حضرت محمد ﷺ جن جون شاديون : پنڊت سندر لال
محمد ﷺ جي، پهرئين شادي 25 سال جي عمر ۾ ٿي. انهن 25 سالن ۾، عرب ۽ خاص ڪري مڪي جي بدترين ماحول ۾، سندن رهڻي ڪهڻي بي داغ هئي. جڏهن ته، ان وهيءَ ۾، نوجوان عيش و عشرت ۽ بي راهه روي ۾ وقت وڃائيندا هئا، پر پاڻ سڳورن، ماٿرين ۽ ٽڪرين ۾ اڪيلا، ٻڪريون چاريندا هئا ۽ سوچ ۾ وقت گذاريندا هئا. ان جي دور جي شريفانه زندگي تي، ڪوبه آڱر کڻي نٿو سگهي. 25 سالن کان 50 سالن تائين، پنهنجي وفادار گهرواري حضرت خديجه رضه سان، جيڪا کانئن 15 سال وڏي هئي، پاڻ سڳورن نهايت سٺي زندگي گذاري. ان زماني ۾ هڪ ماڻهو وٽ گهڻين زالين جو رواج، عرب،يورپ ۽ گهڻو ڪري سڀني ملڪن ۾ ايترو ته عام هو، جو حضرت محمد ﷺ کانسواءِ، مڪي جي وڏن ماڻهن ۾ ڪو اهڙو گهر ڪونه هو، جنهن ۾ هڪ زال هجي، سندن پهرئين گهرواري بابت مورخ لکي ٿو ته ” 25 سالن تائين، حضرت محمد ﷺ پنهنجي وڏي گهرواري سان نهايت وفادار رهيا. جڏهن هوءَ 65 سالن جي ٿي، تڏهن به ان سان، اهو ساڳيو برتاءُ برقرار رکيائون، جهڙو شادي ڪرڻ وقت هو. انهن 25 سالن ۾ محمد ﷺ جي نيڪ رهڻي ڪهڻي خلاف ڪابه ڳالهه ڪا نه نڪتي. ان وقت جي زندگي کي، جيڪڏهن خوردبيني سان به ڏسجي ته بنهه ننڍو چٽڪو به نظر نه ايندو“.
حضرت بيبي خديجه رضه جي وفات کان پوءِ، پاڻ آخري 13 سالن ۾ نو (9) شاديون ڪيائون. انهن شادين بابت ساڳيو مورخ لکي ٿو ته ” انهن مان ڪجهه شاديون، هن خيال سان ڪيون ويون ته ڪن عورتن جا مڙس اسلامي جنگين ۾ مارجي ويا هئا، ۽ انهن کي ڪو سنڀالڻ وارو ڪونه هو. محمد ﷺ انهن مردن کي ديني جوش ڏياري، جنگ ۾ موڪليو هو. انهن رنڙ عورتن جو حق هو، ته کين حضور ﷺ جو سهارو ملڻ کپي، ۽ جيئن ته محمد ﷺ رحمدل ته ائين به هئا، باقي ٻين شادين جو مقصد صرف، راڄ ڪاڄ جو هو، يعني هڪ ٻئي جي دلين مان نفرت ڪڍي، سردارن کي پيار ۽ محبت جي ڌاڳي ۾ ٻڌڻ هو. هي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته، انهن ڏينهن ۾ ڪابه عزت واري عورت، سواءِ شادي ڪرڻ جي ٻئي جي گهر ۾ رهي نه ٿي سگهي. هڪ ٻيو مورخ لکي ٿو ته ” اٿڻي ويهڻي جي خيال سان محمد ﷺ معزز حيثيت رکندڙ هئا. سندن فڪر ايڏو ته بلند هو، جو هي ٿي به نٿو سگهي ته، پاڻ ان کي ائين مٽي ۽ دز ۾ روليندا رهن. پاڻ سمجهندا هئا ته، پنهنجي اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ شادي اثرائتو ذريعو آهي. سئو ڀيري وانگر شادي به هر پاسي پنهنجون ٽنگون ڊگهيون ڪري ڇڏي ٿي ۽ اهڙا ناتا ۽ رشتا پئدا ڪري ڇڏي ٿي جيڪي ڪڏهن نه ڀڄي سگهن. تقريباً اسان جي ڄمار ۾، يورپ ۾ به اهو ئي اصول رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جنهن پاڻ سڳورن کي گهڻين شادين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. حضور ﷺ جي ايڏي وڏي مشن جو اهو هڪ ضروري حصو هو.“
حضرت محمد ﷺ جي نون شادين جو مختصر ذڪر هن طرح آهي.
حضرت خديجه رضه جي وفات کان پوءِ، ٻي شادي پنهنجي پياري دوست، حضرت ابوبڪر رضه جي نياڻي بي بي عائشه رضه سان ٿي، جيڪا 11 سالن جي ڪنواري عورت هئي. حضرت ابوبڪر صديق، من، تن ۽ ڌن سان، اسلام جي خدمت ڪئي. حضرت خديجه رضه جي وفات کان پوءِ هن پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو عرب ۾ ان زماني ۾، اهڙي پيشڪش کي ٺڪرائڻ وڏي بي عزتي سمجهبي هئي. ان ڪري پاڻ اها ڳالهه قبول ڪري، حضرت ابوبڪر رضه کي احسان مند بنائڻ سان گڏ ٻنهي ڪٽنبن کي به ڳنڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ ساري ڄمار، ڪنهن ڪنواري ڇوڪري سان شادي نه ڪئي.
ٽين شادي، هڪ غريب عورت حضرت سوده رضه سان ڪيائون جيڪا سڪران جي گهر واري هئي. مڪي جي قريشن جي ظلمن کان تنگ ٿي، هو پنهنجي مڙس سان ايٿوپيا هلي ويئي، جتي سندس مڙس مري ويو. سوده، مڪي ۾ موٽي آئي، اتي ڪو به کيس سنڀالڻ ۽ پالڻ وارو ڪونه هو، ايتريقدر جو ويجها مائٽ به جواب ڏيئي بيٺا. ان ڪري، هن حضور اڪرم ﷺ کي عرض ڪيو. پاڻ ساڻن نڪاح ڪري، گهر ۾ سهارو ڏنو.
چوٿين شادي، حضرت محمد ﷺ حضرت عمر رضه سان ٿي، جنهن جو مڙس جنگ بدر ۾ شهيد ٿي ويو هو. حضرت عمر رضه، پنهنجي نياڻي ڪنهن وڏ گهراڻي ۾ پرڻائڻ پئي چاهي، ان ڪري هن اول حضرت ابوبڪر رضه ۽ پوءِ حضرت عثمان رضه کي عرض ڪيو، پر انهن جواب ڏنو. حضرت عمر رضه سخت ماڻهو هو. هن انهيءَ ۾ پنهنجي بي عزتي سمجهي ۽ شڪ هو ته انهيءَ مسئلي تي مسلمانن ۾جهيڙو نه ٿي پوي، ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺ ان کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ خاطر، حضرت حفضه رضه سان نڪاح ڪيو.
پنجين شادي، احد جي جنگ کان پوءِ، اميه جي نياڻي هند سان ٿي. اميه وڏو اثر رسوخ رکندڙ هو. احد جي جنگ ۾ سندس گهر وارو زخمي ٿي پيو، ۽ اٺن مهينن کان پوءِ مري ويو. سندس ٻار گهڻا هئا، انهن جي پالڻ جو مسئلو، کيس پريشان ڪري رهيو هو، ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺ کي نڪاح لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ ان ٺڪرائي نه سگهيا.
ڇهين شادي حضرت زينب رضه سان ٿي، جيڪا قريش جي دودان شاخ مان هئي ۽ پاڻ سڳورن جي پڦاٽ هئي. سندن والد، ابو سفيان جو مائٽ هو. مڪي کان مديني اچڻ وقت، پنهنجن گهرن کي تالا هڻي سڀ مرد، عورتون ۽ ٻار حضور ﷺ سان گڏ آيا. حضرت زينب رضه جي شادي، پاڻ سڳورن سان ڪرڻ پئي گهري، پر پاڻ جواب ڏنائون. سندن خيال آيو ته زينب رضه جي شادي حضرت زيد رضه سان ٿئي، جيڪو پهرئين سندن غلام هو ۽ پوءِ کين آزاد ڪيو ويو هو. ان نڪاح ڪرائڻ ۾، سندن ارادو هو ته اهڙي طرح خانداني غرور ۽ تڪبر ختم ٿي ويندو. شادي ٿي ويئي پر هڪ عرب سردار جي ڌيءَ جي شادي هڪ غلام سان ٿي. اهو ڪنهن نه سٺو ! آخر زيدرضه، خود اچي حضور ﷺ کي طلاق ڏيئڻ لاءِ عرض ڪيو. ان کان پوءِ هن طلاق ڏني ۽ زينب رضه پيءَ جي گهر ۾ رهڻ لڳي. سندس والد ڪيترن ماڻهن کي، زينب رضه سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو، پر ڪنهن به نه مڃيو ته، هڪ اهڙي عورت جا هڪ غلام جي گهر واري رهي چڪي هجي، ان سان شادي ڪجي. بنو دودان کي ڏک ٿيو ۽ هنن ساري بي عزتي، حضرت اڪرم ﷺ کان سمجهي . انهن حضور اڪرم ﷺ کي زينب رضه سان نڪاح وجهڻ لاءِ چيو . پاڻ قبول ڪيائون . ان وقت زينب رضه جي عمر 35 سال کان مٿي هئي.
ستين شادي هڪ بيوه جويريه سان ٿي. جويريه جو پيءُ، بنو مصطلق قبيلي جو سردار هو. مديني کان ٻه سئو ميل پري، سمنڊ جي ڪناري وٽ، حارث مارجي ويو ۽ ان ڪٽنب جا ٻه سئو ماڻهو مسلمانن گرفتار ڪيا. بنو مصطلق وارن، صلح نامو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ هي رواج هو ته کٽيل ڌر جو ڪو خاص ماڻهو هارايل ڌر جي ڪنهن عورت سان شادي ڪري. حضور اڪرم ﷺ، بنو مصطلق جي گذارش تي جويريه سان شادي ڪري ساري ڪٽنب کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو. هن شادي ڪري سندس ڪٽنب جا ٻه سئو قيدي آزاد ٿي ويا. حضرت عائشه رضه جو چوڻ آهي ته ” ڪابه عورت پنهنجي خاندان لاءِ ايتري مفيد ثابت نه ٿي جيتري جويريه رضه پنهنجن ماڻهن لاءِ.“
اٺين شادي پاڻ سڳورن ﷺ جنگ خيبر کان پوءِ يهودي خاندان جي بنو قريطه جي سردار اخطيب جي بيوهه نياڻي صفيه رضه سان ڪئي. جنهن جو مڙس خيبر جي جنگ ۾ مارجي ويو هو.
نائين شادي مڪي جي پراڻي حاڪم ۽ اسلام جي سخت ترين دشمن، قريش سردار ابوسفيان جي نياڻي امه جبيبه سان ٿي. ام حبيبه جو مڙس ايٿوپيا ۾ مئو هو. هن کي اولاد به اڳئين مڙس مان گهڻي هئي.
ڏهين ۽ آخري شادي صلح حديبيه کان پوءِ مڪي جي زيارت وقت هڪ قريشي سردار حارث جي رنڙ نياڻي، ميمونه رضه سدان ٿي. هي شادي حضور جن پنهنجي چاچي جي صلاح سان ڪئي. ان شادي مان هي فائدو ٿيو، جو وليد جي پٽ خالد رضه ۽ عاص جي پٽ عمر رضه جهڙا به سخت دشمن حضور ﷺ جا ساٿاري بڻجي ويا.
پنهنجين سڀني گهر وارين سان سندن ورتاءُ هڪجهڙو ۽ هڪجيترو رهيو. اسان اڳ به چئي آيا آهيون، ته ان زماني ۾ دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ هڪ کان وڌيڪ شادي ڪرڻ ڪو عيب نه هو ۽ محمد ﷺ جي انهن شادين جو مقصد صاف ۽ کليل هو. محمد ﷺ کي ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. ٻيئي پٽ ننڊپڻ ۾ ئي گذاري ويا. ٽن نياڻين جون شاديون پاڻ عرب جي پراڻي ڌرم جي ماڻهن ۾ ڪيون ۽ هڪ ڌيءَ فاطمه رضه جي شادي حضرت علي رضه سان ڪئي.
وڏي نياڻي زينب جي شادي حضرت ابو العاص سان ٿي. جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو. ٻي نياڻي حضرت رقيه جي شادي، ابو لهب جي پٽ عقبه سان ٿي. ٽين نياڻي حضرت ام ڪلثوم رضه جي شادي ابولهب جي ٻئي پٽ عقبه سان ٿي، پر اعلان نبوت کان پوءِ ٻنهي پٽن پيءَ جي حڪم تي طلاق ڏيئي ڇڏي. حضرت رقيه جي ٻي شادي حضرت عثمان رضه سان ٿي، اها 2 هجري ۾ گذاري ويئي ته پوءِ ام ڪلثوم جي 3 هجري ۾ شادي کي حضرت عثمان رضه سان ٿي. ان ڪري کيس ” ذو النورين “ چيو وڃي ٿو.