مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

خراج عقيدت: نيپولين بونا پارٽ ( فرا نس)

حضرت موسى عه، خدا جي وجود جو اعلان بني اسرائيل ۾مسيح عه رومي دنيا ۾ ۽ حضرت محمد ﷺ دنيا جي قديم ترين براعظم ايشيا ۾ ڪيو. پاڻ سڳورن اعلان ڪيو ته سواءِ هڪ الله جي ٻيو ڪوبه عبادت لائق نه آهي. نه هو ڪنهن مان پئدا ٿيو آهي ۽ نه ڪو سندس پٽ آهي. هن اها تثليث ئي آهي جيڪا بت پرستي جو رستو گهري ٿي. ان ڪري ياد رکو ته هڪ الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. محمد ﷺ جي ذات ڪشش ثقل هئي. جنهن ڏانههن ماڻهو ڇڪجي ايندا هئا. سندس تعليم ماڻهن کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو ٿوري عرصي ۾ وٽس هڪ اهڙو ٽولو پئدا ٿي ويو. جنهن ٿورن سالن ۾اڌ دنيا تي اسلام جو جهنڊو ڦڙڪايو . اسلام جي انهن مڃيندڙ دنيا جي ڪوڙن خدائن کان جان ڇڏائي. کين ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. موسى عه ۽ عيسى عه جي پوئلڳن 15 سئو سالن ۾ ڪفر جي نشانين کي مٽايو، پر مسلمانن اهو ڪارنامو صرف 15 سالن ۾ ڪري ڏيکاريو.
محمد ﷺ دراصل سردار اعظم آهن. پاڻ عربن کي اتحاد جو سبق سيکاري منجهانئن نفرت ۽ ٻيائي دور ڪري کين متحد ڪيو. پاڻ سڳورن اهل علم جي تعريف ڪئي. حڪمت جي همت افزائي ڪئي ۽ عقل ۽ دانش جي ڳالهين کي ساراهيو. پاڻ سڳورن زالن جو تعداد مقرر ڪيو. ان کان اڳ عربن کي ڪابه جهل پل ڪانه هئي ته هو ڪيتريون ئي زالون رکي پئي سگهيا. جيڪي طاقت ۾ زور هئا. اهي پاڻ وٽ گهڻيون زالون رکندا هئا. پر پاڻ سڳورن ان رسم کي سختي سان ڪچليو.حقيقت ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون گهٽ ڄائن ٿيون. ان ڪري سوال ٿو پئدا ٿئي ته پاڻ سڳورن عيسوي عهد جي پابندي ڇو نه ڪئي ۽ مردن کان گهڻين زالن رکڻ جي موڪل ڇونه ڏني. ڪثرت زواج ۾ هينئن ٿئي ٿو ته ٻار هڪئي پيءُ مان ٿئي ٿو . ان ڪري اڇا ۽ ڪارا پاڻ ڀائر ٿي وڃن ٿا ۽ ان ناتي سان ٻيئي ساڳئي دسترخوان تي ويهي ماني کائي سگهن ٿا. مشرق ۾ چمڙي جو رنگ، هڪ انسان کي ٻئي انسان تي فوقيت نه ٿو ڏي. رنگ ۽ نسل جي فرق ۽ متڀيد کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ سڳورن چئن زالن رکڻ جي اجازت ڏني. پر هڪ ڳالهه ويچار جي لائق آهي ته گهڻن زالن مان فائدو، فقط امير ماڻهو وٺي سگهي ٿو . سماج ۾ به اهي مٿانهان آهن ۽ صلاح مشوري ۾ ٻه ڳرا آهن. شاديون به انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿيون. هت فرانس ۾ جيڪڏهن اسان پنهنجن نون کٽيل ملڪن، مصر ۽ اتر آفريڪا جي ڪارن کي آزادي ڏيڻ چاهيون ۽ منجهائين رنگ جو تعصب به ڪڍون ته اسان جن قانون سازن کي گهڻن زالن رکڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي.
مشرق ۾ غلامي ايتري مضبوط جڙ نه پڪڙي آهي، جيتري مغرب ۾ آهي. مشرق ۾ غلام کي پنهنجي مالڪ جي ملڪيت مان حصو ملي ٿو. هو ان جي نياڻي سان شادي به ڪري سگهي ٿو. پر مغرب ۾ جيڪو غلامن سان ورتاءُ هو، اهو ان جي ملازمن کان به بدتر هو. مسلمانن جو معاشرو، اهڙو آهي جنهن ۾ پيءُ هڪ مئجسٽريٽ آهي کيس پنهنجي اولاد، زالن ۽ ٻانهن تي پورو اختيار آهي. ڪٽنب جي اندروني معاملي ۾ ڪنهن به انتظاميه کي دخل نه آهي ۽ نه وري ڪنهن ان معاملي ۾ جرئت به ڪئي . ڪٽنب جي سربراهه جون جيترون زالون هجن، تن سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ڪرڻ ضروري آهي. ايستائين گهرو لڙائين ۾ به، هن اصول کي سامهون رکڻو آهي.
مون کي يقين آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي. جڏهن سڀني ملڪن جا ميمبر گڏجي قرآن حڪيم جي اصولن مطابق هڪئي قسم جي طرز جي حڪمراني کي اختيار ڪندا. قرآن جي تعليم ۽ ان جي اصولن جو بنياد سچائي تي رکيل آهي. جيڪي انسان ذات کي خوشين ۽ خوشحالين سان اڏي ڇڏڻ وارا آهن. تنهنڪري الله جي موڪليل رسول محمد ﷺ ۽ مٿائين نازل ڪيل ڪتاب قرآن شريف تي مان فخر ڪريان ٿو ۽ حضور ﷺ جي خدمت ۾ خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو.