پيغمبر اسلام جي رهڻي ڪهڻي: پنڊت سندر لال
مديني ۾ پاڻ سڳورن جي زندگي، منڍ کان آخر تائين، نهايت سادي ۽ مصروف گذري. سرڪاري ٽئڪس، زڪوات يا صدقي مان، هڪ ڪوڏي به پنهنجي يا پنهنجي گهروارن لاءِ وٺڻ کي حرام سمجهندا هئا. خاص ماڻهن کان سوکڙيون وٺندا هئا، پر ضرورت کان وڌيڪ نه. رات جو، جيڪڏهن ڪابه شئي، بچي پوندي هئي ته، اها غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. ٻئي ڏينهن جي لاءِ، پچائي رکڻ کي الله تعالى ۾ ايمان آڻڻ جي ڪمزوري سمجهندا هئا. ان جو نتيجو هي نڪتو جو پاڻ ۽ گهر وارا ٽن ٽن ڏينهن تائين بک تي رهندا هئا. صرف کارڪن ۽ پاڻي تي ڪيترائي مهينا گذري ويندا هئا. سندن وفات کان پوءِ حضرت عائشه رضه ٻڌايو ته ” ڪڏهن ڪڏهن مهينا گذري ويندا هئا، جو محمد ﷺ جي گهر ۾ باهه نه ٻرندي هئي. “ ڪنهن پڇيو ته ” پوءِ اوهان زندهه ڪيئن رهيا؟ ته جواب مليو ته ” ٻن شين جي سهاري ( کارڪون ۽ پاڻي) جيڪي مديني وارا اسان کي موڪليندا هئا.“ حضرت عائشه رضه چيو ته ” پيغمبر ڪڏهن به، ٻن کاڌن جو سواد نه ورتو. اسان جي گهر ۾ ڇاڻي نه هئي، ان ڪري داڻن کي ڪٽي، ڦوڪي سان صاف ڪندا هئاسون. ڪيترا دفعا، رات جو گهر ۾ بتي ٻارڻ لاءِ تيل نه هوندو هو. حديثن ۾ اچي ٿو ته بک جي ڪري سندن پيٽ تي ڪپڙن جي هيٺيان پٿر ٻڌل هوندا هئا، پر گهر ۾ سختي سان منع ڪئي ويئي هئي ته ڪنهن گهرواري بک جي شڪايت ڪئي. پاڻ کين نرمي سان سمجهايائون ته ” جيڪا به ان ڏک کي نه سهي سگهي، ان کي موڪل آهي ته مون کان طلاق وٺي، جيڏانهن وڻيس اوڏانهن وڃي، پر پڇاڙي تائين نه ڪنهن گهرواري کي طلاق ڏنائون ۽ نه وري ڪا کين ڇڏي ڪيڏانهن ويئي. پنهنجي گهر ۾ ٻهاري پاڻ ڏيندا هئا. پنهنجيون ٻڪريون پاڻ ڏهندا هئا. ڪپڙن ۾ پنهنجن هٿن سان چتيون هڻندا هئا. پنهنجي جتي پاڻ ڳنڍيندا هئا. پنهنجي اٺ کي کرکرو پاڻ هڻندا هئا. تڏي يا ڌرتي تي سمهندا هئا. هڪ دفعي سندن پٺي تي تڏي جا نشان ڏسي، ڪنهن چيو ته ” اوهان کي گاديلو وڇائي ڏجي“ ته پاڻ ﷺ ائين چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته ” مان آرام ڪرڻ لاءِ، پئدا نه ٿيو آهيان.“ وفات وقت سندن زرهه، هڪ يهودي وٽ ڏيڍ مڻ اَن ۾ گروي رکيل هئي. سندن حالت هي هئي، جو وٽن ڪو مهمان ايندو هو، ته پاڻ يا گهروارن کي، بکيو رکي مهمان جي خاطر تواضع ڪندا هئا. جڏهن ته ايران، روم ۽ ايٿو پيا وارا وٽن ايندا ويندا هئا، پر عرب جو هي عجيب حڪمران تخت، ڪرسي يا ڪنهن اتانهين جاءِ تي ويٺل نظر نه ايندو هو، پر عام ماڻهن سان گڏجي پٽ تي اهڙي طرح وهندا هئا جو ڪو فرق ظاهر نه ٿيندو هو. سندن اچڻ تي ڪو اٿي بيهندو هو، ته پاڻ ناراض ٿيندا هئا. ڪڏهن به ريشمي ڪپڙو ڪتب نه آندائون. فرمائيندا هئا ته ” مومن کي ريشمي ڪپڙو نه ٿو سونهي.“ رنگين ڪپڙا، ڪڏهن ڪڏهن پائيندا هئا، پر گهڻو ڪري اڇو، ٿلهو، سوٽي ڪپڙو پسندا ڪندا هئا ۽ اهو ڍڪيندا هئا. پاڻ اڻ سبيل ڪپڙو اڪثر ڪم آڻيندا هئا.
سندن گهر ڪچي سرن جو ٺهيل هو. گهر وارين لاءِ، ڌار ڌار جهوپڙيون هيون، جن جي وچ ۾، کجي جي پوٽن جو ليپو ڏنل ڀت هئي. ان جي ڇت ڪکن ۽ پنن جي هئي. گهر کي دروازو ڪو نه هو. پر چمڙي يا ڪاري رنگ جي ڪپڙي جا پردا لٽڪيل هئا. پاڻ اٺ يا ٻڪري جو گوشت کائيندا هئا، پر گهڻو ڪري کارڪون، جَوَن جي ماني ۽ پاڻي تي گذارو ڪندا هئا. کير ۽ ماکي سندن وڻندڙ کاڌو هو. پر اهو گهٽ کاڌائون. هڪ دفعي کين بادام جو اٽو ۽ کير نذراني طور ڏنو ويو ته پاڻ هي چئي واپس ڪيائون ته ” هي اجايو خرچ آهي ۽ فضول خرچ ماڻهن جو ڪم آهي. “ کين ڪچي بصر ۽ ٿوم کان ايتري ته نفرت هئي جو ڪڏهن به اهڙي شئي نه کاڌائون جنهن ۾ ڪچو بصر يا ٿوم پيل هجي ۽ نه وري اهڙي ماڻهو سان ويهڻ پسند ڪندا هئا جنهن جي وات مان بصر يا ٿوم جي ڌپ ايندي هجي. حڪم هو ته ڪوبه ماڻهو ڪچو بصر يا ٿوم کائي مسجد ۾ نه اچي.“
پاڻ سڳورا ننڍن وڏن سان هڪجهڙو برتاءُ ڪندا هئا. خاص ڪري ٻارن سان کين محبت هئي. رستي ويندي ٻارڙن سان بيهي ڳالهيون ڪندا هئا. بيمار کان گهر وڃي پڇي ايندا هئا. گهٽ درجي وارو، يا ڪو ٻانهو کين دعوت ڪندو هو ته خوشي سان قبول ڪندا هئا. ننڍي کان ننڍي ماڻهو سان محبت ۽ عزت سان پيش اچڻ، ڪنهن جي ڳالهه دل ۾ نه ڪرڻ، پاڻ تي ضابطو رکڻ، دل ڪشادي ۽ هٿ کليو رکڻ، سندن زندگي جا اهي روشن پهلو آهن، جن عام ماڻهن کي متاثر ڪري، سندن درٻار ۾ آندو.
انهن ڏينهن ۾ عرب ۽ ساري دنيا ۾، ٻانهن رکڻ جو رواج هو، پر وٽن جيڪي به غلام هئا، تن کي آزاد ڪري ڇڏيائون ۽ ان سلسلي ۾، عام ماڻهن جي وڏي مدد ڪندا هئا. پنهنجن مريدن کي چوندا هئا ته ” مان اوهان جهڙو ماڻهو آهيان.“ الله تعالى کان روئي پنهنجن گناهن جي معافي گهرندا هئا. پاڻ سدائين اونهي فڪر ۾ رهندا هئا، ۽ کين چپن تي مرڪ هوندي هين. جڏهن پيدل هلندا هئا، ته تيز نظر ايندا هئا ۽ پٺيان ايندڙ ماڻهو، ڊوڙي وڃي ساڻس پهچندو هو.