مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

پنهنجي پاران ( پنجين ڇاپي لاءِ)

رب پاڪ جا ڪروڙين ڪرم ٿيا جو ٻنهي جهانن جي سردار، ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمدﷺ جي ڀلاري سيرت ۽ پيغام تي سنڌي ۾ هن ڪتاب شايع ڪرڻ جي توفيق ملي. الله پاڪ، الله پاڪ جا ڪروڙين ملائڪ جنهن هستي تي سلام موڪلين، اها هستي انسانن جي سلامن کان بي نياز آهي. پر ايمان وارن تي لازم آهي ته پنهنجي هادي ۽ رهبر، شافع محشر، حضرت حبيب ڪريمﷺ تي صبح وشام سلام ۽ درود موڪلين. سندس سيرت پاڪ نه صرف بيان ڪن پر پاڻ ڪريمن جي آندل تعليم جي روشني ۾ سموري حياتي گذارين.
حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ به جيتوڻيڪ گهڻو ڪم ته ڪونهي پر ڪجهه نه ڪجهه ضرور آهي.
مهراڻ اڪيڊمي هن کان اڳ رهبر اعظمﷺ، سچو سرورﷺ، سهڻو سردارﷺ، هادي جون هدايتون، پيغمبري فرمان جهڙا انمول ڪتاب شايع ڪيا آهن.
هي ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
سنڌ جي نامياري اسڪالر ۽ اديب محترم دادا سنڌي رح، وڏي عقيدت، محبت ۽ پاٻوهه مان ”مٺي محبوب“ ﷺ بابت غير مسلمانن جا رايا سهيڙِي، ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيا آهن، جنهن لاءِ هو مبارڪباد جو مستحق آهي. منهنجي ڄاڻ ۾ سنڌي ٻولي ۾ هن قسم جو ڪتاب اڄ تائين شايع نه ٿيو آهي.
”مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾“ جا پيش لفظ مشهور محقق ۽ نوجوان اسڪالر انجنيئر عبدالمالڪ لکيا آهن. جنهن لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان.
پروفن پڙهڻ ۾ خالد سيف الله ڀٽي ۽ سردار احمد گڏاڻي ۽ اسٽار ڪمپوزرس شڪارپور جي آپريٽر رضاءُ الله گهمرو جو پڻ ٿورائتو آهيان جن رات ڏينهن هڪ ڪري هن ڪتاب ڱي وقت سر ِ آڻڻ ۾ منهنجو هٿ ونڊايو.
مونکي اميد آهي ته هي ڪتاب مصنف ناشر ۽ جملي سهڪار ڪندڙ دوستن لاءِ آخرت جو ثمر ثابت ٿيندو. انشاءَ الله.

قمر ميمڻ
سيڪريٽري
مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور