مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

اعلى انسان: ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

حضرت محمد ﷺ صاحب دنيا جي عظيم انسانن منجهان هڪ آهي جنهن انسان جو نالو جهان جي ڪروڙين ماڻهن مردن عورتن ۽ ٻچن ۾ روحاني جذبو پئدا ڪري. هنن جي دلين ۾ سڪ ۽ قرباني جاڳائي، سو انسان روح جي فلڪ ۾ چمڪندڙ ستارو سمجهڻ گهرجي . منهنجو اهو به رايو آهي ته جيئن آسمان جا تارا ڪنهن به خاص ديس، قوم يا علائقي جي ملڪيت نه آهن، پر اهو ساري عالم کي روشني بخشيندڙ صاحب آهن .تيئن روحانيت جا صاحب نبي ۽ اولياءَ ڪنهن به خاص ديس قوم يا علائقي لاءِ نه آهن، مگر هو ساري جهان جي رهبري ڪندڙ آهي. خاص ڪري هن سائنس جي ترقي جي سمي ۾ جهاز، ريلون ۽ هوائي جهاز مڪاني لنبائي جا نشان ڦٽائي رهيا آهن. تنهن رسمي ۾ هندستان ۽ عربستان جي وچ واريون حدون جي اڳ به بلڪل نئون ڪين هيون، سي ته بنهه غائب ٿي وڃڻ گهرجن .ڀلا جي مغرب اڃان ڏور آهي، ته مشرق ته ميلاپ جي مٺ ۾ هڪ ٿي وڃڻ گهرجي. اسلام جو پيغمبر هڪ اعلى انسان هو. جنهن جو سنيهو ڪنهن حد يا سرحد وهڻيو ڪين هو. هن اها توحيد جي تار هلائي، جنهن جون تنوارون هر مڪان ۽ زمان سان ساز رکن ٿيون . اسلام جي پيغمبر جنهن ” رب “ جو بيان ڪيو، سو ڪو عربستاني، عراقي، ايراني ۽ افغاني نه هو، بلڪ هو فقط ” هڪ جهاني“ به نه هو اسلام جي پيغمبر جنهن الله جي ڳالهه ڪئي. سو ته ” رب العالمين “ آهي. جنهن کي ” سڀ جهاني“ چئجي. هندستان جا ماڻهو جيڪڏهن اسلام ۽ اسلام جي پيغمبر جي حياتي جي اعلى اصولن جا واقف هجن ته هن ديس ۾ امن امان قائم ٿي وڃي.
مونکي ٿوري ڪي گهڻي اڀياس مان ايترو معلوم ٿيو آهي ته اسلام جو نبي ڪريم ﷺ هڪ حيرت انگيز ماڻهو هو. هن جي حياتي سچ پچ دل گرفتار ڪندڙ آهي. ياد ڪرڻ گهرجي ته حضرت محمد ‌ﷺ فقط مذهبي اڳواڻ ڪين هو، پر هو هڪ وڏو بادشاهه به هو. هو نه رڳو هڪ درويش فقير هو،پر اعلى امير هو. فقير دنيا جا لڳ لاڳاپا ڇڏي گوشه نشيني اختيار ڪري انهيءَ حالت ۾ هو دنيا کان دور ٿو رهي. مگر بادشاهت جون واڳون جهلي، تنهن سان گڏ درويشي ڪمائڻ، ڪا ٿوري ڳالهه نه آهي. اسلام جي نبي انيڪ جنگيون ڪيون ۽ ملڪ فتح ڪيا. حڪومت قائم ڪئي . وزارتون ٺاهيون . قانوني ۽ ڪاروباري واڳون هلايون . جدا جدا قومن ۽ فرقن کي ملائي، هڪ راڄ ڪيو. اهڙين ڪارواين ڪندي به هن پنهنجي دل کي نفس کان واندو رکيو. بادشاهه هوندي به هن ڇٽ ڇڏي پٽ اختيار ڪيو.تخت تي نه ويٺو، پر هڪ واڻ جي ننڍڙيءَ منجي تي ويٺو. ٻانهن هوندي ڪم پنهنجي هٿن سان ڪيائين. مسجد جون ڀتيون پاڻ ٺاهيائين، گانين جا وٿاڻ پاڻ صفا ڪيائين. جتي پنهنجن هٿن سان سبيائين. گهر ٻهارڻ ۽ ماني پچائڻ جو ڪم پاڻ ڪيائين . پيغمبر جي راڻين کي به پورهيو ڪرڻو پوندو هو . پر تنهن سان گڏ بکون به ڪڍڻيون پونديون هيون. سندس ” وڏي راڻي “ جو چوڻ آهي ته سندس گهر ۾ ٻه ٻه مهينا تئو ڪين تپندو و. پيغمبر صاحب ﷺ اهي فاقا ڪڍيا جن جي ڀيڻي نه آهي. پيٽ کي پٽيون ٻڌي، نفس کي ماري هڪ عجيب رهت رهيو. نبي سڳورو بلڪ هاڻوڪي سوشلسٽ خيال وارن لاءِ عظيم مثال هو. ” وياج “ يعنى مفت ڪمائي کي حرام پيغمبر ئي ٺهرايو.
منهنجو غير مسلم هندواسي ڀائرن کي چوڻ آهي ته هڪ ڳالهه ڪڏهن نه وساريو ته اسلام جي پيغمبر ڪڏهن به هڪ اکر هندستان يا هندن جي خلاف نه چيو. هي جيڪي ويرو رود آهن، تن جي جوابداري جو ذرو به بوجو پيغمبر ﷺ صاحب تي نٿو وجهي سگهجي تنهنڪري اسانکي جڳائي ته اسين هن جي حياتي ۽ هن جي سکيا کي بنان ڪنهن بغض جي پڙهون ۽ ويچاريون.