مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

پاڻ سڳورن جي سادگي: اسٽينلي لين پول

پاڻ سڳورن جي سادگي: اسٽينلي لين پول

حضور اڪرم ﷺ نهايت جوشيلا ماڻهو هئا، پر سندن اهو جوش نهايت شريفانه هو ۽ هڪ مقصد لاءِ پڻ سندن ذات مبارڪ انهن چند ماڻهن مان هڪ آهي جن هڪ الشان پيغام عام ماڻهن ۾ ڦهلائڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. پاڻ الله تعالى جا پيغمبر هئا. نهايت بااخلاق ۽ رحمدل بزرگ هئا. سندن بي ريا، خداپرستي ۽ عظيم فياضي ساراهڻ لائق آهي. پاڻ ايتريقدر رحمدل هئا جو بيمارن کان سندن گهر پڇڻ ويندا هئا. غلامن جي دعوت قبول ڪندا هئا . ٻڪريون پاڻ ڏهندا هئا. پنهنجو سارو ڪم پنهنجن هٿن سان پاڻ ڪندا هئا‏. جڏهن پنهنجي اقتدار جي اوج تي رسيا، تڏهن سندن کائڻ پيئڻ ۽ گهر جو فرنيچر پراڻي نموني جو هو. پاڻ پنهنجن گهر وارن سان گڏ، هڪ سادي ڪکائين گهرن جي قطار ۾ رهندا هئا جيڪي کجي جي پوٽن وسيلي ڌار ٿيل هئا ۽ مٽي ۾ پوريل هئا . سندن گهرجي ٻاهران هڪ بئچ يا گئلري هوندي هئي، جتي ڪيترائي غريب ماڻهو ويٺل نظر ايندا هئا. جن سڀني کي نبي جي سخاوت جو آسرو هو ۽ پاڻ انهن کي دل گهريو دان ڏيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو اهڙن صحابن کي ” اصحاب بينچ “ چوندا هئا. سندن رواجي کاڌو، ڪتل، پاڻي ۽ جون جي ماني هوندي هئي. کير ۽ ماکي کائڻ جا شوقين هئا، پر اهو به ڪڏهن ڪڏهن اڪيلا نه کائيندا هئا، پر ان ۾ ٻيا به ڀائيوار هوندا هئس، عرب جي بادشاهه بڻجڻ کان پوءِ پاڻ صحرائي ماحول کي سازگار سمجهيو ۽ انکي پسند ڪيو.
مٿن عيش پسندي ۽ ظلم و تشدد جا جيڪي الزام هنيا وڃن ٿا. اسان جي تحقيق مطابق بي بنياد آهن.