اسلام جو باني: ٿامس واڪر آرنولڊ ( انگلينڊ )
جڏهن تمام گهڻي اندروني ڪشمڪش، بي چيني ۽ غار حرا ۾، سارين راتين 7 ڏينهن جي غور و فڪر، دعا عبادت بعد، حضرت محمد ﷺ جن کي آخر ڪار پنهنج نبوت جو يقين ٿيو ۽ خدا جي وحي کين، نااميدي ۽ خوف جي حالت مان بيدار ڪري، حڪم ڏٺو ته ماڻهن ۾ ان حقيقت جو اعلان ڪري، جيڪا روز بروز سندن اندر مبارڪ ۾ تمام گهڻي وقت سان ظاهر ٿيندي رهي ٿي. تڏهن سندن ڪوششن جو رخ سڀ کان اول، پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي هن نئين دين جي دعوت ڏيڻ طرف ٿيو. خدا تعالى جي وحدانيت جو يقين، بت برستي کان بيزاري آهي. انسان جو فرض آهي ته پنهنجي پروردگار اڳيان، سر تسليم خم ڪري. هي سڀ سڌيون سنئيون حقيقتون هيون، جن کي اختيار ڪرڻ پاڻ مطالعو ڪندا رهندا هئا. پاڻ مڪي جي مهاجرن ۽ مديني جي انصارن جي وچ ۾ برادري جو ناتو قائم ڪرايائون. هن نئين ناتي ڪري قبيلن جا ذاتي اختلاف ختم ٿي ويا. هڪ عام مذهبي زندگي نسلي تعلقات جي جڳهه وڃي حاصل ڪئي. موت جي حالت ۾ پڻ مٽي مائٽي جي حقن کي بالائي طاق رکيو ويندو هو ۽ اسلامي ڀاءُ کي پنهنجي فوتي رفيق جي سڄي ملڪيت جو وارث بنايو ويندو هو. ليڪن بدر جي لڙائي کان پوءِ، جڏهن اهڙي مصنوعي برادرانه تعلقات جي ضرورت باقي نه رهي ته ان کي ترڪ ڪيو ويو.
هڪ ابدي ۽ حيات بخش حقيقت خدا جي وحدانيت جو پيغام، عربستان جي ماڻهن اڳيان، عيسوي ستين صدي ۾انهيءَ پيغمبر ﷺ پيش ڪيو، جنهن جي جهنڊي هيٺ عرب جا منتشر قبيلا ملي، هڪ قوم بنجي پيا. هن نئين قوميت جي جذبي، مذهبي جو ش ۽ ولولي انهن جي فوجن اندر هڪ غير مغلوب طاقت پئدا ڪئي، جنهن ڪري هو دنيا جي ٽن کنڊن تي فاتحانه ۽ غالب قوم جي حيثيت ۾ ڇانئجي ويا. شام، فلسطين، مصر، اتر آفريڪا ۽ ايران پهريان ملڪ هئا، جن مسلمانن اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا. مسلمان اولهه طرف اسپين تائين ۽ اوڀر طرف سنڌوندي جي ٻئي ڪناري تائين ڌوڪيندا ويا ۽ حضرت پيغمبر ﷺ جن جي وصال کان هڪ سئو سال گذرڻ بعد انهن پاڻ کي هڪ ايڏي وڏي سلطنت جو مالڪ ڏنو، جا رومين جي انتهائي اوج تي پهتل حڪومت کان به وڌيڪ وسيع هئي.