مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

ساري عالم لاءِ رحمت: جناب بي ايس انڌاواهو شيارپور



مهاتما گوتم ٻڌ، زرشت، شري ڪرشن مهراج ۽ شري رامچندر کي سندن مائٽن ۽ قوم جي ماڻهن وڏيون تڪليفون ڏنيون. ابراهيم ع کي نمرود باهه ۾ وڌو. ذڪريا کي چيري به ٽڪر ڪيو ويو. فرعون موسى کي ڏک ڏنا. عيسى کي ڦاهي چاڙهيو ويو. پر جيترو ايذاءُ ۽ پيڙاءَ پيغمبر اسلام، حضرت محمد ﷺ کي ڏنو ويو، ايترو ٻئي ڪنهن کي به نه مليو. کين پٿر سان رتو رت ڪيو ويو. مٿن گند سان ڀريل اُٺ جي اوجهري رکي ويئي. کيس چريو ۽ جادوگر سڏيو ويو. گهر کان بي گهر ڪيو ويو، ايتري تائين جو، سندس قتل جو رٿون رٿيون ويون. ٻڌايو ته انهن نبين ۽ بزرگن، پنهنجا پنهنجا مذهب جاري ڪري آخر ڇا حاصل ڪيو! ۽ کين ڪهڙو سڪون مليو. هنن چڱن ڪمن ڪرڻ جي ماڻهن کي هدايت ڪئي. جنهن ۾ سندن ئي بهتري هئي. هو دنيا جي ڀلائي جا خواهشمند هئا. نه ڪوڙا هئا ۽ نه وري ٺڳ هئا. اهڙي حالت ۾ مان حضرت محمد ﷺ جي فياض رحمدلي ۽ نيڪ سيرت کي ڇو نه واکاڻيان، جنهن سور ۽ سختيون سهي به، واتان ويڻ نه ورايو. ويتر اڳين کي دعائون ڏنيو ن ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ڪو بدلو نه ورتو. جيڪي به مذهبي اڳواڻ ٿي گذريا آهن، تن مان حضرت محمد ﷺ تي سڀ کان وڌيڪ ظلم ڪيا ويا ۽ تاريخ نويسن، ويتر تعصب کان ڪم وٺي، کين هڪ قاتل ۽ بي رحم انسان جي شڪل ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته جيئن هرڀرو ٻين کانئن نفرت ڏياري وڃي. معلوم ٿئي ٿو ته انهن نڪتچيني ڪندڙن، نه ڪڏهن اسلامي تاريخ ۾، نه وري اسلام جي باني جي سيرت جو چڱي طرح مطالعو ڪيو آهي. اچو ته مان اوهان کي سندن رحمدلي جا ڪجهه واقعا ٻڌايان.
الله تعالى پيغمبر ﷺ جي زباني دنيا وارن لاءِ هي اعلان ڪرايو ته، اسان محمد ﷺ کي ساري جهان لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. خاص ڳالهه هن اعلان جي هي آهي ته هن ۾ اها دعوى نه ڪيل آهي ته محمد ﷺ فقط مسلمانن لاءِ رحمت ڪيا ويا آهن. پر پاڻ ساري عالم يعني حيوانات، نباتات ۽ جمادات جي اڳيان ڪئي ٿي وڃي، جيڪي ڏينهن رات کين ايذائن ڏيڻ ۾ مشغول رهندا هئا. جي پاڻ سڳورا، بي رحم ۽ سنگدل هجن ها ۽ پاڻ ڪنهن تي هرڀرو، ظلم ۽ ڏاڍ ڪن ها ته اعتراض ڪندڙ، بروقت رحمت واري دعوى کي ڪوڙو ثابت ڪن ها، پر اسلامي تاريخ ۾ اهڙي اعتراض جو ڳوليو به مثال نه ٿو ملي.
ڪنهن شخص جي رحمدلي ۽ ڪٺورپڻي جي خبر، تڏهن پوندي آهي. جڏهن کين پنهنجن دشمنن ۽ مخالفن کان بدلي وٺڻ جي پوري طاقت هجي. مان ان اصول کي سامهون رکي، حضور اڪرم ﷺ جو مڪي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجن جاني دشمنن کي معاف ڪرڻ واري ورتاءُ تي نظر ڪريان ٿو ته ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون خاص ڪري سندن هي لفظ سي به جاني دشمنن لاءِ ته ” اڄ اوهان آزاد آهيو. اوهان کان نه پڇا ڳاڇا ڪئي ٿي وڃي ۽ نه وري ڪو معاوضو ورتو ٿو وڃي. ۽ ان جو نتيجو هي ٿو نڪري ته، سندس رحمدلي ۽ شفقت کي ڏسي، اهي سڀئي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿين ٿا.
بدر جي جنگ ۾ کين، ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ڪيترائي قيدي وٽن آيا. جن کي رات جو رسين سان جڪڙيو ويو. انهن ۾ پاڻ سڳورن جو چاچو حضرت عباس رضه به هو، جيڪو رسين جي مضبوطي ڪري چيخڻ لڳو ۽ جڏهن اهو آواز حضور ﷺ جي ڪن تي پيو، تڏهن سندن ننڊ ڦٽي ويئي ۽ سج اڀرڻ سان ئي پنهنجن صحابين سان صلاح ڪري، سمورن قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
حضوراڪرم ﷺ ٻين ماڻهن سان رحمدلي ۽ نيڪ ورتاءُ ڪرڻ جي جيڪا تعليم ڏني سا ٻڌو:
الله تعالى نرمي ڪري ٿو. نرمائي کي پسند ڪري ٿو، نرمائي کان خوش ٿئي ٿو ۽ نرمي ڪرڻ واري جي مدد ڪري ٿو.
هر اڃايل کي پاڻي پيئارڻ ثواب آهي. جانورن تي ايترو بار رکو، جيترو هو کڻي سگهي ۽ انهن کي ڍئو تي کاڌو ڏيو.
جيڪو شخص ماڻهن تي رحم نٿو ڪري، الله به ان تي رحم نٿو ڪري.
هي سڀئي حڪم عام آهن پنهنجي، پرائي مائٽ دوست، جو ان ۾ ڪو سنڌو نه آهي. پرساري انسان ذات سان رحمدلي، همدردي، نفع رساني ۽ خدمت خلق جي هدايت آهي. هي اها قيمتي ۽ سونهري تعليم آهي، جنهن مونکي سندن عقيدتمند بڻايو.