مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

ڪاري چادر وارو: مهاتما گانڌي

ڪاري چادر وارو: مهاتما گانڌي

مان پوري يقين ۽ خاطري سان چوان ٿو ته اسلام تلوار جي زور سان سرفرازي ۽ سربلندي حاصل نه ڪئي آهي، پر انهي جو بنياد نبي ڪريم ﷺ جو خلوص، خودي تي غلبو حاصل ڪرڻ، وعده وفائي، غلام، دوست ۽ ساٿي سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ، جرئت ۽ بي خوفي، الله تي يقين رکڻ واريون خوبيون آهن. ان ڪري هي چوڻ سراسر غلط آهي ته اسلام تلوار جي ذريعي پکڙيو . پر ان فتوحات ۾ اهي اوصاف حميده شامل آهن. هي اهي گڻ آهن، جن جي مدد سان، مسلمان سڀني پابندين ۽ رڪاوٽن جي باوجود به اڳتي وڌي رهيا هئا. يورپي عوام آفريڪا ۾، اسلام کي تيزي سان ڦهلڻ کان ان ڪري روڪين ٿا. اسلام جنهن اندلس کي مهذب بڻايو. اسلام جنهن ڀائپي جو درس ڏنو. يورپي عوام، ان ڪري ڊڄن ٿيو ن ته جي اصلي باشندن، اسلام قبول ڪيو ته پوءِ هڪجهڙن حقن جو مطالبو ڪندا ۽ ان لاءِ وڙهندا. مون پاڻ ڏٺو آهي ته رولو عيسائيت قبول ڪرڻ سان به عيسائي حقوق حاصل نه ڪري سگهيا آهن. پر جڏهن هنن اسلام قبول ڪيو، تڏهن مسلمانن سان انهن جو اتحاد ٿي ويو ۽ هي يورپ ان اتحاد کان ڊڄي ٿو.
مون کي ان ڳالهه تي اچرج ٿيندو آهي، جڏهن ڪاري ڪمبل ويڙهڻ تي ڪو مسلمان مون کان سوال ڪندو آهي. مان کين ٻڌائيندو آهيان ڪاري ڪمبل پائڻ مان مراد حضرت محمد ﷺ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي، جنهن جهڙو عظيم ترين انسان وري دنيا ۾ پئدا ئي ڪونه ٿيو. رسول خدا پنهنجي روز مراه زندگي ۾ ايڏو ته سادو هو جو خيال ۾ ئي نه ٿو اچي ته هو لکن انسانن جي دلين تي حڪمراني ڪري رهيو هجي. 1936ع جي اليڪشن کان پوءِ ڪانگريسي حڪومتون قائم ٿيون هيون ته مون کين حضرت عمر رضه جي نقش قدم تي هلڻ جي هدايت ڪئي هئي ڇو ته حضرت فاروق اعظم نبي ﷺ جي هر قول ۽ دعوت تي لبيڪ چئي، ان جو مڪمل نفاذ ڪري عام ماڻهن جي زندگي سنواري ڇڏي هئي.
محمد ﷺ جي سيرت جو مطالع ڪرڻ کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته اسلام جي ڪاميابي جو راز پيغمبر جي پوتر هستي ۽ تپسياواري شخصيت آهي. هو علم ۽ عمل جو اٿاهه ساگر، قول ۽ عمل ۾ هڪجهڙو الله جي ذات ۾ پڪو ويساهه رکندڙ ۽ حق جو پرچار ڪندڙ هو. هن ساري زندگي سادگي ۽ مسڪيني ۾ گذاري. بيشڪ ڪروڙين انسانن ۾ هڪ اهڙي هستي به آهي جنهن جو هرهڪ قدم الله جي خوف سان کڄيو ٿي. سندس اهم انقلاب ۽ امن لاءِ بهترين دستور سندس وجود مبارڪ آهي.
اسلام پنهنجي عروج جي زماني ۾ تعصب ۽ هٺ ڌرمي کان پاڪ هو. اسلام ساري دنيا کان خراج تحسين وصول ڪيو آهي. جڏهن مغرب جهالت جي اونداهه ۾ هو، ان وقت مشرق مان هڪ روشن تارو ظاهر ٿيو، جنهن جي روشني سان سڀ ظلمت ڪدهه روشن ٿي ويا. اسلام ڪوڙو دين نه آهي. هندن کي ان جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو مون وانگر ان جي تعظيم ڪرڻ سکن مونکي قرآن شريف کي الهامي ڪتاب سمجهڻ ۾ ذري جو به شڪ نه آهي . حضوراڪرم ﷺ ڪڏهن به مذهب ۾ سختي نه ڪئي ۽ نه وري مسلمانن ڪنهن کي زبردستي مسلمان ڪيو. اڄ جيڪي ماڻهو تعصب ۽ هٺ ڌرمي ڪري اسلام تي الزام هڻن ٿا، اهي اک کولي ڏسن ته مشاهير عالم ڇا ٿا چون؟