اقوال محمد جي اهميت: سردار ديوان سنگهه مفتون
مان هڪ ڪيس جي ڪري دهلي جيل ۾ هوس. ان وقت ” احرار تحريڪ “ جو زور هو. مولوي عبدالقيوم ڪانپوري به ان تحريڪ جي سلسلي ۾ دهلي جيل ۾ آيو. سندس رهائش مون سان گڏ ٿي. هڪ دفعي مولوي صاحب مون کي پيغمبر اسلام حضور اڪرم ﷺ جي هڪ حديث ٻڌائي ته ” اشرف الجهاد، اعلي ڪلمته الحق“ ” اشرف جهاد حق ٻڌائڻ آهي.“ مان جڏهن اهي لفظ ٻڌا، تڏهن سوچڻ لڳم ته، ان شخصيت جي بلندي جو ڇا اندازو ڪري سگهجي ٿو، جنهن وقت جي حاڪم جي سامهون حق ۽ صداقت جي آواز کي، سڀ کان وڏو جهاد قرار ڏنو. جيل کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ، مون ” رياست“ ۾ هڪ نوٽ لکيو، جن ۾ هي لفظ به هئا ته انهن لبن جي قدر ۽ قيمت جو ڪوبه اندازو نٿو ڪري سگهي، جنهن مان هن هن حديث جا لفظ نڪتا. ان واقعي کان پوءِ مان قرآن ۽ حديث کي پڙهڻ شروع ڪيو جن جي مطالعي کان پوءِ، مون تي ٻين ڳالهين کان سواءِ هن حديث جو به ڏاڍو اثر ٿيو، جنهن ۾ رسول الله هي دعا گهري آهي ته ” يا الله مون کي غريبن جي ٽولي ۾ رک ۽ مرڻ کان پوءِ غريبن جي ٽولي مان اٿار.“ اڄ به مون تي انهن ٻنهي حديثن جو اثر آهي جو مان پنهنجي زندگي ۾ حق ۽ صداقت جو آواز بلند ڪندي ڪيترن ئي خطرن کي وڏي دل سان منهن ڏنو آهي ۽ خدا جو شڪر آهي، مالي لحاظ کان به مان غريب ۽ مقروض آهيان. منهنجو يقين آهي ته گهڻي غربت انسان ۾ گهٻراهٽ پئدا ڪري ٿي. پر گهڻو پئسو به ته انسان کي انسانيت کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. ڪي ٿورا ماڻهو هوندا، جيڪي مالدار هوندي به انساني اوصاف کي هٿان نٿا ڇڏين. هنن ٻنهي حديثن کان سواءِ مون تي حضرت عمر رضه جو به وڏو اثر آهي. جنهن جي حڪومت ايران تائين پکڙيل هئي، پر سندس ڪپڙن ۾ چتيون لڳل هيون ۽ رات جو وهاڻي جي بدران سر مٿي هيٺيان رکي سمهندا هئا. مان سک آهيان ۽ مون کي سک ئي سمجهڻ گهرجي. پر ذاتي خيالات سان مان حضرت مسيح ۽ حضرت محمد ﷺ جو ايترو معتقد آهيان، جيترو هڪ عيسائي ۽ مسلمان ٿي سگهي ٿو. ۽ منهنجي اها خوش قسمتي ٿيندي، جو مون کي سک، گورو صاحبان کان سواءِ، حضرت مسيح، رسول اڪرم ﷺ ۽ شري ڪرشن جهڙين عظيم ۽ بلند هستين جي اسوه حسنه جي پيروي ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿئي.