندس شاعري ۾ پنهنجي دل لڳي کان سواءِ ديس وندن جي درد جو اولڙو به پسي سگهجي ٿو.
امير زال ڊوڙ پائي اچي مڙس کي ٻڌايو،
ماسي ڪپڙو هڻندي مري ٽائلن تي وئي آ.
لاڙ جو هي سادڙو ۽ ماٺيڻو شاعر شهرت جي پويان ناهي ڀڳو، نه وري حاجي ۽ قاضي چوڻ واري روايت تي عمل ڪيو اٿس. ادبي حلقي ۾ ساڙ ۽ بغض ڏسي هن پنهنجي پر ۾ شاعري پي لکي آهي. فٽ پٽين تي شاعري ماپڻ وارا وڏا نقاد ڀلي سندس شاعري مان عيب ڪڍن پر سندس اهڙن خوبصورت خيالن جي اڏام ۽ لفظن جو جڙاءُ سندس شاعراڻي سگهه جو گواهه آهي؛
دڪان تي رکيل ڦلڙين کي پرينءَ،
زنگي نه وجهي اڄ نڪن جو وڇوڙو.
يا وري؛
اڄ حـــــــــياتي مــــــــوڙ آ ورتو نئون،
بيوسيءَ چادرن ۾ روڪجي،
اصل کان جنهن کي مٽيءَ جو عشق آ،
بوند سا ڪيئن بادلن ۾ روڪجي،
ربڏنو خاصخيلي جي شاعري ۾ مٿئين غزلن جي بندن جيان اهڙا ڪافي خوبصورت خيال ملن ٿا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سندس قلمي پورهيو سنڌواسين وٽ ضرور مان ماڻيندو.
غلام شبير لغاري
29 مئي 2017