مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

مڃ محمد ﷺ ڪارڻي

هي هڪڙي عام فطري ڳالهه آهي ته ڪنهن آفيسر يا بادشاهه جي نظر هميشه ڪنهن سهڻين صفتن واري ۽ ڄاڻو ماڻهو کي پسند ڪندي آهي جيڪو بادشاهه جو گهڻگهرو هوندو آهي. تنهن ۾ ضرور ڪي اهڙيون صفتون ۽ اخلاق موجود هوندا آهن جيڪي بادشاهه جي دل ۾ هن لاءِ جاءِ پيدا ڪندا آهن، تڏهن ئي ته کيس بادشاهه جو خاص قرب حاصل ٿيندو آهي ۽ انهيءَ قرب سبب اڳتي وڌي هو بادشاهه جو خاص رازدان بڻبو آهي ۽ پوءِ هو شاهي احڪام ۽ فرمان چڱيءَ طرح سمجهي سگهندو آهي. هر حڪم جو مقصد ۽ مطلب ۽ ان جي حد، بادشاهه جو اشارو، مرضي ۽ ناراضپو ڀليءَ ڀت پروڙي وٺندو آهي. پوءِ جڏهن عام ماڻهو بادشاهه سان سندس قرب ۽ پيار ڏسندا آهن ته، ساڻس ويجها ٿيڻ لڳندا آهن. سندس فرمانبرداري ڪري قرب ماڻڻ جا حيلا ڪندا آهن ۽ سندن دلين ۾ هن لاءِ محبت، عزت ۽ عظمت قائم ٿي ويندي آهي.
هي معاملو آهي عام دنيا جي بادشاهن ۽ سندس پيارن جو، جن جي نه عزت ۽ عظمت ڪامل، نه علم مڪمل، نه قدرت جامع ۽ نه هو پنهنجي حڪمن کي مڃرائڻ ۾ وس وارا! ڇو ته انسان هئڻ جي ناتي منجهن بشري اوڻاين ۽ ڪمزورين جو هئڻ اڻ اثر آهي. پر هن جي ڀيٽ ۾ ملڪ ۽ ملائڪن جي مالڪ ۽ حقيقي خالق الله بادشاهه جو شان، مان، قدرت، عزت ۽ عظمت هميشه هميشه رهڻ واري ۽ هر ڪنهن نقص کان پاڪ ۽ بي عيب آهي. هاڻي سوچيو ته ڀلا اهڙو شهنشاهه عالم الغيب والشهادته جڏهن ڪنهن کي چونڊي مقرب بڻائي، پنهنجي ۽ پنهنجي خلوق جي وچ ۾ پيغمبريءَ جهڙو عظيم منصب عطا فرمائيندو ته اهو عظيم انسان ڪيڏين نه سهڻين صفتن وارو، عظمت ڀريو، ڪمال ۽ جمال جو مالڪ هوندو!
جڏهن اها ڳالهه پڌري ٿي وئي ته رب العالمين، رحمت اللعالمين حضرت محمد مصطفى ﷺ کي سڄي ڪائنات مٿان فضيلت ۽ اعلى مقام عطا ڪري، پنهنجي خاص قرب سان نوازيو ته هاڻ ظاهر آهي ته جنهن کي خالق عظيم بڻائي، عظيم سمجهي ۽ عظيم سڏي، تنهن کي عظيم مڃڻ کان ڀلا مخلوق ڪيئن ٿي انڪار ڪري سگهي!
جڳ مشهور آمريڪي عيسائي ليکڪ وليم هارٽ پنهنجي ڪتاب ” 100 THE“ جي صفحي 39 تي سچ جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته، ”ٻين مکيه سببن جي ڪري محمد ﷺ کي عيسى (عليه السلام) تي سرسي حاصل آهي، هڪڙو هي ته عيسى عه جي عيسائيت کي پکيڙڻ تي سرسي حاصل آهي، هڪڙو هي عيسى عه جي عيسائيت کي پکيڙڻ وارين ڪوششن جي ڀيٽ ۾ محمد ﷺ اسلام کي زور وٺائڻ لاءِ تمام گهڻو وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪيو جيتوڻيڪ عيسى عه عيسائيت جي مکيه روحاني ۽ اخلاقي قدرن جو باني هو، پر عيسائي نظريي جي ترقي ۽ ان جي مکيه واڌ ويجهه کان سواءِ انجيل جي وڏي حصي جي ليکڪ هئڻ جو اعزاز سينٽ پال کي حاصل آهي.
جڏهن ته محمد ﷺ ٻنهي ڳالهين، اسلامي نظريي ۽ ان جي مکيه روحاني ۽ اخلاقي اصولن جو اڪيلو سرواڻ هو. هن سان گڏوگڏ هن اسلام جي نئين عقيدي کي پکيڙڻ ۽ ان جي مذهبي معاملن کي زور وٺائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. هن کان سواءِ، هو مسلمانن جي مذهبي مقدس ڪتاب يعني قرآن جو سهيڙيندڙ پڻ آهي، جيڪو مٿس الله پاڪ پاران وحيءَ ذريعي نازل ٿيو، جنهن جو گهڻو ڀاڱو ديانتداريءَ سان محمد ﷺ جي حياتيءَ ۾ ئي قلمبند ڪيو ويو ۽ اهو سمورو ڪتاب معتبر طريقي سان سندس وفات جي ٿورڙي ئي عرصي ۾ جمع ڪيو ويو، تنهن ڪري قرآن، محمد ﷺ جي اصولن ۽ تعليمات کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو ممڪن حد تائين سندس حقيقي لفظن تي ٻڌل آهي. هن جي ڀيٽ ۾عيسي عه جي تعليمات هي اهڙي قسم جي ڪابه جامع تحريري صورت موجود ڪونهي . جيئن ته مسلمانن وٽ جهڙي قرآن جي اهميت آهي تهڙي عيسائين وٽ انجيل جي آهي، هن حالت ۾ به قرآن جي موجودگيءَ سبب محمد ﷺ وڌيڪ اثرائتو ۽ مانائتو آهي. هن ڳالهه جي ئي ڪري ٿي سگهي ٿو ته اڪيلي محمد ﷺ جو اسلام ۾ اثر حضرت عيسى عه ۽ سينٽ پال جي عيسائيت ۾ گڏيل اثر کان به واڌارو آهي.“
جڏهن اسين پاڻ ڪريم ﷺ جن جي اخلاق، ڪردار ۽ صفتن تي نظر وجهون ٿا ته اها حقيقت سج جيان چٽي ڏسجي ٿي ته واقعي پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي ڪمالات ۾ جميع الخلائق ۾ مٿاهان ۽ معتبر آهن ۽ سندس اهي ڪمال ڪي ڳجها ڪونهن، بلڪ اظهر من الشمس آهن، جن کي دوست ۽ دشمن سڀئي ڄاڻن ٿا. ائين ڪونهي ته پاڻ ڪريمن ﷺ جي ڪمالات کي ڪنهن جماعت رڳو عقيدت وچان دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو هجي. پر پاڻ سڳورن ﷺ جي ڪمالات ۽ عظمت کي سڄي دنيا ڏسي واسي ” پرکي ۽ پروڙي پوءِ تسليم ڪيو آهي.
کين ” صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته پاڻ سڳورن جا سمورا حيرت ۾ وجهندڙ ڪمالات، محيرالعقول (عقل کي دنگ ڪندڙ ) ڪارناما ۽ فوق العادت صفتون بحيثيت الرسول هئا. ائين نه هو جيئن ڪن متن موڙهيل ڏاهن سمجهيو آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ تمام وڏا رفارمر (سماج سڌارڪ) هئا يا قوم جا همدرد ۽ هڪ مدبر ليڊر هئا ۽ هڪ رفارمر ۽ قوم جي ليڊر واري حيثيت ۾ پاڻ سڳورن ‌ﷺ هي عظيم انقلاب برپا ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل قوم ۾ نهايت خوبصورتيءَ سان ٻڌي، ايڪو ۽ اتحاد پيدا ڪري، کيس انسانيت جي هڪڙي اعلى مقام تي پهچايو.
حضورﷺ جن بابت اهڙي راءِ رکندڙن کان پڇجي ٿو ته هن دنيا ۾هزارين رفارمر، لکين ليڊر ۽ قوم جا همدرد پيدا ٿيا آهن. جيڪڏهن پاڻ سڳورن ﷺ جا هي سمورا حيرت انگيز ڪارناما انهن جي آڏو ڇڙو هڪ رفارمر جا ڪارناما هئاته ڀلا توهان دنيا وارن جي زندگيءَ مان گهڻا نه ته ٻه چار ئي اهڙا مثال ڳولهي ڏيکاريو، جن اهڙو همه گير انقلاب برپا ڪري، هڪ ظاهري تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ اخلاق کان عاري ۽ سڀني ڏوهن ۾ ٻڏل قوم کي ايتري ٿوري عرصي ۾ ايڏو بااخلاق عادل ۽ نرم دل، بامروت، خوش اخلاق، ايثار ڀريو، مدبر حڪمران ۽ علم ۽ سمجهه جو علمبردار بڻايو ويو هجي! جن جي نالي کان هڪ طرف دنيا جون عظيم طاقتون ڏڪنديون هجن ته ٻئي طرف هو راتين جا اوجاڳا ڪڍي خدا جي خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان اڳ کڻڻ جون ڪوششون ڪندا هجن. ڇا دنيا ۾ ڪنهن رفارمر ڪڏهن ڪو اهڙو انقلاب به آندو آهي ته جيڪي ماڻهو اڳ نياڻين ۾ مان محسوس ڪرڻ لڳن؟ جڏهن کان دنيا قائم ٿي آهي، تڏهن کان اڄ تاءِ وڏا وڏا بادشاهه فاتح، حڪمران، ڏاها، عقلمند، فيلسوف، رفارمر ۽ ليڊر پيدا ٿيندا رهيا آهن پر تاريخ جواب ڏئي ته مديني جي مير مٺي مرسل محمد رسول الله ﷺ جي پيدا ڪيل، سيکاريل ۽ سڌاريل انسانن کان سواءِ ڇا ٻيا به اهڙا مصلح پيدا ٿيا آهن، جن جي اصلاح سان ايڏي وڏي جاهل قوم اهڙي عادل، عديل، بيمثال، بامروت ۽ ايثار واري بڻجي وئي هجي.
بيشڪ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙن بادشاهن جا بيشمار واقعا ملندا، جن ملڪ فتح ڪيا، وڏا وڏا قلعا محل ۽ ماڙيون اڏيون ۽ مٿن پنهنجي فتح جا جهنڊا کوڙيا، پر ڇا دنيا ۾ ڪو اهڙو فاتح به ٿي گذريو آهي. جنهن ملڪن کي فتح ڪرڻ کان اڳ دلين کي فتح ڪيو هجي جنهن محل ۽ قلعا اڏائڻ کان اڳ سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ڪئي هجي ۽ ” رحماه بينهم “ جي صفت واري متحد ۽ متفق، ايثار سان سرشار اهڙي جماعت تيار ڪئي هجي جو سندن اتفاق، اتحاد، عدل ۽ انصاف جي اثر سان ٻڪري ۽ شينهن گڏ چرندا هجن ۽ بگهڙ ۽ رڍ هڪ هنڌان پاڻي پيئندا هجن.
جڏهن اسين هنن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ غور ڪنداسين ته ضرور هن حقيقت کي مڃڻو پوندو ته هي ڪم، هي ڪارنامو هرگز ڪنهن بادشاهه، ليڊر يا رفارمر آيا ۽ اڄ به هام هڻن پيا، جيڪي دنيا وارن لاءِ امن سلامتيءَ ۽ انسانن جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ وڏا وڏا منصوبا رٿين ۽ پيش ڪن پيا، پر سچ ٻڌايو ته ڇا اهي ماڻهو تر جيتري به دنيا کي امن اطمينان قلبي سڪون، سک ۽ ايمانداريءَ جي دولت ڏئي سگهيا آهن؟ ڇا سندن تجويزون ۽ تعليم سندن پنهنجي نفس کي به سڌاري ۽ اصلاح ڪري سگهيون آهن؟ جيڪڏهن جواب انڪار ۾ آهي ۽ پڪ سان ناڪار ۾ آهي ته پوءِ اسان کي هي مڃڻو پوندو ته هي عظيم انقلاب هڪ سچي سرواڻ، سرور ۽ رسول ﷺ جو ئي هو. جيڪو عظيم ترين سڏائڻ ۽ سڏجڻ جو سچو پچو حقدار آهي.
محترم دادا سنڌي جي شخصيت سنڌ واسين کان هرگز ڳجهي ناهي، سندس لکڻي ۾ رواني ۽ ميٺاج پڙهندڙ کي اوجاڳي جي احساس کان آجو رکندڙ آهي. اکرن جي جوڙجڪ، جملن جو سٽاءُ ۽ ٻوليءَ جي واهپي ۾ هو ڏات ڌڻي آهي. هن ڪتاب ۾ جيئن ته ڌارين جا رايا سهيڙيا اٿس، تنهن لاءِ اها ڳالهه ڀليءَ ڀت پڌري آهي ته انهن مان گهڻا ڪنهن نه ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ هوندا. تنهن هوندي به هن ڪتاب ۾ اهو مواد ائين پيو ڀانئجي جهڙوڪ انهن صاحبن اهي رايا اصل سنڌي ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪيا هجن. انهيءَ ڪامياب ملوڪ ۽ ملهائتي ڪاوش تي دادا ضرور کيرون لهڻيون.
داداسنڌي جي بقول ته ” مان انهن بزرگن ۽ دوستن جو نهايت ٿورائتو آهيان، جن مونکي ديني ادب ڏانهن راغب ڪيو ۽ آخرت سنوارڻ جي ترغيب ڏني. مان هن وقت تائينءَ جيڪي به لکيو آهي ان ۾ بنيادي نقطو صحتمند ادب جو ديني نظريو رهيو آهي. مون تي بنيادي طرح عالمن جو اثر رهيو آهي.“ ههڙي عظيم ۽ انمول ڪتاب جوڙڻ تي مونکي دادا جي من مندر ۾ لڪل اڻپوري آس جي تڪميل ۾ منزل ۽ ماڳ ڏانهن ڪامياب اڏام جا پڌرا اهڃاڻ پيا پسجن. رب ڪريم جي درٻار ۾ نماڻو عرض ۽ التجا اٿم ته پنهنجي حبيب مٺِي مرسل ڪريم ﷺ جي صدقي اسان اٻوجهن جو هي ننڍڙيون ڪوششون اگهائي، ٻئي جهان سڦلا ۽ سڪارتا ڪري. ( آمين)


انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
پهرين آگسٽ 1993ع
ٿرمل پاور اسٽيشن گڊو