مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

جهموريت جو علمبردار: جناب لالا رام ورما

جهموريت جو علمبردار: جناب لالا رام ورما

دنيا ۾ جيڪي به وڏيون هستيون ٿي گذريون آهن تن جي خيالن ۾ هڪجهڙائي رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو زندگي تهذيب تمدن ۽ معاشرت جا بنيادي اصول ڪڏهن به نه مٽيا آهن. پوءِ ڇو نه کڻي زماني جي رفتار ۽ قومن جي ضرورتن مطابق انهن جي تشريح ۽ تاويل ۾ کڻي ڪيترو اختلاف ڇو نه هجي. سچائي، ايمانداري، همدردي ۽ پرهيزگاري اهي گُڻ آهن. جن تي انسانيت جو بنياد آهي. جنهن کان سواءِ زندگي، تهذيب، تمدن ۽ معاشرت جي ترقي ناممڪن آهي. ان کان سواءِ خدا شناسي محال آهي . جڏهن دنيا ۾ انهن ڳالهين جي کوٽ ٿيندي آهي. تڏهن هڪ پيغمبر، پيشوا، رهبر يا رهنما تشريف فرما ٿيندو آهي جيڪو بني نوع انسان يا انسانن جي ڪنهن به ٽولي کي ذلت جي زندگي واري، اونهي غار ۾ ڪرڻ کان بچائي، سڌي راهه ڏيکاريندو آهي. اهو قدرت جو قانون آهي ته اهڙي ڏکئي وقت ۾، هڪ پيغمبر، پيشوا يا رهبر وجود ۾ ايندو آهي. جيڪو انسان ذات کي اونداهي مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻيندو آهي. حضرت محمد ﷺ به اهڙن ئي اڳواڻن ۾ پيغمبر هئا. حضور اڪرم ﷺ اسلام جو بنياد وڌو، ان ڪافرن کي ايمان جي دولت سان نوازيو ۽ کين خدا جي راهه ڏسي . بس ! ايترو چئي اسان مسلمانن کي ته مطمئن ڪري سگهون ٿا. پر دنيا جي انهن ماڻهن کي جيڪي کيس پنهنجو مذهبي اڳواڻ نٿا مڃين، تن کي سندن عظمت مڃرائڻ لاءِ، حضور ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جي انهن پهلوئن کان واقف ڪريون، جن دنيا کي فائدو پهچايو. اچو ته اسان حضرت محمد ‌ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جو انهيءَ خيال سان تجزيو ڪريون، جن دنيا کي فائدو پهچايو. اچو ته اسان حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جو انهيءَ خيال سان تجزيو ڪريون.
جڏهن عرب جي سرزمين خونريزي جو مرڪز هئي، عرب جي صحرا ۾ جان ۽ مال جي ڪابه اهميت ڪانه هئي. عربن جا رهاڪو تهذيب ۽ تمدن، اخلاق ۽ معاشرت جي الف ب کان به بنهه ڪورا هئا. باهمي خلوص، محبت، همدردي ۽ انسانيت جي کين ڄاڻ ڪونه هئي. تڏهن حضرت محمد ﷺ‌ عربن ۾ جلواافروز ٿيا ۽کين ٻڌايائون ته انسان پنهنجي فعل ۾ خودمختيار نه آهي جيئن هو ڄاڻين ٿا. پر انسان جي هر چرپر تي هڪ نظر رکندڙ به آهي، جنهن کي الله چئبو آهي.
هن کين ٻڌايو ته انسان قتل ۽ خونريزي جي رسي ۾ ڳنڍيل نه آهن، پر جيڪا شيءَ پاڻ ۾ متحد رکي ٿي، ان جو نالو خلوص ۽ محبت آهي. حضرت محمد ﷺ ماڻهن ۾ خوف خدا پيدا ڪيو ۽ هوريان هوريان انهن جي ڪنين عادتن جي اصلاح ڪئي ۽ کين انصاف ۽ انسانيت جا اصول سيکاريا. هن جنگجو عربن کي ٻڌايو ته ” غلامي جي رسم ڪيڏي نه بڇڙي ۽ عورتن سان بدسلوڪي ڪيڏو نه عظيم گناهه آهي. “ ! مطلب ته پاڻ عربن کي زندگي جي نشونما، تهذيب ۽ تمدن جي ترقي جي رازن کان واقف ڪيو. ليڪن هن وقت جا تڪته چين جڏهن سندس زندگي تي تبصرو ڪن ٿا، تڏهن هو اهو وساري ٿا ڇڏين ته پاڻ سڳورن ﷺ اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ پئدا ٿيا هئا ۽ اهي ان ڌرتي تي ڄاوا. جتي جهالت ۽ وحشانيت جو راڄ هو. روشني ۽ تهذيب جي اڄوڪي زماني ۾ ۽ خاص طرح انهن ملڪن ۾ جتان جي ماڻهن ۾ رواداري، نرمائي ۽ بردباري جون خوبيون آهن، تن ۾ اخلاق ۽ انسانيت جي اعلى ترين اصولن جي اشاعت ڪرڻ سولو ڪم آهي. پر اڄ کان 14 صديون اڳ وحشي عربن ۾ ايمان جو عقيدو پئدا ڪرڻ ۽ پوءِ کين تهذيب ۽ انسانيت جي تعليم ڏيڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هو، جنهن کي پورو ڪرڻ سولو نه هو. سڌارو ستت نه ايندو آهي، اصلاح هوريان هوريان ٿيندي آهي. جنهن کي اسان ” انقلاب “ چوندا آهيون. حضرت محمد ﷺ جو وحشي عربن کي انسان بنائڻ هڪ ايڏو عظيم ڪارنامو آهي.“ جنهن جي اهميت ويهين صدي جي ماڻهن جي خيال ۽ خواب ۾ ئي نه ٿي اچي سگهي. پاڻ سڳورن جي رحلت وقت عربن ۾ مستقل ۽ باقاعده مملڪت وجود ۾ اچي چڪي هئي. جيڪا مشترڪه عقيدن جي پابند هئي. ان زماني ۾ وحشي عربن ۾ هڪڙو رشتو موجود هو، جيڪو خانداني تعلقات کان وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط هو. عربن ۾ اسلام پهچي چڪو هو، جنهن جو بنياد جهموريت ۽ اخوت تي هو. بس! حضرت محمد ﷺ جي زندگي جو ڪارنامو اسلام هو ۽ اسلام ڇا آهي؟ مسلمان عالمن جو مذهبي لحاظ کان ڪهڙو به جواب هجي، پر غير مسلمان ائين چوندا ته اسلام جيئن حضور جن ٻڌايو جهموريت ۽ مساوات اهي سوکڙيون آهن جيڪي حضور جن دنيا جي انسانن کي ڏنيون ۽ دراصل هي اهي ئي اصول آهن. جن جي هر زماني ۾ هر دور ۾ عالمن اشاعت ڪئي ۽ هي اهي اصول آهن، جن تي نه صرف مسلمانن پر دنيا جي ٻين قومن جي ترقي ۽ ڇوٽڪاري جو مدار آهي. ويهين صدي جي هاڻوڪي جدوجهد به، انهن اصولن تي مدار رکي ٿي. پر مسلمان جيڪي حضرت محمد ‌ﷺ جي آندل اسلام تي فخر ڪن ٿا. انهن اصولن کي سمجهڻ ۽انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا؟هي هڪ سوال آهي جنهن جو مسلمانن کي جواب ڏيڻو آهي.