مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

رحمت العالمين: سوامي برج نارائڻ سنياسي

رحمت العالمين: سوامي برج نارائڻ سنياسي

ڏٺو ويو آهي ته مغربي مورخن ننڊي کنڊ ۾ عيسائيت جي پرچار ڪرڻ وقت، هروڀرو پيغمبر اسلام جي شخصيت تي حملا ڪيا آهن ۽ کين پٿر دل ۽ ظالم سڏيو آهي. پر اصل ۾ ائين نه آهي . اهو بي بنياد الزام آهي. پهرئين ڳالهه هي آهي ته الله تعالى پاڻ حضوراڪرمﷺ لاءِ فرمايو آهي ته ” وما ارسلنڪ الا رحمت للعالمين“ يعني ” ۽ اسان توکي ساري عالم لاءِ رحمت ڪري موڪليو.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته ” الله تعالى کين صرف مسلمانن لاءِ نه پر، جيترا به جهان آهن سڀني لاءِ رحمت ۽ شفقت ڪري موڪليو آهي، جنهن ۾ انسانن،پکين، جيتن ۽ جانورن جي دنيا سان گڏ، نباتات ۽ جمادات جي دنيا به اچي وڃي ٿي. مطلب ته پاڻ سڳورا، ساري ڪائنات لاءِ رحمت آهن. پيغمبر اسلام لاءِ هي دعوى چٽي صاف ۽ عام آهي ۽ سوين سالن جي دشمني رکندڙ به هن کي ڪوڙو ثابت ڪري نه سگهيا. ڏٺو وڃي ته سندن هڪ اهڙي قوم سان واسطو پيو هو، جيڪا اٺئي پهر هن تاڙ ۾ هئي ته ڪو اهڙو ثبوت ملي جو پاڻ سڳورن تي الزام هڻي سگهن . پر تاريخ شاهد آهي ته ايڏي ڪوشش هوندي به هو صرف ايترو چئي سگهيا ته پاڻ سڳورن اسان جي خدائن جي خلاف ڳالهائين ٿا ۽ اسان جي مذهب جي مخالفت ڪن ٿا. هن مان ظاهر آهي ته جيڪڏهن هنن کي پاڻ سڳورن جي ظلم ۽ تشدد جو صرف هڪ ثبوت به ملي وڃي ها ته هو ضرور هنن خدائي دعوى جي ترديد ۾ ان کي پيش ڪن ها.
حقيقت هي آهي ته حضور اڪرم ﷺ ستائڻ ۽ ايذائڻ ته پنهنجي جاءِ تي، ڪڏهن ڪنهن کان بدلي وٺڻ جو به خيال نه ڪيو. جڏهن پا ڻ طائف ويا ۽ اتان جي ماڻهن مٿن ايڏا ته پٿر وسايا جو رتورت ٿي بيهوش ٿي ڪري پيا. جڏهن اک کوليائون ته ڪنهن کين چيو ته هنن ظالمن لاءِ بددعا ڪيو ته ان وقت زبان مان هي لفظ نڪتا ته ” اللهم اهد قومي فاانهم لا يعلمون “ يعنى الله تعالى منهنجي قوم کي سئين راهه ڏيکار. هو مونکي نه ٿي سڃاڻي. “ ڇا هي واقعو سندن فطري رحمدلي جو ثبوت نه ٿو پيش ڪري.
هڪ ٻيو مثال سندن رحمدلي جو ٻڌايان ٿو . بدر جي جنگ ۾ شاندار فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيڪي جنگي قيدي گر فتار ٿي آيا. تن کي رات جو رسين ۾ جڪڙيو ويو. انهن ۾ حضور ﷺ جو چاچو حضرت عباس رضه به هو، جيڪو رسين جي سختي ڪري ڪنهنجي رهيو هو. پاڻ سڳورن ان کي ٻڌو. ڏينهن جو سڀني اصحابين سان، انهن جي معاملي بابت صلاح ڪئي . حضرت عمر چيو ته ”سڀني کي قتل ڪيو وڃي.“حضرت ابوبڪر چيو ته ”سڀني کي آزاد ڪيو وڃي. “ پاڻ سڳورن ﷺ حضرت ابوبڪر رضه جي ڳالهه کي وزن ڏيندي، سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان وقت جي جنگي قانون مطابق، دشمنن کي قتل ڪرڻ عام هو.
مڪي جي فتح وارو واقعو تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. مڪو جيڪو سندن اباڻو وطن هو، جتي پاڻ پلجي وڏا ٿيا ها. اتان جي رهاڪن کين ستايو، قتل ڪرڻ تي انعام رکيو. جلاوطن ڪيو. پر سندن پٺ به نه ڇڏي ويئي. جتي به ملي ( نعوذ باالله) کين قتل ڪيو وڃي، پر جلاوطني کان پوءِ به کين مديني ۾ سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ويو ۽ جڏهن پاڻ مڪو فتح ڪن ٿا، تڏهن هي چوندي شهر ۾ داخل ٿين ٿا ته ” انتم الطلقاءَ لا تثريب عليڪم اليوم“ اوهان آزاد آهيو اوهان کان پڇاڳاڇا نه آهي نه وري ڪو معاوضو به ورتو وڃي ٿو. پاڻ جيئن ته رحمت اللعالمين هئا، ان ڪري هر ظالم کي معاف ڪري ڇڏيائون.
هاڻي اسان سندن تعليم مان رحمدلي بابت ڪجهه قول ٻڌايون ٿا پاڻ فرمائين ٿا ته
” الله تعالى نرمي ڪري ٿو، نرمي کي پسند ڪري ٿو، نرمي سان خوش ٿئي ٿو، ۽ اهڙي ماڻهو جي مدد ڪري ٿو جو ڪنهن سان سختي نه ٿو ڪري.“
اوهان جڏهن ڪنهن گگدام جانور ت سوار ٿيوته ان کي اهڙي جاءِ تي ويهاريو، جتي جڳهه صاف هجي، جي گاهه وغيره نه هجي ته اتان جلدي نڪري اچو.“ حضوراڪرم ﷺ جي هن حديث ۾ جانورن سان رحم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي انهن تي ايترو بار کڻو جيترو هو کڻي سگهن. ايترو پنڌ ڪرايو، جيترو هو ڪري سگهن. انهن جي خوراڪ جو مڪمل انتظام ڪريو ۽ ان جڳهه تي داٻو ڪريو جتي گاهه ۽ پاڻي جهجهو هجي.
هڪ ٻيءَ حديث ۾ آهي ته ” هر اڃايل کي پاڻي پيئارڻ ثواب جو ڪم آهي .“ هو قول پاڻ ان وقت فرمايو، جڏهن مراق بن مالڪ پاڻ سڳورن کان پڇيو ته منهنجي حوض تي ڪو اڃايل ۽ ڇڙواڳ جانور پاڻي پيئڻ اچي ته ڇا مونکي ان جو ثواب ملندو. “ پاڻ ان وقت جواب ۾ چيائون ته ”هر اڃايل کي پاڻي پيئارڻ ثواب جو ڪم آهي.“ ” الله تعالى ان شخص تي رحم نه ٿو ڪري، جيڪو ٻين ماڻهن تي رحم نه ٿو ڪري .“ هي حديث مشهور آهي، جنهن ۾ شخص جو لفظ پنهنجي ۽ پرائي سڀني لاءِ آهي . سڀني تي رحم ڪرڻ جو حڪم ڪيل آهي، کڻي اهو مسلمان هجي يا غير مسلمان، هن کان وڌيڪ موثر نموني ۾ ٻي ڪا نصيحت ٿي سگهندي؟
”خيرالناس من ينفع الناس “ يعنى اهو ماڻهو بهتر آهي جنهن مان ٻئي انسان کي فائدو پهچي. هن حديث ۾ ساري خلقت کي نفعي پهچائڻ جي هدايت ڪيل پهچي. هن حديث ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان ڀلو ماڻهو اهو آهي، جيڪو سواءِ ڪنهن لالچ جي ٻئي کي فائدو پهچائي. نفع رساني جو لفظ رحم ۽ ڪهل جي نمائندگي ڪري ٿو. بي رحم ۽ ڪٺور دل ماڻهو، ٻئي سان ڪڏهن به ڀلائي نه ٿو ڪري. ڀلو به اهو ماڻهو ڪندو جنهن جي دل نرم هوندي آهي ۽ بي رحم ان ورتاءُ جو نالو آهي، جو ڪو ماڻهو، ڪنهن کي مصيبت يا تڪليف ۾ ڏسي ته ان کي ان مان ڇوٽڪارو ڏياري هڪ اپاهچ ۽ بيمار ٻار تي ڪهل ان حالت ۾ ٿيندي، جڏهن ان جي دوا درمل ڪرائي کيس کارائي پيئاري آرام ڪرايو وڃي، صاف ظاهر آهي ته نفع رساني ۽ رحم ٻه ڳنڍيل لفظ آهن ۽ رحم نفع رساني کان سواءِ بي معنى آهي. مطلب ته پاڻ سڳورن ﷺ هن ننڍڙي جملي ۾ واضح ڪيوي ته رحم ۽ شفقت ڇاکي چئبو آهي ۽ ڀلو ماڻهو ڪهڙو آهي”؟ هڪ حديث شريف ۾ اچي ٿو ته ” واٽ تان آزاريندڙ شيون هٽائڻ به صدقو ۽ خيرات آهي ۽ ان ڪم مان ثواب حاصل ٿئي ٿو. مثال پٿر، شيشي جو ٽڪر ڪنڊو، کل ۽ کڏ وغيره. ڇو ته اهي شيون واٽهڙو کي تڪليف ڏين ان ڪري انهن جو هٽائڻ لازمي آهي . هي ڪرت به رحم سان وابسته آهي . ڇو ته ان جو احساس ۽ ان جي تڪليف جو خيال به ان کي ٿيندو جنهن جي دل ۾ ٻئي لاءِ رحم جو جذبو هوندو. ساڳيءَ طرح ڇانءُ ڏيندڙ وڻ کي ڪٽڻ کان منع ڪئي ويئي آهي ڇو ته ان مان ٻين کي فائدو پهچي ٿو. تلاءُ ۽ درياءَ کي ڪنهن جي ذاتي ملڪيت قرار نه ڏنو ويو آهي ڇو ته درياءَ ۽ تلاءُ جو پاڻي ۽ ان ۾ رهندڙ شيون، عام ملڪيت آهن ۽ هرڪو انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو . اهڙي طرح جهنگ جي پيدائش ۽ گاهه وغيره به عام شيون آهن جن مان هر ماڻهو فائدو وٺي سگهي ٿو. هنن حڪمن مان پاڻ سڳورن جي رحمدلي ۽ ڪشادهه دلي جو پتو پوي ٿو.
دنيا ۾ سزا ڏيڻ جا جيڪي وحشيانه طريقا هئا، پيغمبر اسلام انهن کي ختم ڪيو. مثال منهن تي ڌڪ هڻڻ، جانورن کي مارڻ، جيئرو باهه ۾ ساڙڻ، هٿ، پير، نڪ ۽ ڪن وڍڻ. اهي عام سزائون هيون. جن کي پاڻ روڪيو ۽ اهڙو ڪم جنهن مان عام ماڻهن کي نقصان رسي ۽ انهن مان غريب ڪو فائدو حاصل نه ڪري سگهي، تنهن کي گناهه ليکيو ويو. مثال اهڙو جهنگ جتي عام غريبن جو مال چرندو هجي، ان کي باهه ڏيئي ساڙڻ ڏوهه جو ڪم قرار ڏنو ويو. اهڙو تلاءُ جنهن مان عام ماڻهن کي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو موقعو ملندو هجي. ان کي نقصان پهچائڻ کان به روڪيائون.
دنيا ۾ غلامن سان جيڪا تعدي هوندي هئي، ان جي هر هڪ کي خبر آهي نه تن ڍڪڻ لاءِ کين ڪپڙو ڏنو ويندو هو ۽ نه وري پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني ڳڀو. پر پاڻ سڳورن غلامن جو درجو وڌائي عام ماڻهن جهڙو ڪيو. حڪم ڪيائون ته جيڪو پاڻ کائو اهو انهن کي کارايو ۽ جيڪو پاڻ پايو اهو انهن کي پهرايو. انهن کان ايترو ڪم وٺو، جيترو هو ڪري سگهن. کانئن وڌيڪ ڪم نه وٺو. سڀ کان وڌيڪ ثواب وارو ڪم آهي ٻانهن کي آزاد ڪرڻ ٻانهن کي گهٽ سمجهڻ جي مخالفت ڪئي ويئي، ۽ هڪ جنگ ۾ ته هڪ اعلى خاندان جي قريشي سردار جي مٿان هڪ غلام کي سردار بڻائي مڪمل طرح هي سبق ڏنو ويو ته هو به اوهان جهڙو ئي آهي.
هن ساري تجزئي مان صاف ظاهر آهي ته حضور اڪرم ﷺ مخلوق لاءِ رحم ۽ شفقت جا مجسما آهن. حقيقت هي آهي ته قرآن شريف جي دعوى ته ” حضور اڪرم ﷺ ڪائنات لاءِ سراپا رحمت ۽ شفقت ڪري ويو آهي.“ سندن اقوال ۽ اعمال جو آئينو آهي ۽ ان ۾ ذري برابر جو به شڪ نه آهي ته پاڻ رحمت اللعالمين نه آهن. ۽ جن ماڻهن پاڻ سڳورن تي بي رحمي جو الزام هنيو آهي اهي پاڻ حد درجي جا بي رحم سنگدل ۽ تعصبي آهن.