بهترين مصلح: مسٽر وائل
حضرت محمد ﷺ وطن جا سڄڻ هئا. اها سندن ذات مبارڪ جي خاص خوبي آهي جو اهي عرب جيڪي هن ڪنڊ کان هن ڪنڊ تائين ٽڙيل پکڙيل ۽ ڇرو ڇڻ ٿيل هئا، تن کي متحد ۽ منظم ڪري، کين اهڙي مذهب سان ڳنڍي ڇڏيو، جنهن ۾ صرف الله تعالى جي عبادت ۽ ابدي نجات جي تعليم هئي.پاڻ عربن کي بت پرستي جي لعنت کان پاڪ ڪري، کين غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياريو. وهم پرستي، قتل ۽ ڦرلٽ جن ماڻهن جي روزاني ڪرت هئي، انهن کي ابدي ۽ مڪمل شريعت سان بهرور ڪيو. کين هڪ اهڙو قانون عطا ڪيو، جيڪو هر دور ۾ هڪجيترو ۽ هڪجهڙو نافذ ۽ رائج ٿي سگهي ٿو. غلامن سان سخت ورتاءُ ڪرڻ جي منع ڪيائون. غريبن، يتيمن ۽ بي واهن جي دستگيري ڪيائون، ۽ زڪوات ۽ مال غنيمت ۾کين حصي دار بڻايو. قرآن شريف ظلم،ڏاڍ، جبر، تشدد، تڪبر، وڏائي ۽ هٿ ڦاڙ ٿيڻ، تهمت هڻڻ، جوا، شرابخوري ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪم جيڪي انسانيت تي بدنما داغ آهن، تن جي پاڙ پٽڻ لاءِ سختي سان تاڪيد ڪئي. قرآن ڪريم الله تي ايمان آڻڻ ۽ ان جي ڏنل حڪمن تي هلڻ جي هدايت ڪري ٿو. حضور اڪرم ﷺ پنهنجن پوئلڳن لاءِ پنهنجي ذات هڪ مثال چڏي آهي. صنف نازڪ جي سلسلي ۾ ڪن ڪمزورين هوندي به سندن عصمت جو دامن بلڪل صاف ۽ بي داغ هو ۽ سندن گهر، پوشاڪ، کاڌ خوراڪ مان صاف سادگي ظاهر هئي. پاڻ ايڏا ته ملنسار هئا جو پنهنجن ساٿين سان گڏ هوندي به اهڙو نمونو اختيار نه ڪندا هئا جو پنهنجن ساٿين سان گڏ هوندي به اهڙو نمو نو اختيار نه ڪندا هئا جو حڪم ڏيندا هئا. جيڪو ڪم پاڻ ڪري سگهندا هئا اهو پنهنجي نوڪر کان ڪڏهن به نه ڪرايائون . ڪيترائي دفعا ڏٺو ويو ته پاڻ بازار مان سودو وٺن پيا. پنهنجن ڪپڙن کي پاڻ چتيون ڳنڍين پيا ۽ ٻڪري پنهنجن هٿن سان ڏُهن پيا. سندن گهر جو دروازو هر ڪنهن لاءِ ۽ هر وقت کليل رهيو. هر ڪو سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ جي پاڻ سڳورن سان ملي سگهندو هو . پاڻ بيمارن کان پڇڻ ويندا هئا ۽ هر هڪ سان نرمائي واري هلت هلندا هئا. جيڪڏهن ڪو سياسي سبب نه هوندو هو ته پاڻ ڪڏهن به مصلحت کان منهن نه موڙيائون . سندن فياضي ۽ سخاوت جي حد ڪانه هئي. پاڻ سدائين امت جي ڀلائي ۽ آسودگي لاءِ ڪوشان رهيا. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وٽن سوکڙيون اچڻ لڳيون ۽ غنيمت جو مال به گهڻو ايندو هو، پر پنهنجي پويان تمام ٿوري رقم ڇڏيائون ۽ اها به پنهنجي پياري نياڻي حضرت فاطمه رضه لاءِ نه پر بيت المال جي ملڪيت قرار ڏني ويئي.