مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

محمد ﷺ جي شخصيت: سر وليم ميور

محمد ﷺ جي شخصيت: سر وليم ميور

پيغمبر اسلام جي جواني واري اٿڻي ويهڻي ۽ هلت چلت، پاڪ صاف هئي. پاڻ فطرتاً پاڪيزه دل، لطيف ذوق، صادق، اڪيلائي پسند ۽ فڪر ڪندڙ طبيعت جا مالڪ هئا. ان ڪر ئي سدائين پنهنجن خيالن ۾ محو رهندا هئا ۽ واندڪائي جي گهڙين ۾ جڏهن ٻيا ماڻهو واهيات ڳالهين ۽ عيش عشرت ۾ خرچ ڪندا هئا. پاڻ فڪر ۽ ويچار ۾ گذاريندا هئا. هن ايڪانيت پسند ۽ باحيا نوجوان جي شريفانه چال چلت ۽ نيڪ اطوار شهرين کي سندس مريد بنائي ڇڏيو ۽ سڀني کين الامين يا ديانتدار جو لقب ڏنو. هن شهر ۾ جتي وک وک تي شرابخانه کليل هئا ۽ گهٽي گهٽي ۾ مئي جا پيالا کڙڪندا هئا. ۽ جوئا جون محفلون هر جڳهه تي متل رهنديون هيون، پر پاڻ انهن ڏانهن هڪ اک کڻي به نه ڏٺو.
پاڻ انصاف پسند، رحمدل ۽ اخلاق جا سڌارڪ هئا. سندن تحمل، صبر، استقلال، انساني اخلاق جو هڪ حيرت انگيز ڪارنامو آهي. اسان کي سواءِ ڪنهن حجت ۽ دليل جي مڃڻو پوندو ته حضور ﷺ جن جي تعليم هر قسم جي وهم پرستي کي ختم ڪري ڇڏيو. جيڪا پراڻي زماني کان عربن ۾ گهر ڪري چڪي هئي. پر پاڻ سڳورن ﷺ توحيد ۽ خدا جي لامحدود رحمت جو تصور پنهنجن پوئلڳن ۾ پئدا ڪيو. سندن تعليم ۾ سڀني خاصيتون موجود آهن. برادرانه محبت هن جي تعليم جو بنياد آهي. يتيمن جي حفاظت ڪئي ويئي آهي. غلامن سان سٺي سلوڪ جو حڪم آهي . سڀ کان وڌيڪ نشي کان منع ڪئي ويئي آهي.
هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ۽ حضور ﷺ جي صداقت جي گواهه آهي ته جن ماڻهن سڀ کان پهرين پاڻ سڳورن تي ايمان آندو، اهي سڀئي سچار هئا. اهي سندن همراز دوست ۽ سندن خاندان مان هئا . جيڪي سندن نجي زندگي مان واقف هئا. مان مڃان ٿو ته سندن مذهب اسلام ۾ پرهيزگاري ۽ خداترسي ايڏي وڏي درجي تي پهتل آهي. جيڪا ٻئي مذهب ۾ قطعاً ناهي ۽ مان هي به مڃان ٿو ته انساني اخلاق جي ترقي جو راز، صرف اسلام ۾ ئي آهي.
رسول اڪرم ﷺ جن جو عرب جي مختلف قبيلن جي وفدن سان حسن اخلاق سان پيش اچڻ، انهن جي تڪليفن طرف ترت توجه ڏيڻ، انهن جي جهڳڙن کي تمام گهڻي حڪمت سان نباهڻ ۽ ستت ئي اسلام قبول ڪرڻ عيوض ملڪ انهن جي حوالي ڪرڻ انهن سڀني ڳالهين سندن نالي مبارڪ کي هر دلعزيز نڀايو ۽ سندن هاڪ ساري عرب اپٻيٽ ۾ پکڙجي ويئي ته پاڻ وڏا سخي حاڪم آهن.
هجرت کان تيرهن سال اڳي مڪي جون حالتون تمام خراب هيون. پر انهن ٽن سالن ۾ ڪيڏو نه بهترين نتيجو نڪتو جو سوين ماڻهن بت پرستي ڇڏي، هڪ الله جي عبادت شروع ڪئي ۽ پنهنجن عقيدن مطابق الله جي حڪم جا فرمانبردار بڻجي ويا. اهي پنهنجي قادر مطلق کان هر وقت دعا گهرندا هئا. ان جي رحمت جا طالبو هئا ۽ نيڪ عمل هر وقت دعا گهرندا هئا ۽نيڪ عمل ڪرڻ،خيرات ڏيڻ پاڪدامن رهڻ ۽ انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهي رات ڏينهن انهي وحده لاشريڪ له جي راضپي لاءِ ڪوشان هوندا هئا. سندن عقيدو هو ته اهوئي رازق آهي . حاجيت روا آهي ۽ اسانجو ڪوبه عمل پوءِ اهو لڪل هجي يا ظاهر، ان کان ڳجهو نه آهي. حضور اڪرم ﷺ جنهن انهن ۾ روح ڦوڪيو، شعور ڏنو . تنهن کي پنهنجي نئين زندگي جو روح روان سمجهندا هئا ۽ سندن ايڏي عزت ڪندا هئا. جنهن لاءِ هو لائق به هئا. ان ٿورڙي مدت ۾ مڪو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ قوم ۽ قبيلو هوندي به هو هڪ ٻئي جي مارڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. مسلمانن سڀني تڪليفن ۽ ڏکن کي سَٺو ڇو ته سندن ان ۾ ئي ڀلائي هئي. سندن ايڏي همت ۽ بردباري کي ساراهڻ لازمي آهي . هڪ سو مرد ۽ عورتون پنهنجو گهر ٻار ڇڏيو. پر ايمان کي هٿان نه وڃڻ ڏنو. جڏهن پاڻي سر کان مٿي چڙهي ويو. تڏهن حبش ڏانهن هجرت ڪري ويا. ان کان پوءِ ان کان وڌ تعداد ۾ حضور ﷺ سان گڏ پنهنجي پياري شهر ۽ ڪعبي کي ڇڏي، جيڪو انهن جي نظر ۾ ساري زمين ۾ سڀ کان وڌيڪ مقدس هو، مديني ڏانهن هجرت ڪئي ۽ هت به ان سحر انه تاثير ٻن سالن ۾ اهڙن جان نثار مسلمانن جي جماعت تيار ڪئي، جيڪا حضورﷺ جي اک جي اشاري جي هر وقت منتظر رهندي هئي.
مان سوچيان ٿو ته تڪليفون سهڻ ۽ دنوي لالچن کي ٺڪرائڻ ۾ ٻئي مسيح عه ۽ حضرت محمد ﷺ هڪجهڙا آهن، پر پاڻ سڳورن جي تيرهن سالن جي وعظ ۽ حضرت مسيح جي ساري حياتي جي تقرير هڪ اهڙو انقلاب آندو، جيڪو ظاهري طرح ماڻهن جي نظر ۾ تمام وڏو ڪم آهي. مسيح جا پوئلڳ پيرن جو آواز ٻڌي ڀڃي ويا ۽ اسان جي نبي جي تعليم، انهن پنجن سون ماڻهن ( جن سندس ديدار ڪيو ) جي زندگي تي ڪوبه اثر نه ڇڏيو. انهن مان ڪنهن به پنهنجي رضا خوشي سان گهر نه ڇڏيو ۽ نه وري سوين مسلمانن وانگر هڪ آزاد ٿي وطن ڇڏيو ۽ نه وري اهڙو جوشيلو ارادو انهن ڪيو هجي جهڙو هڪ غريب شهر يثرب جي چند نون مسلمانن پنهنجي نبي جي جان بچائڻ لاءِ ڪيو هجي.
حضرت محمد ﷺ جي سيرت، سوانح ۽ ابتدائي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ قرآن شريف ۾ بنيادي ڳالهيون موجود آهن ۽ محمد ﷺ جي زندگي چون، تحقيق طلب ڳالهيون قرآن شريف مان ئي معلوم ٿين ٿيون. سچي ڳالهه هي آهي ته ان ۾ محمد ﷺ جا مذهبي خيال سندن سماجي ڪردار ۽ انهن جي نجي زندگي بابت سارو مواد قرآن مان ئي ملي وڃي ٿو. حقيقت هي آهي ته محمد ﷺ جي سيرت ۽ ان جي اندروني ڪردار معلوم ڪرڻ لاءِ قرآن هڪ اهڙو چٽو آئينو آهي، جنهن ۾ اسان کي سڀ ڪجهه صاف نظر اچي ٿو . ان ڪري اسلام جي شروعاتي دور ۾ هي چوڻي عام هئي ته محمد ﷺ جي سيرت، قرآن شريف ۾ محفوظ آهي.“