ڪي ڪي ماڻهو رڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن
محبتون پويان مڻن ۾ ڇــــــڏي هليا ٿا وڃن،
پنهنجي پراڻن پڊن کي آخـــــري دفعو نهاري،
پکي به ڪاوڙ وڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،
جنگ جو منظر ٿو عورتون اداس ڪـــري،
ٻار به کـــــــــــــير ٿڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،
اڇـــــي سوزوڪيءَ ۾ روئي چڙهڻ کان پهرين،
ڪولهي يادون گهڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،
جن وٽ پنهنجي زمين ناهي سي سادا ماڻهو،
ڳالهيون ڪي ڳڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،
جڏهن سنڌو ٿو ڀرجي پڄي ٺٽي جي پٽن تي،
هاريءَ ڳــــــوڙها * چڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،
رات ڌنارن سان چنڊ رليءَ ۾ ويڙهجي سُتو،
ستارا يار وٿـــــــــاڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن.
* چڻن جو فصل