غار ثور جو واقعو: سي ايف اينڊ ريوز
هجرت کان ٿورو وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته پيغمبر اسلام حضور اڪرم ﷺ بلڪل اڪيلا رهجي ويا هئا. حضرت عمر رضه، حضرت ابوبڪر رضه ۽ڪن سچن دوستن کي ڇڏي. ڏٺو وڃي ته سندن ذات مبارڪ خطري ۾ وڪوڙيل پئي نظر آئي ۽ جان غير محفوظ بڻجي ويئي. حقيقت ۾ قريش هر وک تي ڪامياب نظر اچڻ لڳا ۽ خطر ايڏو ته وڌي ويو جو هڪ هڪ ڏينهن ۽ هڪ هڪ گهڙي هن کي ظاهر ڪرڻ لڳي ته ڪٿي سندن حياتي ۽ ڪم ختم نه ٿي وڃي ۽ ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڄڻ پاڻ کي موت جي منهن ۾ ڏيئي ڇڏيو هجين. پر ان سڀ ڪجهه هوندي پاڻ همت نه هارايائون ۽ دشمنن جي وچ ۾ رهندي به تبليغ کي جاري رکيون آيا، تانجو کين هجرت جو حڪم پهتو. پاڻ سڳورن ﷺ مديني جي ماڻهن کي جيڪي سندن دوست ۽ پوئلڳ هئا ثابت قدمي جا سنيها موڪليندا رهيا. سندن حڪم هو ته ” ڪوشش جاري رکو الله تعالى ۾ ڀرسو رکو . اسان به سندس آسري تي آهيون . اوهان مان به هر هڪ کي ان فضل جو انتظار ڪرڻ گهرجي . ان کان پوءِ اوهان کي خبر پوندي ته سچو ڪير آهي ؟ بس صبر ۽ همت کان ڪم وٺو، ڇو ته الله جو وعدو سچو آهي.“
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو مڪي ۾ مسلمانن جو شمار تيئن تيئن وڌڻ لڳو ۽ هڪ رات جو هڪ جڳهه تي 57 ماڻهن جي گڏجاڻي ٿي، جن ۾ جري عورتون هيون. انڌاري ۾ پاڻ ڳالهائي رهيا هئا ته آواز آيو ته محمد ﷺ پنهنجو هٿ وڌايو، سڀني گڏجي سندن هٿ مبارڪ تي بيعت ڪئي . جنهن کي ” بيعت عقبه “ چئجي ٿو جيڪا مڪي ۾ ٿي. قريش کي جڏهن هن ڳالهه جي سڌ پيئي ته هو ڏمريا ۽ مسلمانن تي سختيون ڪرڻ لڳا. ان وقت الله جو حڪم ٿيو ته مديني هليا وڃو . ڇو ته اتي الله جي مهرباني سان اوهان جا ڀائر وڌي رهيا آهن. اتي اوهان لاءِ گهر به آهن ته پناهه به آهي. مطلب ته ان کان پوءِ ٿورا ٿورا ٿي مسلمان اوڏانهن وڃڻ لڳا. اهڙي طرح اٽڪل سڀ مسلمان مديني پهچي ويا. سندن انگ 150 کان مٿي نه هو. انهن ۾ عورتون ۽ ٻار به هئا. منڍ ۾ ته قريش اهو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا ۽ کين ڪاوڙ اچڻ لڳي. هنن حضور ﷺ کي قتل ڪرڻ جي رٿ رٿي ۽ سندن گهر کي گهيري ۾ آ ندو. جنهن جو قرآن شريف ۾ هن طرح ذڪر آهي. ” ۽ ان وقت جو خيال ڪريو جڏهن ڪافرن اوهان جي لاءِ اها رٿ رٿي هئي ته اهي اوهان کي جهلن، قتل ڪن يا شهر نيڪالي ڏين. بي شڪ انهن سازش ڪئي ۽ الله تعالى تدبير ڪئي ۽ الله سڀني کان وڌيڪ تدبير ڪندڙ آهي.“ ان وقت حضرت علي رضه بستري تي ڳاڙهو ڪمبل پائي سمهي پيا ته جيئن اڳلا سمجهن ته پاڻ آرام۾ آهن . پاڻ سڳورا سڌو ابوبڪر رضه وٽ آيا جنهن کي ساڻ ڪري جبل ثور جي هڪ غار ۾ اچي پناهه ورتائون. قرآن مجيد ۾ ان واقعي جو ذڪر هن ريت اچي ٿو ته ” جڏهن اهي هڪ غار ۾ بي يارو مددگار موجود هئا ۽ جڏهن رسول اڪرم ﷺ پنهنجي دوست کي چيو ته گهٻراءِ نه ڇو ته بيشڪ الله تعالى اسان سان گڏ آهي. “ ۽ الله تعالى ان تي پنهنجي سلامتي نازل ڪئي ۽ اهڙي طرح فوج سان سندن مدد ڪئي جن کي اوهان ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالهين کي ڪوڙو ثابت ڪيو . الله تعالى جو وعدو سچو آهي ۽ هو قادر ۽ حڪيم مطلق آهي.
تاريخ اسلام ۾ هن واقعي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه واقعو مشهور نه آهي ۽ هي ان شهرت جي لائق به آهي ڇو ته خطرو ايڏو ته وڌي ويو هو جو حضرت ابوبڪر صديق رضه جهڙو بهادر ۽ دلير ماڻهو به موت کي سامهون ڏسي ڊڄي ويو. ڏينهن جو جڏهن سج جا ڪرڻا غار ۾ پيا ته ان وقت ڏسڻ ۾ آيو ته غار جو مٿيون منهن کليل آهي ۽ سڀ ڪجهه نظريو پئي. اهو ڏسي حضرت ابوبڪر چوڻ لڳو ته ” ٿي سگهي ٿو ڪو قريش صرف جهاتي پائي ته اسان کي ڏسي سگهي ٿو ” ان تي پاڻ فرمايائون ته ” ابوبڪر هن ڳالهه جو خيال نه ڪر ته اسان به آهيون پر اسان جي وچ ۾ هڪ ٽيون خدا به آهي.“ اهڙي سخت موقعي تي سندن واتان نڪتل هي لفظ ان لائق آهن ته انهن کي دنيا جي مشهور عالمن جي چوڻين سان گڏ انهن کي به هٿيڪو ڪيو وڃي. هي الفاظ هن تاريخي موقعي جو خاص حصو آهن. واقعي کي عام طور هنن جملن تي ختم ڪيو ٿو وڃي ته ٽن ڏينهن تائين سخت ڳولا ڪئي ويئي، ٽن رات انڌاري آئي ۽ ڏکين حالتن کان پڇندا، پاڻ مديني پهتا.“ جتي خوشيون ڪيون ويون ۽ کلي دل سان آجيان ڪئي ويئي.
مان مسلمان نه پر عيسائي آهيان، ۽ غار ثور جي هن واقعي جي تعريف ضرور ڪريان ٿو. خاص ڪري انهن لفظن جي ته ابوبڪر هن ڳالهه جو خيال نه ڪر، اسان به نه آهيون، پر ٽيون خدا به اسان جي وچ ۾ آهي.“ اهي لفظ حضور اڪرم ﷺ جي عظمت کي اوچو ڪن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ان دور جي حالتن تي نظر ڪريو. ماڻهو جهالت ۽ ڪفر ۾ غرق هئا. بي رحمي ۽ عيش وعشرت ۾ٻڏل هئا. سندن مذهب صرف بت پرستي هو. ڌيئرن کي مارڻ ڪو عيب نه سمجهندا هئا. زنا ايترو ته عام هو جو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ پٽ انهن زالن مان جنهن کي پسند ڪندو هو ان سان شادي ڪندو هو. اتي بس نه هئي پر گناهن جي ڳالهه ڪرڻ سان لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. زبردست خطرن هوندي به حضور سائين جي استقامت جي ايمان ۾ ڪو فرق نه آيو. هن پنهنجن مريدن ۾ نئون روح ڦوڪيو حضورسائين جنهن ماحول ۾ گهريل هئا، اهو ڏسو ته سهي ! اتي روز نئين پرستش ٿيندي هئي. پاڻ سڳورن کي ان بت پرستي، وهم پرستي ۽ باطل خدائن جي پوڄا کان دلي نفرت هئي ۽ پاڻ کين ڌڪاريندا هئا. سندن يقين هڪ خدا تي ۽ ان جي فضل، ڪر، رحم ۽ بخشش تي هو. ٻين سان پيار ۽ محبت سان هلندا هئا. سچائي ۽ انصاف کان ڪم وٺندا هئا ۽ اهڙي طرح هڪ اڻ ڏٺل خدا جي ويجهو ٿيندا ويا. منجهن آخرت تي يقين ۽ گناهن کي ڊپ جو جذبو پئدا ٿي چڪو هو. هي سڀئي اچرچ ۾ وجهڻ واريون تبديليون منجهن ٿورڙي وقت ۾ پئدا ٿيون. جنهن جو سبب الله تي ايمان هو. جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ هن زماني ۾ پنهنجو ڪم نه ڪري ها ته پوءِ سڀ اهم خوبيون به ان مان ائين ختم ٿي وڃن ها. جيئن جاڳڻ کان پوءِ خواب ختم ٿيو وڃي. پر هو هن ڪم مان ڪڏهن به نه ٿڪا. سندن الله تي مڪمل ايمان هو. اهو ئي سبب آهي جو سندن واتان نڪتو ته ” ابوبڪر هن ڳالهه جو خيال نه ڪر ته اسان ٻه آهيون نه اسان جي وچ ۾ هڪ ٽيون خدا به آهي. “ اهڙي ئي ڪٺن گهڙي ۾ جڏهن منهنجي اڳيان به اهي ساڳيا لفظ ورجايا ويندا آهن ته منهنجي دل به روحاني خوشي سان ڀرجي ويندي آهي. جڏهن به انهن لفظن کي جهونگاريندو آهيان ته دل روحاني جوش ۽ ولولي سان جهومڻ لڳندي آهي ۽ هي الفاظ وري وري منهنجي دل ۾ ايندا آهن ته ” ابوبڪر رضه خيال نه ڪر، ڪڏهن به نه ڪر ته اسان ٻه آهيون نه اسان جي وچ ۾ هڪ ٽيون به آهي . ” الله“