حب رسول جو اعلى مثال: ڊاڪٽر مسز ايني بيسنت
حضرت محمد ﷺ عيسوي سن جي ستين صدي ۾ ڄاوا. جنهن کي تاريخي دور چئجي ٿو. پاڻ هڪ اهڙي قوم ۾ پئدا ٿيا جيڪا ڏينهن رات بتن جي پوڄا ڪندي هئي ۽ سڀ برائيون منجهن گهر ڪري ويون هيون. پاڻ انهن ۾ پنهنجي نيڪ رهڻي ڪهڻي ڪري امين ۽ صادق سڏبا هئا. مون کي هن کان وڌيڪ وزندار ۽ شريف لقب ٻيو نه ٿو ملي، جنهن سان اهي ماڻهو کين ياد ڪندا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ جڏهن بازارن ۽ گهٽين مان لنگهندا هئا، تڏهن ننڍا ٻار ڊوڙي اچي، سندن ٽنگن ۽ ٻانهن ۾ چنبڙي پوندا هئا. جڏهن اها هي ٻيئي ڳالهيون هڪ ماڻهو ۾ گڏ ڏسو تڏهن پڪ سمجهو ته اهو هڪ هيرو ۽ هڪ قومي ليڊر ٿيڻ جي لائق آهي. هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڻ لاڳيتو 15 سال پنهنجي قوم جي ماڻهن جي هلت چلت تي هڪ تپندڙ پهاڙ جي غار ۾ اڪيلائي ۾ ويهي سوچيندا رهيا. پوءِ هڪ ڏينهن فرشتي کين حڪم ڏنو ته ” اي الله جا رسول اٿ ۽ وڃي ماڻهن کي پيغام ڏي“ . پاڻ ڊڄندا گهر آيا، پر سندس گهرواري کين همت ڏياريندي چيو ته ” تون ڊڄين ڇو ٿو؟ ڇا تون الامين نه آهين . خدا اهڙي ماڻهو سان ڪڏهن به دوکو نه ڪندو. جنهن تي ماڻهن جو يقين هجي.“ ان کان پوءِ پاڻ سڀ کان وڏي مشن شروع ڪئي. سندس گهرواري سڀ کان پهرين ايمان آندو. جيڪا 26 سال ساڻس گڏ رهي، جا کين سڀ کان وڌيڪ ويجهو هئي.
عام طرح چيو ويندو آهي ته هڪ پيغمبر جي پنهنجي ملڪ ۾ عزت نه ٿي ٿئي، پر حضور ﷺ جي پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ۽ پنهنجن مائٽن جي دلين ۾ عزت هئي. ۽ انهن ئي منڍ ۾ ايمان آندو. يعني اول مائٽن، پوءِ دوستن. سندس زندگي سادي ۽ ڪيفيت واري هئي. پاڻ پنهجي ٽٽل جتي جي ڳنڍ ٽوپ ڪندا هئا ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندا هئا ۽ هي ڪم به ان وقت ڪندا هئا، جڏهن پاڻ پيغمبر جي حيثيت ۾ هزارين ماڻهن جي وچ ۾ عزت وارا ليکيا ويندا هئا. هي هو ان هستي جو ڪردار ڪيڏو سادو! ڪيڏو شريفانه ڪيڏو ايماندارانه؟ هڪ دفعي پاڻ ڪنهن امير ۽ معزز ماڻهو سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته هڪ انڌي ماڻهو رڙ ڪري چيو ته ” اي الله جا رسول مونکي به ڇوٽڪاري جي واٽ ڏسيو پاڻ ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو. ٻيهر ان ماڻهو دانهن ڪري ساڳيا لفظ چيا. ٻئي ڏينهن ان ماڻهو دانهن ڪري ساڳيا لفط چيا. ٻئي ڏينهن صبح جو کين اهو پيغام مليو جيڪو سندن ايمانداري ۽ انڪساري جي شاهدي طور سدائين قرآن شريف ۾ محفوظ رهندو ۽ اهو ان لاءِ ته سڀ ماڻهو ان کي ياد رکن “ هو ترشو ٿيو ۽ منهن موڙي ڇڏيو ڇو ته ان وٽ هڪ انڌو آيو ۽ توکي ڪهڙي خبر ته شايد هو پاڪيزگي حاصل ڪري سگهي ها يا سوچيائين ته سمجهائڻ ان کي فائدو ڏيندو جيڪو پرواهه نه ٿو ڪري.ان ڏانهن تون ڌيان ڏئين ٿو، جي هو نه سڌرن ته ان جو توتي الزام نه آهي. ۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو، ۽ خدا کان ڊڄي ٿو ان کان منهن موڙو ٿا.“ ڪي ٿورا ماڻهو هوندا، جيڪي ان تنبيهه کي عام ڪندا هجن، جيڪا سڌي سنئين ان سان وابسته هجي. پر پاڻ ايڏا عظيم ۽ ايماندار هئا، جو جڏهن به ان پوڙهي کي ڏسندا هئا ته اٿي بيهندا هئا ۽ ان کي هيئن چئي وهاريندا هئا ” ته ڀلي ڪري آئين. تنهنجي ڪري ته منهنجي خدا مونکي تنبيهه ڪئي هئي.“ پاڻ ايڏا ته عظيم هئا جو ذري جيتري ماڻهو سختي جي لائق به هوندو هو ان کي به پيارو گهرندا هئا ۽ ان جي عزت ڪندا هئا.
حب رسول : سندس مريدن کي پاڻ سڳورن سان جيڪا محبت هئي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. کين تتل واري تي سمهاريو ويندو هو. عرب جو گرم سج کين ساڙي وجهندو هو. سندن سينن تي پٿر رکيا ويا. کين پيئڻ لاءِ پاڻي جو ڍڪ به نه ملندو هو. کين ڳڀا ڳڀا ڪيو ويندو هو. هڪ مسلمان جي ٻوٽي ٻوٽي ڪئي ويئي. سندس جان جي هڏن تان گوشت اڊيڙيو ويو ۽ کائنس پڇيو ويو ته ” ڇا تون هن جاءِ تي پنهنجي بدران پنهنجي نبي جو هجڻ برداشت ڪندين؟ پر ان درد ۾ تڙپندڙ مسلمان ورندي ڏني ته ” الله ڄاڻي ٿو ته منهنجي نبي ﷺ جي پير ۾ ڪنڊو به لڳي وڃي ته مان پاڻ پنهنجن گهروارن سنا گهر ۾ آرام سان نه وهندس.“ هن مان ڄاڻي سگهجي ٿو ته پاڻ سڳورا پنهنجن مريدن ۾ ڪيڏا نه مقبول هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ جنگ مال غنيمت جو تمام گهڻو سامان آيو، ته ان ٽولي کي ٿورو حصو مليو جيڪو پاڻ سڳورن سان گهڻو عرصو گڏ رهيو ۽ اسلام لاءِ قرباني به ڪافي ڏني. ان ڪري اهو ٽولو ڏکيارو ٿيو ۽ پاڻ ۾ ڪن ڀرڻ لڳا. پاڻ سڳورن کين گهرائي چيو ته ” اوهان جيڪا سس پس ڪريو ٿا ان جي مونکي ڄاڻ آهي. مان جڏهن اوهان وٽ آيو هوس ان وقت اوهان جهالت ۾ هئا. الله تعالي اوهان کي سڌي راهه ڏيکاري . اوهان ڏک ۾ هئا ۽ سک حاصل ڪيو. اوهان پاڻ ۾ وڙهيل هئا ۽ پوءِ کير کنڊ ٿي ويا. ڇا هي ڳالهيون گهٽ آهن؟ وراڻيائون ته ” ائين ئي آهي، جيئن اوهان فرمايو ۽ سڀ ساراهه الله ۽ ان جي رسول جي آهي.“ ان تي پاڻ فرمايائون ته ” خدا جو قسم اوهان هينئن جواب ڏيو ۽ اهو ٺيڪ به آهي، ڇو ته مان ان جو شاهد آهيان. اوهان اسان وٽ ان حالت ۾ آيا، جڏهن ماڻهن اوهان جي ڳالهين کي ڪوڙو سمجهي رد ڪري ڇڏيو ۽ اسان اوهان تي ايمان آندو. اوهان اسان وٽ بي يارو مددگار پناهه وٺڻ آيا ۽ اسان اوهان جي مدد ڪئي . اوهان مسڪين ۽ گهر کان بي گهر هئا ته اسان اوهان کي رهڻ جي جڳهه ڏني. اوهان گهٻرايل هئا، اسان اوهان کي آٿت ڏني. زندگي جي هنن ٿورين شين لاءِ ڇو ٿا پريشان ٿيو. ڇا اوهان هي ڳالهه پسند نٿا ڪريو ته ٻيا ماڻهو ڌن ۽ اٺ ڪاهي وڃن ۽ اوهان گهر وڃو ته مان اوهان سان گڏ هجان.“ ۽ تاريخ شاهد آهي ته پاڻ سڳورن جي زبان مبارڪ مان اهي لفظ نڪري رهيا هئا ته ان وقت انهن جون ڏاڙهيون ڳوڙهن سان تر هيون ۽ اهي چئي رهيا هئا ته ” اي الله جا رسول ! اسان پنهنجي حصي مان راضي آهيون“ سوال ٿو اٿي ته اهي ماڻهون پاڻ سڳورن سان ايڏي محبت ڇو ڪندا هئا. ان ڪري جو پاڻ انهن لاءِ روشني بڻجي آيا. سندن مريدن ڇا مان ڇا بڻجي ويا. تاريخ جي گواهي آهي ته انهن پاڻ مڃيو ته ” اسان بتن جي پوڄا ڪندا هئاسين. اسان پليت زندگي گذاريندا هئاسين. اسان مردار کائيندا هئاسين، اسان گاريون ڏيندا هئاسين، اسان انسانيت جي هر ڳالهه کي وساري ڇڏيو. مهمان ۽ پاڙيسرين جي حقن کي ٺڪرائي ڇڏيو اسان زور ۽ زبردستي کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي. ايتري ۾ الله تعالى اسان مان هڪ شخص کي پئدا ڪيو. جنهن جي حسب نسب، دينداري ۽ پاڪيزه زندگي مان اسان واقف هئاسون ۽ ان اسان کي خدا جي هڪيڙائي ڏانهن سڏيو ۽ اسان کي ٻڌايو ته اسان انهي ( الله ) سان ٻئي کي ڀائيوار نه ڪريون. ان اسان کي بتن جي پوڄا ڪرڻ کان روڪيو. سچ ڳالهائڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، رحم ڪرڻ ۽ پنهنجن پاڙيسرين جي حقن جي احترام ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ان عورتن سان برائي ڪرڻ ۽ يتيمن جي مال کائڻ کان به روڪيو. بدڪاري نه ڪرڻ، نماز پڙهڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ روزي رکڻ جي هدايت ڪئي. اسان ان تي ايمان آندو آهي ۽ اسان سندس تعليم کي قبول ڪيو آهي.
بيعت عقبه : هڪ دفعي ساڻن ڪجهه ساٿي هئا. جن سان پاڻ عهد ۽ انجام ڪيائون جنهن کي ” بيعت عقبه “ چئجي ٿو . ان تي غور ڪريو. اسان الله سان گڏ ٻئي کي شريڪ نه ڪنداسون ڪنهن شادي شدهه يا ڪنوراري ڇوڪري سان زنا نه ڪنداسون. پنهنجن ٻارن کي قتل نه ڪنداسون، فحش ڪلامي نه ڪنداسون. گارين کان پرهيز ڪنداسون. هر ڳالهه ۾ حضور اڪرم ﷺ جو چوڻ مڃينداسون. هر ڏکئي ۽ سکئي وقت ۾ ان سان گڏ رهنداسين. هي اها بيعت آهي، جن جي لفظن مان ئي، انهن ماڻهن جي نيڪي ظاهر ٿئي ٿي جن کي پاڻ ڪامياب ۽ مٿانهون ڪيو. اوهان ذرا انهن ڳالهين کي ڏسو، جن کان بچڻ لاءِ انهن ماڻهن انجام ڪيو. انساني خون عام هو. بدڪاري سندن روز جو ڌنڌو هو. هي اهو وعدو هو جيڪو هن پنهنجن پوئلڳن کان ورتو. ڏسو ته سندن اخلاقي تعليم زماني جي ضرورت سان ڪيتري نه مطابقت رکي ٿي. پاڻ پنهنجي جاهل قوم جي جاهل افراد ۾ هڪ اعلى اخلاق جو بنياد وڌو ۽ ان کي مضبوط ڪيو. ڏسو پاڻ نيڪي لاءِ ڇا چيو اٿن ته ” اوهان پنهنجي ڀاءُ سان مرڪي ڳالهائڻ نيڪي آهي. پنهنجن دوستن کي چڱي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ نيڪي آهي، ڀٽڪي مسافر کي سنئين راهه ڏيکارڻ نيڪي آهي . انڌي جي راهگيري ڪرڻ نيڪي آهي . رستي مان پٿر، ڪنڊو يا ٻي رڪاوٽ هٽائڻ نيڪي آهي. اڃايل کي پاڻي پيئارڻ نيڪي آهي.“ ڪيڏي نه اعلى پر سادن لفظن ۾ نيڪي جي تعريف ڪئي ويئي آهي. قرآن شريف م آهي ته ” هي هرگز نيڪي نه آگهي ته اوهان اولهه ۽ اوڀر ڏانهن منهن ڪريو پر نيڪي هي آهي ته ماڻهو الله ۽ آخرت تي فرشتن تي الله جي ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آڻن ۽ مال سان محبت رکڻ جي باوجود به مائٽن، محتاجن مسافرن ۽ سوالين کي ڏين ۽ ملازمن کي آزاد ڪرائڻ ۾ خرچ ڪن.“ نماز پڙهن زڪوات ڏين ۽ وعدو ڪن ته پاڙين ۽ مصيبت ۽ تڪليف ۾ يا جنگ وقت ثابت قدم رهن.
( بقره رڪوع 22 آيت 177)
علم جي اهميت : پاڻ سڳورن اڻ پڙهيل هوندي به علم کي انسان جي بنيادي اهميت قرار ڏين ٿا. فرمائين ٿا ته علم حاصل ڪريو. ڇاڪاڻ ته جيڪو علم حاصل ڪري ٿو، اهو خدا جي راهه ۾ نيڪي جو ڪم ڪري ٿو. جيڪو علم حاصل ڪري ٿو. اهو خدا جي ساراهه ڪري ٿو. جيڪو علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهو ڄڻ الله کي خوش ڪري ٿو. جيڪو اهو علم ٻئي تائين پهچائي ٿو، ڄڻ ته زڪوات ادا ڪري ٿو. علم حاصل ڪرڻ سان حلال ۽ حرام جو پتو پوي ٿو. علم سڃ ۾ سچو ساٿي ۽ اڪيلائي ۾ سنگتي آهي. اهو ڏکي ويل ۾ اسان جي مدد ڪري ٿو. اهو پريشانين وقت اسان جي حوصله افزاي ڪري ٿو. دشمنن جي وچ ۾ طاقت ڏي ٿو. علم سان ئي ن دنيا ۾ عزت ۽ آخريت ۾ ابدي زندگي حاصل ٿئي ٿي. پاڻ فرمائين ٿا ت ” عالم جي مس، شهيد جي رت کان افضل آهي. هي اهو جملو آهي جنهن کي مسلمان پنهنجي قائم ڪيل درسگاهه جي ڀت تي سونهري اکرن ۾ لکن ٿا.