مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

ٻانهپ جو خاتمو: لالا شيام ايم اي ( دهلي )

ٻانهپ جو خاتمو: لالا شيام ايم اي ( دهلي )

دنيا ۾ سڀ کان وڏي لعنت، جيڪڏهن ڪا آهي ته اها غلامي ۽ ٻانهپ آهي. الله ٿو ڄاڻي ته اها ڪهڙي منحوس گهڙي هئي، جڏهن ان جو رواج پيو، جو هزارين سالن گذرڻ کان پوءِ به، دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ٽڪري ۾ اڄ به هي موجود آهي. هونئن ته، هن جو پراڻو رواج آهي ۽ هر ملڪ، هر قوم ۽ هر مذهب ۾ هن جو مثال ملي ٿو. پر يورپ جي واپارين، جهڙي طرح هن کي هٿي ڏني ۽ نڪ جي پڪائي سان، هن کي روزگار جو ذريعو بڻايو، ان جو تاريخ ۾ نظير نٿو ملي . يورپ جا ماڻهو پوءِ اهي کڻي انگلينڊ، جرمني، فرانس، هالينڊ يا آمريڪا جا هجن، آفريڪا پهچندي ئي، هزارن جي تعداد ۾، ماڻهن کي پڪڙي جهازن ۾ ڀريندا هئا. آفريڪا، ڄڻ ته غلامن جو ٻيٽ هو. انهن پٿر دل واپارين، وسندين جون وسنديون ويران ڪري ڇڏيون. جيئن ته جهاز کي ٽٻ ڪري ڀريندا هئا، ان ڪري کائڻ پيئڻ جو سامان گهٽ هوندو هو. سفر جي تڪليفن ۽ سوڙهه ۾ دم گهٽجڻ ڪري، ڪيترائي غلام دڳ ۾ ئي مري ويندا هئا ۽ جيڪي بچندا هئا، تن کي وڏن اگهن تي وڪرو ڪري، هو سٺو نفعو ڪمائيندا هئا. روم جي حڪومت جيڪا پاڻ کي مهذب سڏائي ٿي، پر اتي غلامي اهڙي ته ڪني شڪل اختيار ڪئي هئي، جو مالڪ کانئن ايڏو ته ڏکيو ڪم وٺندا هئا، جو هو مري ويندا هئا، جيڪي بچندا هئا، تن جي حالت ڍورن کان به بدتر کان به بدتر هوندي هئي. ڪوڙن سان سندن کل اڊيڙي ويندي هئي، پر سندن آواز ٻڌڻ وارو ڪو ڪونه هوندو هو. ٿوري غلطي تي سندن جسم جا ڳڀا ڳڀا ڪيا ويندا هئا‏، يا زندهه باهه ۾ ساڙيا ويندا هئا، يا کين پاڻي ۾ ٻوڙيو ويندو هو. هندستان جا اڇوت، جيڪي اڄ سماجي ٻنڌڻن کان آجا ٿي رهيا آهن، هزارين سالن تائين آزار ۾ هئا ۽ هر سک ۽ آسائش کان پري هئا. اڄ کين مندرن ۾ وڃڻ جي اجازت آهي ڪن خاص سڙڪن ۽ کوهن تي اچڻ وڃڻ کان ڪوبه کين نٿو روڪي ٽوڪي. مطلب ته دنيا جي هر ٽڪري ۾ هي غلام طبقو جهنم ۾ هو. ۽ ڪوبه کين انسان سمجهي حق ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هنن غريبن لاءِ، زمين تنگ ۽ آسمان ڪوهين ڏور هو. آخر خالق حقيقي کي پنهنجن بندن تي رحم آيو ۽ عرب جي تپندڙ ڌرتي تي حضرت محمد ﷺ جلوه افروز ٿيا، جنهن سڀ کان پهرئين هن پوئتي پيل طبقي جي ڇوٽڪاري لاءِ وک وڌائي. جيئن ته غلامي جون پاڙون پاتال ۾ هيون، ۽ هي هر گهر ۽ ڪٽنب لاءِ وک وڌائي. جيئن ته غلامي جون پاڙون پاتال ۾ هيون، ۽ هر گهر ۽ ڪٽنب ۾، زرخريد غلام موجود هو ۽ هر ڌنڌي جي ڪاميابي، زراعت جو واڌارو ۽ ٻين معاشي ڪمن جو لاڳاپو به، هن طبقي سان هو، ان ڪري پاڻ سڳورن سندن آزادي کان اڳ، غلامي جي مذمت شروع ڪئي ۽ غلام بنائڻ ۽ انهن جي واپار ڪرڻ کي ايڏو ته ڌڪاريو جو عرب ۾ هڪ انقلاب اچي ويو. واپاري ٻانهن کي وڪرو ڪرڻ ۽ خريدار کين خريد ڪرڻ کان ڊڄڻ لڳا. اهڙي طرح پاڻ پهرين ان چشمي کي سڪائي ڇڏيائون جتان ٻانهن جي وڻ جون پاڙون، خوراڪ حاصل ڪري چوطرف پکڙجي وينديون هيون.
ان کان پوءِ پاڻ غلامن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ جي هدايت ڪيائون. هي به دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان پهرين صدا هئي. غلام هڪ ڪمتر ۽ ذليل ترين ماڻهو سمجهيو ويندو هو. عزت ۽ سٺو برتاءُ ته پنهنجي جاءِ تي، پر هو ڪنهن آسائش لائق به نه هو. اها صدا ڪنهن معمولي ماڻهو جي نه هئي، جيڪا فضا ۾ گم ٿي وڃي. پر ان جو اثر ضرور ٿيڻو هو ۽ ٿيو، پر واهه جو ٿيو !. جيئن جيئن، مسلمانن جو تعداد ۽ اثر رسوخ وڌڻ لڳو، تيئن غلام طبقي جي حالت سڌرڻ لڳي. پاڻ فرمايائون ته ” غلامن جي معاملي ۾، خدا کان ڊڄو. جيڪو پاڻ کائو، اهو انهن کي کارايو ڪنهن کي حد کان وڌيڪ تڪليف نه ڏيو. سندن طاقت کان وڌيڪ ڪم نه وٺو.“ پاڻ هي به فرمايائون ته ” غلامن کي گاريون ڏيڻ وارو جنت ۾ نه ويندو.“ ان جو نتيجو هي نڪتو جو غلامي جو صرف نالو رهجي ويو. هو هر معاملي ۾ آزاد رهڻ لڳا. غلام پنهنجي مالڪ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نماز پڙهڻ لڳا. جنگين ۾ حصو وٺڻ لڳا. فوجن جا ڪمانڊر انچيف بڻجي ويا. شاديون ڪرڻ لڳا. معيشت ۾ ترقي ۽ عروج جا سڀ دروازا مٿن کلي ويا. سختي ۽ تشدد ته پنهنجي جاءِ تي، کين اولاد وانگر سمجهيو ويو ۽ مٿن محبت جون بوندون وسڻ لڳيون.
دنيا ۾ غلامي جا مختلف طريقا هئا. سڀ کان خاص ذريعو جنگ هو. هن موجب فتح کان پوءِ، فاتح، مفتوح قوم جا سڀئي ماڻهو، مرد ۽ عورتون گرفتار ڪري کين غلام بڻائي ڇڏيندو هو ۽ هي مصيبت جا ماريا، اميرن ۾ ورهائجي ويندا هئا. ۽ جيئن ته هي سلسلو وڌندڙ هو، ان ڪري اهي سوداگرن کي وڪرو ڪيا ويندا هئا. اهي نسلي طور شريف ۽ وڏگهراڻي جا کڻي ڇو نه هجن پر کين غلام ٿي رهڻو پوندو هو. سندن مالڪ کانئن اهڙو ئي ڪم وٺندا هئا جنهن مان کين مرڻ ويلي ڇوٽڪارو ملندو هو. جڏهن ته افلاطون جهڙو حڪيم ۽ فلاسفر، غلام بڻجي هارپو ڪندو هو ته پوءِ ٻئي ڪنهنجي لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي؟ ڪڏهن وري هنئين ٿيندو هو ته ڌاڙيل قافلي جي ماڻهن کي گرفتار ڪري وٺي ويندا هئا، ۽ ٻئي ولايت ۾کين وڪري ڪري ڇڏيندا هئا. مطلب ته غلام بڻجڻ کان پوءِ زندگي حرام ٿي ويندي هئي. دنيا جو ڪوبه ملڪ ۽ مذهب هن لعنت کان خالي نه هو ۽ خدا جي مخلوق عذاب ۾ مبتلا هئي. هي اسلام جو زماني دنيا ۽ مخلوق تي احسان آهي، جو هن غلامن جي آزادي جو اعلان ڪيو. قرآن شريف ۾ غلامن بابت کليل لفظن ۾ آهي ته ” جڏهن اوهان جنگ ختم ڪريو ته پوءِ کين گرفتار ڪيو. پوءِ يا ته مٿن احسان ڪري ڇڏي ڏيو. “ ۽ هي ان حڪم جو نتيجو آهي ته اسلام جي سڀ کان پهرئين جنگ ۾، جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا، انهن سان نهايت حيرت انگيز ۽ شريفانه برتاءُ ڪيو ويو. سر وليم لکي ٿو ته ” اصحابي پاڻ پيادا هليا پر انهن کي اٺن تي ويهاريو ويو. پاڻ بکيا رهي به، انهن کي ماني کارائيندا رهيا. انهن قيدين کي پنهنجو ذاتي دشمن سمجهندي به کانئن معاوضو وٺي آزاد ڪيو ويو. جن وٽ پئسا ڪونه هئا، تن کان وعدو ورتو ويو ته اهي ڏهن مسلمانن کي لکڻ پڙهڻ سيکارين. هڪ ماڻهو وٽ نه پئسو هو ۽ نه علم سيکارڻ جي صلاحيت . ان عرض ڪيو ته ” گهر وڃي معاوضو موڪليندس. کيس ان انجام تي ئي آزاد ڪيو ويو. هڪ ماڻهو عمرو هو، جنهن چيو ته ” مان غريب آهيان جيڪڏهن هت رهيم ته پٺيان منهنجا ٻار ٻچا بکن ۾ مري ويندا. پاڻ سڳورن کي رحم اچي ويو ۽ کانئس اهو وعدو وٺي آزاد ڪيو ويو ته هو وري مقابلي لاءِ نه ايندو. رحم ڪرم ۽ جنگ جي قيدين سان نرمي ۽ شفقت جو، هي ڪيڏو نه عظيم مثال آهي، جنهن جي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ظاهر آهي ته اهي دشمن ۽ جنگجو ماڻهو، جيڪي رت جا پياسي بڻجي ايندا هئا، جن کي آزاد ڪرڻ، خطري کان خالي نه هو، پر انهن سان برادرانه سلوڪ ڪري، کين ڇڏيو ويو. پاڻ سڳورن کي غلامن جو ايڏو اونو هو، جو دنيا مان وڃڻ وقت به، ساڻن سلوڪ ڪرڻ جي هدايت ڪيائون.
پاڻ سڳورن غلامن کي آزاد ڪرڻ جو، هڪ رستو هي به ڏسيو ته، جيڪو به غلام کي آزاد ڪندو، ان جا سڀ اڳيان گناهه معاف ڪيا ويندا.“ جا قرآن شريف جي آيت به نازل ٿي ته ” جنگ جي قيدين تي احسان ڪري، کين آزاد ڪريو يا معاوضو وٺي آزاد ڪريو.“ هوازن قبيلي جا ڇهه هزار قيدي، بنا معاوضي جي آزاد ڪيا ويا. ان کان پوءِ وري اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي جو پاڻ سڳورن ڪنهن کي غلام بڻايو هجي. هڪ اصحابي رضه پنهنجي ٻانهي جي منهن تي، ان ڪري چماٽ هنئي جو، ان جي موجودگي ۾، سندس هڪ ٻڪري بگهڙ کڻي ويو. صحابي جو هي فعل، شرعي حڪم جي خلاف هو. مائي ساري ڳالهه حضور ﷺ کي ٻڌائي. پاڻ ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ ان چماٽ جي بدلي، ان کي آزاد ڪيو ويو. رومي معمولي غلطي تي ٻانهن جي کل اڊيڙي ڇڏيندا هئا، ۽ هيڏانهن مطابق، مسلمان پنهنجن ٻانهن جي سنڀال اولاد وانگر ڪندا هئا. غلام گهر ۾ هڪ ڀاتي جي حيثيت ۾ رهندو هو. حد ته اها هئي جو غلام، حضور ﷺ پنهنجي ماءُ پيءَ کان به بهتر سمجهندا هئا. سندن هڪ غلام هو، جيڪو ڪافي وقت کان وٽن رهندو هو. سندس والد ڳولا ڪندو مديني ۾ آيو ۽ پٽ جو معاوضو ڏيئي ان کي آزاد ڪرائڻ پئي گهريو. پاڻ بنا معاوضي جي کيس جلد آزاد ڪري ڇڏيو ته هو روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ” مون کي ماءُ پيءَ جي محبت کان اوهان جي غلامي هزار دفعا بهتر آهي . پيءَ واپس هليو ويو. هڪ ٻيو غلام حضرت انس رضه جو چوڻ آهي ته ” مان ڏهه سال پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ رهيم، پر اهو سارو عرصو گهرڀاتين وانگر گذاريو جيڪو پاڻ کاڌائون، مون کي به اهو کارايائون. جهڙو پاڻ پاتائون مون کي به اهو پارايائون. ڪڏهن هڪ ڏينهن به مون کي نه ڇينڀيائون. حضرت زيد رضه به، سندن غلام هو. پاڻ سڳورن پنهنجي سڳي ڀڦي جي ڌيءَ سان سندس شادي ڪرائي . حالانڪ سندن ڪٽنب عرب جو معزز ترين خاندان هو ۽ زيد رضه غلام هو. اهڙي طرح هڪ ٻئي غلام اسامه رضه کي هڪ لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪيو ويو. جنهن جي هيٺان وڏا وڏا معزز ماڻهو هئا، پر ڪنهن به چون چران نه ڪئي. حضرت بلال رضه مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ سڳورن جي ڏينهن ۾ ٻانگو هوندو هو ۽ حضور اڪرم ﷺ سندن شادي جو ارادو ڪيو ته وڏا وڏا شريف ۽ مالدار قريش گهراڻي جا ماڻهو، کيس سڱ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. جڏهن هو گذاري ويو ته حضرت عمر رضه جهڙو عظيم الشان حڪمران به، روئي چوڻ لڳو ته ” اڄ اسان جو آقا دنيا مان هليو ويو“ هي هو اسلامي مساوات جو ڪرشمو! جو حڪمران به غلامن کي ڀريل مجلسن ۾ آقا سڏيندا هئا. واقعي اسلامي دور ۾، ٻانهن جي حالت هن دور جي آزاد ماڻهن کان بهتر هئي ۽ سندن مڪمل حفاظت ڪئي ويندي هئي. وڏي کان وڏا عهدا انهن کي ملندا هئا. اهي مسلمانن جا ڀائر هوندا هئا. هندستان ۽ مصر تي، اسلام جي غلامن حڪومت ڪئي ۽ اهڙي دٻدٻي سان، جو تاتارين جهڙي وحشي ۽ بهادر قوم، به پاڻي پاڻي ٿي ويئي ۽ انهن جي هٿان، کين شڪست ملي. وڏا وڏا بهادر حڪمران ۽ ڪامل بزرگ انهن مان پئدا ٿيا. اسلام غلامن کي فرش تان کڻي عرش تي پهچايو، ۽ سچ پچ اهي بادشاهه بڻجي ويا. يورپ ۾ 1794ع ۾ فرانس ۾ انگلينڊ ۾ 1833ع ۾ غلامن جي آزادي جو قانون پاس ڪيو. پر اسلام ان کان سوين سال اڳ، انسان ذات جي بهترين خدمت ڪئي. ڇا وهين صدي جو يورپ، اهڙي کلي دل سان انساني خدمت جو ڪو ثبوت پيش ڪري سگهي ٿو؟ يورپ ڇا، پر دنيا جو ڪوبه خطو، اهڙي رواداري جو مثال نه ٿو ڏيئي سگهي. اهو فخر فقط اسلام کي ئي حاصل آهي.