مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

پاڻ سڳورن جي سچائي جا دليل: جان ڊيون پورٽ

پاڻ سڳورن جي سچائي جا دليل: جان ڊيون پورٽ

ڪن ليکڪن، تعصب ۽ حسد وچان توحيد پرستي جي محافظ جي نيڪ نامي تي جيڪو چٽو لاٿو آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته، خود انهن ۾ شرافت، انسانيت، علم ۽ تحقيق جو جذبو موجود نه آهي، پر انهن انصاف پسندي کان به ڪم نه ورتو آهي . محمد ﷺ جي سچائي جو کليل ثبوت هي آهي ته سڀ کان اول جن ماڻهن پاڻ سڳورن تي ايمان آندو، اهي سندن پيارا دوست ۽ ويجها مٽ مائٽ هئا، جيڪي پاڻ سڳورن جي عادتن ۽ اٿڻي وهڻي کان چڱي ريت واقف هئا ۽ باوجود ڪوشش جي به انهن پاڻ سڳورن ۾ اهڙي ڪوتائي نه ڏٺي جيڪا کين نعوذ بالله ڪوڙي ۽ ٺڳ ماڻهو ۾ نظر اچي. مان مڃان ٿو ته اهڙي ماڻهو ۾ اهو شڪ ڪرڻ، جنهن ماڻهن کي توحيد جي تعليم ڏيئي حق جي راهه ڏيکاري، جيڪو صدين کان بت پرستي جي ڪني عادت ۾ مبتلا رهيو هجي. جنهن ٻارڙين جي قتل واري رسم کي ختم ڪيو هجي. شرابخوري ۽ جوئاخوري کان دنيا کي ڇوٽڪارو ڏياريو هجي ۽ جنهن شادي جا پاڪ صاف، سماجي قاعدا ۽ ضابطا بنايا هجن. ڇا اهڙي ذات جيڪا ان سڌاري لاءِ خود نمونو رهي هجي. اها مڪار ۽ ڌوڪي باز ٿي سگهي ٿي ته ڪڏهن به نه . محمد ﷺ ۾ سواءِ سچائي ۽ حقانيت جي تعليم جي جذبي جي ٻيو ڪجهه به نه هو.
حضور اڪرم ﷺ جي سچائي جو سڀ کان وڏو دليل هي آهي ته سڀ کان پهرين مٿن انهن ماڻهن ايمان آندو، جيڪا سندس گهرا دوست هئا ۽ اها نيڪ سيرت عورت جيڪا سندس خانگي زندگي ۾ سڀ کان ويجهي هئي. واقفڪار ۽ رازدارڻ هئي، ان کين سڀ کان اول سچو رسول مڃيو، جيڪڏهن سندن زندگي ۾ زري برابر به ڪوتاهي هجي ها ته جيڪي کين ايترا ويجها هئا، اهي ضرور ڄاڻ رکندڙ هجن ها، ۽ ڪڏهن به کين بني ڪري نه مڃين ها. اهڙن ماڻهن جي اسلام قبول ڪر ڻ مان اهو ثبوت ملي ٿو ته اندر ۽ ٻاهر سندن زندگي ۾ ڏيکاءُ نه هو، پر سموري زندگي کي آئيني وانگر صاف ۽ روشن هئي.
جيڪڏهن اسان ان تي ٿورو ويچار ڪريون ته محمد ﷺ کان اڳ عرب ڇا هئا ۽ پوءِ ڇا ٿي ويا ۽ ان حقيقت کي به سامهون رکون ته جيڪو جوش، جذبو ۽ ولولو سندن تعليم پئدا ڪيو. اهو ڪروڙها دلين ۾ اڄ به موجود آهي، پوءِ اهڙي عظيم انسان جي تعريف نه ڪرڻ ظلم نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟
هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سڀني فاتحن ۽ قانوندانن ۾ اهڙو هڪ به نه آهي جنهن جي سنواح حيات حضرت محمد ﷺ جي سوانح عمري کان وڌيڪ سچي، مفصل ۽ معتبر هجي. بيشڪ پاڻ هڪ عظيم مصلح ۽ قانون ساز هئا. کين ايشيا جو سڀ کان عظي م انسان ۽ دنيا جو عظيم ترين فرد سمجهڻ گهرجي. حضرت محمد ﷺ جو دين جنهن جي ذريعي اڳواڻي رسم، انساني قرباني جي عيوض نماز، روزا ۽ خيرات جو حڪم جاري ٿيو ۽ دائمي دشمنين ۽ جهيڙن، جڳهڙن جي بدران فياضي ۽ حسن معاشرت جو روح انسان ۾ ڦوڪجي ويو. اهو اوڀر دنيا ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو ثابت ٿيو.
مسٽر ڊيلز
” حضرت محمد ﷺ حاذق حڪيم، اعلى قانوندان ۽ عظيم الشان جنرل هو، جنهن ٿوري وقت ۾ دنيا جي تاريخ کي بدلائي ڇڏيو.