مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

عرب جو لعل : سوامي لڪشمن جي مهراج

حق ۽ صداقت جي تبليغ لاءِ ڪيل ڪوشش، جيڪا خلوص ۽ سچي دل سان ڪئي وڃي، ڪڏهن به ناڪام نه ٿي ٿئي. تاريخ شاهد آهي ته اصلاح لاءِ کنيل نيڪ قدم ڪڏهن به پوئتي نه رهيو آهي. نيڪ ۽ اعلى خيال فنا نه ٿا ٿين، سندن اهميت ۽ افاديت، ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي. جيتوڻيڪ اهي مصلح دنيا ٿا وڃن، پر پٺيان ڇڏيل سندن هدايتون، نصيحتون ۽ طريقا، ان جي قوم لاءِ رهبر ثابت ٿين ٿا ۽ ضرور اثر ڏيکارين ٿا. اهو معاملو حضرت محمد ﷺ جي تبليغ سان به ٿيو. منڍ ۾ جن ماڻهن سندن تبليغ تي ڇترون ڪيون. تن آخر اچي ڪنڌ نمايو.
تهذيب، تمدن، اخلاق ۽ شرافت جي فقدان واري ماحول ۾، پاڻ سڳورا اعلى اخلاق جا روشن ستارا بڻجي آسمان عرب تي اڀريا، ۽ عام ماڻهو سندن اوصاف حميده ۽ خصائل حسنه کان منور ٿيا. ان زماني ۾ جڏهن ڪوڙ ۽ ٺڳي، بي ايماني ۽ فريبڪاري، عربن جي خاص خوبي هئي، تڏهن به پاڻ سچائي ۽ صداقت سان، هرهڪ کي ديوانو بنائي ڇڏيو. ايتري تائين جو هرڪو کين امين ۽ صادق سڏڻ لڳو. واپار سندن محبوب پيشو هو. قيس بن صائب، ساڻن ڀائيوار هو. پاڻ هڪ ڀيري وکر کڻي، يمن ويا ۽ کين اڳ کان وڌيڪ نفعو مليو. پاڻ واپس اچي قيس کي پائي پائي جو حساب ڏيئي نفعو ڏنو. ٻئي ڀيري، قيس پاڻ سامان کڻي يمن ويو ۽ واپس ٿي حساب ڪري حضور جن کي اڌ رقم حصي ۾ ڏني. پاڻ سڳورن کي جڏهن خبر پيئي ته قيس حساب ۾ ڀليو آهي ۽ کين رقم وڌيڪ ملي آهي، تڏهن ان وقت، قيس وٽ ويا ۽ ان کي واڌاري رقم موٽائي ڏني.
ٻئي دفعي جو واقعو آهي ته ڪعبته الله شريف جي نئين جڳه ٺهرائڻ کان پوءِ حجر اسود کي پنهنجي جاءِ تي رکڻ جو مسئلو پئدا ٿيو. هر سردار پيو گهري ته ان کي هٿ مان لڳايان، ۽ معاملو وڃي تلوارن تي پهتو. آخر فيصلي لاءِ پاڻ سڳورن کي چونڊيو ويو حضور سائين چادر وڇائي، حجر اسود کي پنهنجن هٿن سان کڻي ان ۾ رکيو ۽ سڀني سردارن کي حڪم ڪيائون ته هاڻي گڏجي ان جي ڪنڊن کان وٺو، ۽ ان جڳهه تي جڏهن کڻي آيا ته پاڻ ان کي کڻي سندس اصلي جڳهه تي رکيو. سندن اهڙي فيصلي سان هڪ خونريز جنگ ٿيندي ٿيندي، رڪجي ويئي، جيتوڻيڪ عام ماڻهن جي نظر ۾، هي معاملي ڳالهه آهي، پر نتيجي جي خيال کان ان جي اهميت جو ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي.
پاڻ سڳورن جي اخلاق حسنه بابت هڪ حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور اڪرم ﷺ اخلاق جا مجسمه هئا. جاهلن کي علم ڏيندڙ الله جا ٻانها ۽ رسول، سڀ ڪم الله جي حوالي ڪندڙ، نه گفتگو ۾ سخت، نه چال ۾ سخت، نرم طبع، حليم، بردبار، مهربان ۽ صرف الله جي هيڪڙائي کي مڃيندڙ، سندس تعليم انڌي کي ديد، ٻوڙي کي ڪن ۽ غافل دل کي سجاڳ ڪري ٿي. هو هر برائي کان پاڪ ۽ هر نيڪي سان لبريز هئا. سندس ڪلام حڪم آهي. صدق ۽ وفا سندس طبيعت آهي. معاف ڪرڻ ۽ احسان ڪرڻ سندن عادت آهي. انصاف ان جي سيرت آهي، سچائي ان جي شريعت آهي. هدايت ڪرڻ ان جو طريقو آهي. مذهب ان جو اسلام ۽ احمد ﷺ ان جو نالو آهي. هو ضلالت مان ڪڍي رفعت ڏيڻ وارو انڌاري مان سوجهري ڪرڻ وارو گمنامن کي نالو ڏيڻ وارو جاهلن کي عالم بنائڻ وارو اقليت کي اڪثريت ۾ آڻڻ وارو، سڃن کي امير ڪرڻ وارو، ڇڙو ڇڙو کي گڏ ڪرڻ وارو، نفاق کي اتفاق ۾ آڻڻ وارو، فرد کي جماعت بنائڻ وارو، ڪيني ۽ ڪروڌ مان ڪڍي، الفت ۽ محبت بخشڻ وارو، محمد ﷺ ئي آهي. جنهن جي امت دنيا ۾ ڀلاري امت بڻي. جنهن جو ڪم ماڻهن کي هدايت ڪرڻ آهي.
سندس عادات مبارڪ جي ڇا ڳالهه ڪجي ! سواري هوندي، ڪنهن کي پيرين پنڌ نه ڇڏيندا هئا. حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته، هڪ ڀيري خچر تي پاڻ سڳورا، اگهاڙي پٺي چڙهيل هئا. رستي ۾ مان ساڻن مليس. فرمايائون ته مونسان گڏ چڙهيو.“ سندن هٿ وٺي جيئن چڙهيم، ته پاڻ سوار ٿي، ٻيهر چڙهڻ لاءِ حڪم ڪيائون، ته وري به ائين ٿيو. ٽئين دفعي پاڻ حڪم ڪيائون، پر مان انڪار ڪيو ته اوهان هلو. سخاوت جا ته صاحب هئا. ڪڏهن به سوالي کي خالي نه موٽايائون. جيڪڏهن ڪجهه نه به هوندو هون ته سوالي کان معافي وٺندا هئا، الله تعالى کان دعا گهرندا هئا ته ” يا الله هڪ ڏينهن بکايل رهان، هڪ ڏينهن کايان. بک ۾ تهنجي اڳيان، آزي نيزاري ڪريان ۽ ڍئو ڪري تنهنجو شڪريو بجا آڻيان. سڀني سان پيار ۽ محبت سان پيش ايندا هئا. يتيمن کي پاليندا هئا. ڪو مسلمان مري ويندو هو ته ان جو قرض لاهيندا هئا. حضرت محمد ﷺ جي تعليم اعلى پائي جي آهي. هت سندن تعليم جو صرف نمونو ڏيکارڻو آهي. سندن فرمان آهي ته :
1. سياڻو اهو آهي جيڪو پاڻ کي سڀني کان گهٽ سمجهي ۽ اهو ڪم ڪري، جيڪو مرڻ کان پوءِ کيس ڪم اچي . اياڻو ا هو آهي جيڪو پنهنجي نفس جو بندو هجي ۽ الله کان ڪابه شئي نه گهري صرف اميد رکي.
2. بهادر اهو نه آهي، جيڪو الله جي ٻانهن کي ستائي، پر بهادر اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس کي ضابطي ۾ رکي.
3. قناعت اهو خزانو آهي، جيڪو ڪڏهن خالي نه ٿو ٿئي.
4. رايو ڏيڻ امانت آهي، غلط صلاح ڏيڻ خيانت آهي.
5. شر يا گناهه جو ڪم نه ڪرڻ صدقو آهي.
6. حيا چڱائي جي نشاني آهي، ۽ نيڪي ئي نيڪي آهي.
7. تندرستي ۽ واندڪائي، اهڙيون نعمتون آهن، جيڪي هر هڪ کي نه ٿيون ملن.
8. جيڪو وعدي جو پڪو ناهي، اهو ديندار ئي ناهي.
9. عقل کان وڌيڪ ٻي دولت نه آهي.
10. مرد جي سونهن، سندس گفتگو آهي.
11. جهالت کان وڌيڪ، ٻي تنگي نه آهي.
12. جنهن ۾ امانت جي خوبي نه آهي، ان ۾ ايمان نه آهي.
13. سٺيون عادتون، محبت جي نشاني آهي.
14. خيرات ڪرڻ سان ملڪيت نٿي گهٽجي.
15. پنهنج ڀاءُ کي طعنو نه ڏيو. ٿي سگهي ٿو ، اوهان سان به ساڳئي حالت ٿئي.
16. الله جي خوشي، پيءُ جي خوشي ۾ آهي. ۽ خدا جي ڪاوڙ پيءُ جي ڪاوڙ ۾ آهي.
17. سڀني ڪمن کان بهتر ڪم وقت تي نماز پڙهڻ آهي. ان کان پوءِ ماءُ پيءُ جي پيروي ڪرڻ .
18. سڀني گناهن کان وڌيڪ گناهه شرڪ، ۽ ماءُ پيءُ جي نافرماني آهي! پوءِ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ.
19. نياڻين جي پالنا هڪ امتحان آهي . جيڪو ان ۾ پاس ٿيو، اهو دوزخ کاب بچي ويو.
20. حڪومت ڪفر سان نٿي ٽٽي. پر ظلم سان ختم ٿي ٿئي.
21. مرڪي ملڻ، سٺي ڳالهه ٻڌائڻ، خراب ڪم کان بچائڻ، ڀليل مسافر کي واٽ ڏيکارڻ، انڌي کي راهه لائڻ، رستي مان ڪنڊو، پٿر، هڏي هٽائڻ، ڪنهن کي پاڻي جو ڏول ڪڍي ڏيڻ، هي سڀ ڪم صدقي برابر آهي.
22. سڀ سان پيار ڪرڻ، عقل جي نشاني آهي.
23. حڪمت ۽ دانائي کي، پنهنجي وڃايل وٿ سمجهو، جتان به ملي حاصل ڪريو.
24. تحقيق ڪرڻ جو شوق اڌ علم برابر آهي.
25. عبادت جي بزرگي کان علم جي بزرگي بهتر آهي.
26. ڪنهن پڇيو ته خدمتگار کي ڪيتري معافي ڏجي پاڻ فرمايائون ته ” ڏينهن ۾ ستر دفعه “