مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

ابدي تعليم: لين پول

ابدي تعليم: لين پول

اهو غير معمولي انسان جنهن سالن جا سال دليرن ۽ سورهين وانگر پنهنجي قوم جي مخالفت جو مقابلو ڪيو، پر ڪنهن جي به دل به ڏکوئي، سندن گڻ ايڏي ته اعلى پائي جا آهن جو ڪو ماڻهو انهن جو ڪاٿو ڪرڻ چاهي ته به مشڪل ڪري سگهندو . کين پنهنجي قوم ڌڪاريو به گهڻو، پاڻ انهن سان مقابلو به ڪيو، پر انهن کيس اکين تي به رکيو ۽ سندن پيغام کي هينئن سان هنڊايو . سندن عظيم خلق ڪنهن کان لڪل ڪين آهي. هو ٻارن سان پيار ڪندا هئا. پنهنجي مشڪندڙ چهري سان ٻارڙن جي مٿي تي هٿ گهمائيندا هئا، وڏي عمر وارن سان پيار ۽ نرمي سان ڳالهه ٻولهه ڪري کين خوش ڪندا هئا. اعلى پائي جي سخاوت ۽ مرداڻو تاب اسان کي مجبور ڪري ٿو ته اسان سندس تعريف ڪريون.
هي چوڻ ته محمد ﷺ حوس پرست هئا غلط ۽ بي بنياد الزام آهي. سندن روزاني زندگي سمجهڻ وارو ٿڌو سندن معمولي خوراڪ، گهٽ کان گهٽ درجي وارو ڪم پنهنجن هٿن سان ڪرڻ مان ظاهر آهي ته اهڙو ماڻهو نفساني خواهشيات کان مٿانهون آهي سندس گهڻيون شاديون انهن بيواهن عورتن سان ٿيون، جن جا مڙس جنگ جي ميدان ۾ اسلام لاءِ جان قربان ڪندي مارجي ويا. اهي محمد ﷺ جي ڪشادهه دلي سان پنهنجي حفاظت ۽ پناهه جو حق رکندڙ هيون. ٻيون شاديون مصلحت خاطر به ڪيون ويون. سڀ کان وڏي ثابتي ان جي پهرئين گهرواري خديجه رضه سان وفاداري آهي. جنهن ۾ منڍ کان پڇاڙي تائين فرق نه آيو ۽ نالي ماتر به ڪروڌ نه ٿيو. خديجه رضه کان پوءِ جيتوڻيڪ پاڻ گهڻيون شاديون ڪيائون. پر ان کي ڪڏهن به نه وساري نه سگهيا ۽ آخر تائين ياد رکيو. هي محبت ڀري ياد هڪ شريف ماڻهو ۾ ٿي سگهي ٿي نه حوس پرست ۾ .
حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ڪي طبقا شڪ شبهي جو اظهار ڪن ٿا ۽ ڪندا پيا اچن. اهڙن ماڻهن جي اڳيان هي مسئلو آهي ته هر زماني ۾ بدلجندڙ حالتن ۽ تقاضائن مطابق حضرت محمد ﷺ جي تعليم ڪهڙي طرح آخري مڪمل ابدي ۽ اڻ مٽ آهي. هي سوال عام طرح اسلام جي سچائي جي باري ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. هڪ عام تاثر هي به ڏنو وڃي ٿو ته اسلام جي تعليم بي حد سخت ۽ ڏکي آهي . اسلام جي تعليم ۾ صبر جو عنصر وڌيڪ آهي. هونءَ ته اهي معترض اسلام کي هڪ بي لچڪ مذهب سڏي، هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اسلام ۽ محمد ﷺ جي تعليم هميشه لاءِ نه آهي . پر اهو اسلام ئي آهي جيڪو پنهنجي معاشري جي هر فرد کي وقار، آزادي، احترام ۽ عزت جو درجو ڏي ٿو ۽ هي عمل آهي جنهن جو مثال ٻين مذهبن جو معاشرو پيش ڪرڻ کان قاصر آهي.