مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

توحيد جو پرچارڪ: جناب ڊاڪٽر يُڌوير سنگهه

توحيد جو پرچارڪ: جناب ڊاڪٽر يُڌوير سنگهه

هن ۾ ذري جو به شڪ نه آهي ته حضرت محمد ﷺ جي شخصيت نيڪ ۽ برگزيده آهي. مسلمانن کي ڇڏي جن جي عقيدي موجب پاڻ الله جا نبي آهن. ٻين ماڻهن لاءِ سندن سوانح عمري دلچسپ ۽ سبق آموز آهي. عرب جهڙي وحشي ملڪ ۾ جتي ٿورڙي مخالفت تي اڳلي جو سر وڍيو ويندو هو. هن پاڪ هستي جرئت ۽ همت سان اسلام جي اعلى اصولن جي پرچار ڪئي. اهو ملڪ جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيل آهي. جنهن کي اسان چڱي طرح پڙهي سگهون ٿا. پر شرط اهو آهي ته اسان جي اکين تي تعصب جي عينڪ چڙهيل نه هجي. ڇهن سالن جي لاڳيتي عبادت کان پوءِ جڏهن حضور اڪرم ﷺ کي ” لا الله الا الله“ جو وحي ٿيو ته ان کان پوءِ هڪ ڏينهن به سواءِ ڪنهن خوف ۽ خطري جي بي ڌڙڪ ٿي هن نئين روشني کي ڦهلائڻ شروع ڪيو. سڀ کان پهرين گهر واري ۽ پوءِ هرهڪ انسان کي هي پيغام پهچايو. مشهور آهي ته انسان جي زندگي جو ڪونه ڪو مقصد ضرور هوندو آهي ۽ حضور جن جي مشن جو مقصد خدا جي سڃاڻ ۽ گهڻو ڪري هي ڏٺو ويو آهي ته جن ملڪن جي ماڻهن خدا تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ديوتائن ۽ قبرن جي بندگي شروع ڪئي تن ملڪن جا رهاڪو يا ان مذهب جا مڃيندڙ ذلت جي اونهي کڏ ۾ ڪري پيا. جڏهن هڪ فرد جو عمل يا ڪردار خراب ٿيندو آهي ته سارو ملڪ به ان جو اثر قبوليندو آهي ۽ پوءِ ان ۾ اهڙي ڪني شيءَ پيدا ٿيندي آهي جنهن کي سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ اها آخر ۾ سڀني کي نست ونابود ڪري ڇڏي ٿي. ملڪ ۽ ملت لاءِ اعلى ڪردار ۽ چال چلت جو هجڻ نهايت ضروري آهي. ان کان سواءِ ڪوبه انسان ترقي ڪري نٿو سگهي. دراصل چال چلت ئي فرد جي سڃاڻ آهي. جنهن افراد جي ٽولي يا جماعت جو ڪردار خراب آهي اهو ڏينهون ڏينهن غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي تڪليفن ۾ مبتلا ٿي آخر هڪ ڏينهن دنيا جي تختي تان مٽجي وڃي ٿو. حقيقت ۾ اعلى ڪردار نيڪ عمل، پيار، محبت، ايمان، دلي جي سچائي ۽ پاڪائي جو ٻيو نالو خدا آهي، ان ڪري قبرن، بتن، پير فقيرن جي عبادت ڪندڙ سٺي چال وارا ماڻهو نه ٿا ٿي سگهن ۽ جيڪي ماڻهو سچائي ۽ الله تي ايمان آڻين ٿا ۽ پاڻ کي ان سان ڳنڍيل رکن ٿا اهي ئي اعلى ڪردار جا مالڪ سڏجن ٿا. جيڪي ماڻهو ڊڄين ٿا اهي بزدل هوندا آهن ۽ بزدلي غير خدا جي عبادت، خوف ۽ لالچ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. ۽ اها ماڻهو انهيءَ خيال سان ڪن ٿا ته جيڪڏهن اسان فلاڻي ديوتا جي منت نه مڃي ته اسان جي ٻار کي فلاڻي بيماري ٿيندي. فلاڻي قبر تي پڙ وجهڻ سان مان مالدار ٿي پوندس. مونکي اولاد ٿيندي ته اهڙن ملڪن ۾ بت پرستي گهر ڪري وڃي ٿي ۽ اتان جي ماڻهن جي دلين ۾ محبت ۽ ايمان بدران خوف، لالچ ۽ غلامي جو رواج پئجي وڃي ٿو. جيڪو کين نيچ بڻائي ڇڏي ٿو. پر جيڪي ماڻهو الله جي هيڪڙائي ۽ سچائي تي ايمان آڻين ٿا، اهي اعلى اوصاف جا مالڪ بنجن ٿا. اوهان ڄاڻو ٿا ته حضرت محمد ﷺ اڄ کان چوڏهن سال پهرين ڪريل ۽ بداخلاق قوم کي وحدانيت جو درس ڏيئي ان قوم ۽ ان قوم جي رستي ساري مخلوق جو ڀلو ڪيو ۽ اها هڪئي قوت ۽ وٿ هئي جنهن اڳتي هلي عربستان جي وڏين وڏين طاقتن کي نمائي ڇڏيو.
پيغمبر ﷺ جي سوانح عمري، محبت ۽ خدمت جي جذبن سان ڀريل آهي ۽ هڪ سچار ۽ سچائي ڏانهن ويندڙ واٽهڙو جي زندگي سدائين محبت ۽ خدمت سان ٽُٻ هوندي آهي. چون ٿا ته هڪ دفعي پاڻ سڳورن وٽ بدو مهمان ٿي آيو. پاڻ ڄاتائون ٿي ته هو مشرڪ ۽ غير مذهب آهي، تڏهن به کيس پاڻ وٽ رهايائون. کين سمهڻ لاءِ بسترو ۽ ڪپڙا ڏنائون . جيئن ته هي همراهه بيمار هو، ان ڪري سندن بستري ۾ گند ڪري وڌائين ۽ ان ڀئو کان ته متان مسلمان کيس ان گستاخي جي سزا ڏين، سوير ڀڄي ويو. پر هن کي پنهنجي تلوار وسري ويئي. ان ڪري ڊڄندو ۽ ڏڪندو واپس آيو، ڏسي ته حضور سائين پاڻ پنهنجن هٿن سان بسترو صاف پيا ڪن ۽ ڌوئين . سندن منهن تي ڪنهن به قسم جي ناراضگي جو نشان نه آهي. پاڻ کين ٻيهر ڏسي ڀرسان وهاريو، تسلي ڏني ۽ دل ٻڌرائي. هو سندن پيرن تي ڪري پيو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ پاڻ سڳورن وٽ آيو ٻارن ٻچن سميت مسلمان ٿيو. اهڙا ڪيترائي مثال سندن زندگي ۾ ملن ٿا. جن مان محبت، خدمت ۽ خدا پرستي جا جذبا ظاهر ٿين ٿا.
اچو ته اسان سڀ گڏجي نفرتن کي هڪ پاسي رکي ان معزز هستي کي ساراهيون ۽ دعا ڪريون ته اڄ جا مسلمان به پنهنجي نبي جهڙا مسلمان بڻجي پنهنجي نبي ‌ﷺ جي سنت رستي جيڪا خدا جي عبادت ۽ ٻانهن جي خدمت جو ٻيو نالو آهي، سڄِي دنيا کي توحيد جو پيغام ٻڌايون ۽ ساري ملڪ جي ماڻهن کي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياري بس هڪ خدا جي مخلوق جو خادم بڻايون.