مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور اڪرم ﷺ جن جي زندگي جا روشن پهلو : راڻا ڀڳوان داس

حضور اڪرم ﷺ جن جي زندگي جا روشن پهلو : راڻا ڀڳوان داس

الف : - خلق نبوي : آسماني ڪتابن ۾، قرآن شريف اڪمل ۽ دستور الاهي آهي. حضوراڪرم ﷺ جو اخلاق مبارڪ، قرآن جي عملي تصوير آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته ” انڪ لعلى خلق عظيم“ ” اي محمد! تون اخلاق جي اعلى مقام تي فائز آهين.“ قرآن شريف ۾ ٻيءَ جاءِ تي آهي ته ” رسول خدا جي ذات ۾، اوهان لاءِ بهترين نمونو آهي.“ الله تعالى جي هن فرمان مان ظاهر آهي ته ” رسول خدا، دنيا ۾ دنيا وارن لاءِ مثالي نمونو آهن ۽ پاڻ جيڪي چيائون، ان تي عمل ڪري ڏيکاريائون. حضرت انس بن مالڪ رضه، ڏهه سال پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ رهيو. پاڻ ٻڌائين ٿا ته ” مان ڏهه سال پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ رهيو. پاڻ ٻڌائين ٿا ته ” مان ڏهه سال حضور ﷺ جي خدمت ڪئي، ڪڏهن مونکي نه ڇينڀيائون ۽ نه وري چيائون ته هي ڪم تو ڇو نه ڪيو؟ زيد مسند، وعدي کان ٽي ڏينهن اڳ، پنهنجي قرض اڳاڙڻ جي سختي سان گهر ڪئي. ان تي حضرت عمر رضه، کيس ڳالهايو. پاڻ ان تي اٽلو حضرت عمر رضه کي هدايت ڪيائون ته، بدوي کي نه ڳالهائي ۽ کيس قرض کان وڌيڪ رقم ڀري ڏي. هڪ بدوي کين چادر سان گهٽو ڏي ٿو ۽ بدشد به ڳالهائي ٿو، پر قربان وڃجي خلق محمدي تان، پاڻ ان بدوي کي اٺ مال جا ڀري ڏنا. الله جي برگزيدهه رسول، هر وقت پنهنجي اعلى اخلاق جو مظاهرو ڪيو. مجلس ۾ ڪڏهن به ٽنگون ڊگهيون ڪري نه ويٺا. مصافحي لاءِ پهرئين، پاڻ ٻانهن ڊگهي ڪندا هئا. ڪنهن جي ڳالهه نه ڪاٽيندا هئا. جيڪڏهن نماز ۾ هوندا هئا ۽ ڪو ساڻن ملڻ ايندو هو، ته نماز کي مختصر ڪندا هئا. کين سخت ڪلامي کان نفرت هئي . شيرين ڪلامي، رحمت ۽ شفقت سندن خلق جا خاص جز هئا. فرمائيندا هئا ته ” شهزور ۽ ڏاڍو، اهو نه آهي جيڪو ٻين کي چيري ڦاڙي پر طاقتور اهو آهي جيڪو ڪاوڙ کي کائي ڇڏي ٻئي دفعي فرمايائون ته ” ڪنهنجا عيب نه ڳوليو“ . وڌيڪ فرمايائون ته ” اوهان مان، ڪو ڪنهنجي غيبت نه ڪري.“ ابودائود ۽ ترمزي ۾ آهي ته ” قيامت جي ڏينهن، عملن جي تارازي ۾ خوش خلقي کان وڌيڪ ٻي ڪا به شئي وزني نه هوندي. ۽ الله تعالى بدگو ۽ بدزبان شخص کي ڌڪاري ٿو.“ پاڻ هدايت ڪندا هئا ته ” ماڻهن سان گفتگو ميٺاج سان ڪندا ڪريو“. هڪ دفعي حضرت ابوذر رضه، هڪ شخص کي ” اي حبشي جا پٽ“ ڪري سڏيو، پاڻ ٻڌائون ته چيائون ” اي ابوذر، اڇي کي ڪاري تي ڪابه فضيلت نه آهي“ پاڻ حڪم ڪيائون ته جيڪو قرضدار مسلمان مري وڃي ته مونکي اطلاع ڏيو ته مان ان جو قرض ادا ڪريان ۽ هو ملڪيت ڇڏي وڃي اها سندس وارث سنڀالين. پاڻ فرمايائون ته ” اهو مومن نه آهي، جنهن جي حرڪتن کان ان جو پاڙيسري محفوظ نه هجي.“
اخلاقيات ۾ وعده وفائي وڏي اهميت رکي ٿي. يثرب جي والي حڪم ڪيو ته ” اقرار ۽ وعدي کي پورو ڪريو.“ ۽ اها صفت به، منجهن مڪمل موجود هئي ته نه صرف پاڻ حڪم ڪيائون، پر واهه جو پاڙيائون به. ابو طحامه جو چوڻ آهي ته ”هڪ دفعي حضور سائين بازار ۾ مليا. مون کين چيو ته ” اوهان سان ڪا صلاح ڪرڻي آهي. سو ترسو ته مان گهران ٿي اچان.“ پاڻ وعدو ڪيائون. مان گهر آيس ۽ ڳالهه وسري ويئي. ٻئي ڏينهن شام جو ڳالهه ياد آئي. ڏک ٿيو ۽ بازار اچان ته پاڻ سڳورا اتيئي موجود آهن. مون کي ڏسي فقط ايترو چيائون ته ” ابوطحامه، تون مون کي تڪليف ڏني.“ الله الله، خلق محمد جو ڇا شان هو.
امانت جي حفاظت ۽ واپسي، اخلاق حسنه جو عظيم رڪن آهي. عرب جي مشهور سردار، نصر بن الحارث اسلام جي دشمنن کي خطاب ڪندي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته ” محمد ﷺ اوهان مان ئي هڪ نوجوان هو. جيڪو سڀ کان وڌيڪ پسنديده انسان هو. هو هر وعدي ۾ سچو ۽ امانت ۾ سڀ کان وڌيڪ هو .پر جڏهن هو پوڙهو ٿيو ۽ اوهان وٽ پيغام آندو ته اوهان کين ساخر سڏڻ ڪيو. خدا جو قسم، هو ساحر هرگز نه آهي.“ هجرت جي رات، سندن گهر جي چوڌاري، دشمن اگهاڙيون تلوارون کنيو بيٺا آهن. پر پاڻ حضرت علي رضه کي امانتون سلامتي سان مالڪن کي پهچائڻ جون هدايتون ڏيئي رهيا آهن. پنهنجن ذاتي دشمنن کي، معاف ڪري ڇڏيائون. ابوسفيان، جو هڪ ماڻهو کين قتل ڪرڻ لاءِ خنجر کڻي اچي ٿو، پر پڪڙجي پوي ٿو. پاڻ کين معافي ڏين ٿا. رئيس المنافقين عبدالله بن ابي، ساري ڄمار سندن دشمن ٿي رهيو، پر جڏهن مئو ته، پاڻ سڳورن کين قميص لاهي، ان جي ڪفن لاءِ موڪلي.
پاڻ سڳورن ملت اسلاميه جي اخلاق ۽ ڪردار کي سنوارڻ لاءِ هر وقت تاڪيد ڪيو. فرمايائون ته ” ڪو به مسلمان، ٻئي مسلمان کي گهٽ نه سمجهي ۽ نه ئي ان جي بي عزتي ڪري.“ هڪ دفعي چيائون ته ” جنهن جي دل ۾، ذري برابر به تڪبر هوندو، اهو جنت ۾ نه ويندو.“ بدگماني کان بچڻ لاءِ تاڪيد ڪيائون. چيائون ” ٽي ماڻهو گڏ هجن ته ٻه ماڻهو ڪن ڀڻ نه ڪن.“ فرمايائون ته ” جنهن به ڪنهن مسلمان کي ايذاءَ ڏنو، ان ڄڻ الله کي ايذاءَ ڏنو.“ انسان جي سماجي زندگي ۾، ان جي اجتماعي ڪردار کي سنوراڻ لاءِ همدردي، غمگساري ۽ الله جي ٻانهن جي، ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ جي جيڪا تعليم ڏني اٿن، اها ته اڻ لڀ آهي. فرمائين ٿا ته ” جيڪڏهن ماڻهو، منهنجي امت مان، ڪنهن هڪ جي به حاجت پوري ڪندو، ان ارادي سان ته ان مان الله تعالى خوش ٿيندو، ته ان ڄڻ مون کي خوش ڪيو، ۽ جنهن مون کي خوش ڪيو، الله تعالى ان کي جنت ۾ جاءِ ڏيندو.“ پاڻ فرمايائون ته ” ڪنهن مسلمان کي، کل ڀوڳ ڪري، پريشان ڪرڻ جائز نه آهي.“ حسد جي خرابين کي نمايان ڪندي فرمائين ٿا ته ” اوهان حسد نه ڪندا ڪريو ڇو ته حسد نيڪين کي ائين ساڙي ڀسم ڪري ڇڏي ٿو، جيئن باهه ڪاٺين کي ساڙي رک ڪري ٿي. پاڻ سڳورن خلق ۽ محبت جي حدن کي، وسعت ڏيندي بين الاقوامي ليلول (سطح) تي آندو. فرمايائون ته ” انسان، انسان جو ڀاءُ آهي“. حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته ” پاڻ سڳورن فرمايو ته ” اوهان مان ڪوبه سچو مومن ايتري تائين ٿي نه ٿو سگهي، جيتري تائين هو ٻئي جي لاءِ اها شئي پسند ڪري، جيڪا پنهنجي لاءِ ڪري ٿو ۽ جيتري تائين هو انسان سان محبت صرف الله جي راضپي لاءِ ڪري“ . مطلب ته حضورﷺ پنهنجي سڄي سمار ۾ بي مثال خلق ۽ محبت جي اعلى معيار کي، قائم ڪري انسان ذات کي اعلى ڪردار جو مالڪ بنايو.

ب :- پاڻ سڳورن جو نظام مملڪت : تاريخ جي صفحن ۾ يثرب جي مالڪ، دنيا کي هڪ اهڙو سياسي نظام ڏنو جيڪو عبادت ۽ رياضت سان گڏ نظم، نسق ۽ سياست جون خوبيون به رکي ٿو. پاڻ سڳورا رات جو نه صرف عبادت ڪندا هئا، پر ميدان جنگ، خواهه مملڪتي نظام ۾ به وڏي مهارت رکندڙ هئا. پاڻ مقدمن جي پيروي به ڪندا هئا، ته زڪوات جي رقم وصول ڪري حقدارن ۾ ورهائيندا به هئا. سياسي مسئلن کي دوستن جي راءِ سان حل ڪندا هئا ۽ کين چوندا هئا ته مونکي مشورو ڏيو. ديني مسئلن کي پنهنجي راءِ سان حل ڪندا هئا، مسلمان ٿيڻ وارن ڪٽنبن کي اسلامي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجا ايلچي موڪليائون. مديني ۾ اسلامي حڪومت قائم ڪيائون ۽ ان جي چوڌاري شهرن ۽ ڳوٺن جي قبيلن ۾ پنهنجا علمدار مقرر ڪيائون. حجاز ۽ يمن جي هر وڏي شهر ۽ وڏي قبيلي ۾ پنهنجا نائب مقرر ڪيائون. سڀني واسطيدارن ملڪن ۽ شهرن ۾ انهن جي مقرر ڪرڻ جو مقصد اسلام جي سياسي ۽ ديني نظام کي مروج ڪرڻ هو. خود مديني ۾ به، پنهنجو نائب مقرر ڪرڻ فرمايو هئائون. هڪ دفعي پاڻ هڪ غزوهه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مديني کان ٻاهر ويا ته حضرت عتاب بن آسيه رضه کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو ۽ هڪ درهم روزانو جي حساب سان سندس پگهار مقرر ڪيائون. پاڻ سڳورن جي زماني ۾ هي پهرئين پگهار هئي، جيڪا ڪنهن کي ڏني ويئي ورنه اصحابي فقط مال غنيمت مان حصو وٺندا هئا.
حضور اڪرم ﷺ جي زماني ۾، مسجد نبوي کي بنيادي حيثيت حاصل هئي، اتي هر قسم جا فيصلا حل ڪيا ويندا هئا. قرآن ۽ حديث جو مرڪز به مسجد هئي ته امامت، عبادت، عدالت ۽ صلاح مشوري جو مرڪز به مسجد هئي، پاڻ مسجد ۾ سفيرن جي آجيان ڪندا هئا سياسي ۽ ديني مسئلن تي عام مسلمانن کي ليڪچر به مسجد ۾ ڏيندا هئا ۽ مهمات دولت جو انتظام به مسجد ۾ ڪندا هئا. مطلب ته اسلامي حڪومت جو صدر دفتر، پارليامينٽ، مقام عبادت ۽ سيڪريٽريٽ مسجد ئي هئي ۽ ديني ۽ دنوي اقتدار جو مرڪز به مسجد هئي. هن مان صاف ظاهر آهي ته حضور اڪرم ﷺ پنهنجي ئي زماني ۾ مملڪتي نظم ۽ نسق قائم ڪري، اسلامي حڪومت جو بنياد وڌو.
ث: - حضور اڪرم ﷺ جي سياست : سيرت پاڪ جي سڀني واقعن ۾، فتح مڪه کي عظيم الشان حيثيت حاصل آهي. حديبيه جو عهدنامو، حضور اڪرم ﷺ جي رحمدلي، مسلمانن جي امن پسندي ۽ سياسي بصيرت جو لازوال ڪارنامو آهي، پر جڏهن مڪي جي مشرڪن جي اسلام دشمني حضور ﷺ جن خلاف لاڳيتن سازشن ۽ معاهدي جي کلي خلاف ورزي هن صلح کي ختم ڪري ڇڏيو، تڏهن پاڻ هڪ وڏي لشڪر سان مڪي کي فتح ڪرڻ جون رٿون رٿيون هيون، شعب ابي طالب ۾ قيد ڪيو هو. سندس ساٿين کي ڪوسي واري تي ليٽايو هو. هٿن ۾ ڪليون ٺوڪيون هيون ۽ سيني تي پٿر رکيا هئا، رستن ۾ ڪنڊا وڇايا ۽ مٿن پٿر هنيا هئا. مطلب ته مسلمانن تي تيرهن سالن جا ڪيل ظلم، کين هڪ هڪ ٿي ياد اچڻ لڳا. ويچارڻ لڳا ته ” هاڻي ڇا ٿيندو؟ هو صرف حضور ﷺ جي حڪم جا منتظر هئا. الله الله قربان وڃجي سندن اخلاق تان. حڪم ٿئي ٿو ته گهر کان بي گهر ڪرڻ وارن کي مان معاف ڪيو. تلوارون اگهاڙيون ڪري قتل ڪرڻ وارن مان معاف ڪيو، يهودين سان سازباز ڪندڙن کي مان معاف ڪيو. امير حمزه جي وحشي قاتل کي مان معاف ڪيو. ابوسفيان کي مان معاف ڪيو. پر ان جي گهر ۾ پناهه وٺندڙ کي مان معاف ڪيو. اڄ اوهان لاءِ ڪا سزا ناهي اڄ اوهان تي ڪابه معيار نه آهي.
ڪيڏي نه سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي، ته فاتح عالم، دنيا جي فاتحين لاءِ، ڪيڏو نه عبرت جو درس ڇڏيو آهي. ليگ آف نيشنز کان پوءِ مهاڀاري لڙائي جي غارتگري، انساني حقن جي چارٽر ۽ ان کان پوءِ اسان جي هن دور ۾ اقوام متحده جي موجودگي ۾،جي ڪوريا خونريزي، سڪندريه تي بمباري، فلسطين ۾ اسرائيلي تباهڪاري، آفريڪا ۾ الجزائر ۽ ڪانگو جون لڱ ڪانڊاريندڙ ڪاروايون، هن ڳالهه کي واضح ڪن ٿيون ته موجوده دور جون طاقتور حڪومتون، تعليمات محمدي کان، بنهه اڻ واقف آهن ۽ ان ڪري هي دنيا جنسي جهنم بڻجي ويئي آهي. امن اڻ لڀ آهي. جيڪڏهن دنيا جا حڪمران، فاتح مڪه جي مقدس اصولن ۽ سندن ڪارڪردگي کي سامهون رکن ته هي دنيا جنت جو نمونو بڻجي پوي. پاڻ سڳورن مڪي جي فتح وقت فاتحن کي عظيم درس ڏنو آهي. اهو محمدي طريقو اڄ به دنيا جي طاقتور قومن ۽ بااختيار حڪمران لاءِ بهترين معيار جو عمل آهي.