محبتن جي ڳولا چپن تي مرڪ اکين ۾ وڃائجي ويل محبت جي ڳولا، اندر ۾ حوصلن جي انتها، طبيعت ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر سادڙو، دل ۾ نه کٽندڙ درد جو سفر ۽ احساسن جو تن شاعري جي ويس سان ڇڪيل، جي ها اهي سڀ ڪيفيتون ان ربڏني خاصخيلي ۾ آهن جنهن ندي ۾ نهارون جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اڃان به تند بند نه ٿي آهي. هن ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر ڪري پيش نه ڪيو آهي. آئون جڏهن پهريون ڀيرو ساڻس مليو هئس ته هو مونکي صفا سادڙو محسوس ٿيو هو. مون کيس پنهنجي شاعري ٻڌائڻ لاءِ چيو جڏهن هن پنهنجا غزل ٻڌائڻ شروع ڪيا ته سچ پڇو ته منهنجون آڱريون چپن ۾ ڦاسي پيون مون کي سمجهه ۾ نه آيو هو ته هن جي ايڏي بهترين شاعري منظرن تان غائب ڇو رهي آهي جڏهن ته هن جي شاعري ۾ مون اهي سڀ منظر ڏٺا جيڪي ڪنهن هڪ عام ماڻهو کي بلندين تائين سگهن تڏهن مون دل ۾ سوچيو ته هن اهڙي خوبصورت شاعري منظر عام تي نه آڻي خود پاڻ سان ناانصافي ڪئي آهي. تڏهن مون ضد ڪيو ته يار اسان توکي ائين نه ڇڏينداسين تنهنجو شعور نئين نسل جي ضرورت آهي ان تائين ضرور پهچائينداسين. تڏهن وڏي ڪوشش کان پوءِ کيس ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ راضي ڪيوسين. “نديءَ ۾ نهارون” ان محبت جي ڳولا آهي، جيڪي زماني جي ڏاڍ ۽ جبر ۾ هيسجي ڪٿي وڃائجي ويون آهن، ان ڏڪاريل ڏيهه جي صدا آهي جنهن ڏيهه جو نياڻيون اگهاڙي ڪهاڙي جي اڃ بنيون آهن. دعا آهي ته شل سندس هي قلمي پورهيو جاري رهي ۽ احساس آشنا دليون هن جا خوشبوءَ جهڙا احساس اندر ۾ اوتينديون رهن. عبدالستار کوسو 0342 3098207