مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

اسلامي ڪلمي جو روح: مالڪ رام

الله تعالى جي نبي کان سواءِ ٻيو ڪير قول ۽ عمل ۾ سچو ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن، انهن ڪنهن موقعي تي انساني سوچ کان مٿي ڳالهايو، يا ڪو ڪم ڪيو، ته ظاهربين ماڻهن، اهو ته، نه ڏٺو ته انهن جو هر ڪم، الله تعالى جي حڪم سان ٿئي ٿو، پر انهن، پنهنجي ننڍي کوپري کان ڪم وٺندي، اهو سوچيو ته هي ڪو معمولي انسان نه آهي، پر بشري شڪل ۾، الله تعالى پاڻ زمين تي آيو آهي. پوءِ ڪن کيس الله تعالى جو پٽ سڏيو، ته ڪن کين الله جي ڌيءَ بڻايو. اها ئي قومون، هن خيال جي ڪري گمراهه ٿيو ويون. انهن ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾، پنهنجن نبين کي اصلي حيثيت کان وڌيڪ، اهميت ڏيئي ڇڏي، ۽ انهن کي خدا جي هر صفت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هندستان جا اوتار ۽ ديوتا به، انهيءَ روپ ۾ پيش ڪيا ويا. عيسائين ته، حضرت عيسى عه کي الله جو پٽ، پر اهو به اڪيلو ۽ سڪيلڌو قرار ڏيئي ڇڏيو. مطلب ته، اها ساڳي غلطي ايترا دفعا ورجائي ويئي، جو ان جي پاڙ پٽڻ ڏکي ٿي پيئي. ان ڪري انکي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ کي، اسلام پنهنجي ڪلمي ۾ واضح ڪيو. مخالف چون ٿا ته، خود اسلامي ڪلمي ۾، شرڪ آهي. گنگا پرشاد اوپاڌيا، مصابيح الاسلام جي صفحي نمبر 277 تي لکي ٿو ته، جڏهن حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ هئا، ته ان جي عزت ڪرڻ اسان جو فرض هو. پر اڄ مسلمانن، پنهنجي ڪلمي ۾، محمد ﷺ کي به، شامل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن اسان چئون ٿا، ته الله کان سواءِ ڪو ٻيو معبود ناهي، الله حاضر ۽ ناظر آهي. اهو اسانجي ڳالهه ٻڌي ٿو، پر، جڏهن اسان چئون ٿا ته، محمد ﷺ اسان جا رسول آهن ۽ هن جملي کي، الله جي ڪلمي سان ڳنڍين ٿا. ظاهر ٿيو ته، حضرت محمد ﷺ به اسان جي ڳالهه ٻڌن ٿا، ته الله تعالى جي تصور سان، محمد صاحب جو، تصور به ان وقت اسان جي دل ۾ اچي وڃي ٿو، ته پوءِ توحيد ڪٿي رهي.“
هي اعتراض گهڻن ئي ماڻهن ڪيو آهي. معنى ۽ مطلب ساڳيو ئي آهي. لفظ کڻي ٻيا هجن . سندن چوڻ آهي ته، ڪلمي ۾ رسول جي شموليت، توحيد جي خلاف آهي ۽ هڪ قسم جو شرڪ آهي. پر ڏٺو ويو آهي ته هن اعتراض جو بنياد ئي غلط آهي ۽ سمجهه جي کوٽ جو نتيجو آهي. ڪلمو الله يا رسول جي ٻڌائڻ لاءِ ته، پڙهيو ئي ڪونه ٿو وڃي، پر هي پنهنجي ايمان جو اعلان آهي . ڪلمو جماعتي تعلق کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ڪو به ماڻهو، لا الله الا الله محمد رسول الله ﷺ چوي ٿو ته، هو هن ڳالهه جو اعلان ڪري ٿو ته، مان اڄ کان پوءِ، ڪنهن ٻئي معبود جي عبادت نه ڪندس . ايتريقدر جو، محمد ﷺ جي عبادت نه، ڇو ته هو فقط ان جا رسول آهن نه معبود آهن. هي ته عين، توحيد تي ايمان ۽ ايقان جو اعلان آهي، جنهن ۾ شرڪ ڪٿان آيو؟ ۽ ان جي ضرورت ان ڪري پيش آئي، جيئن اڳ ٻڌايو ويو آهي ته، ماضي ۾ ڪيترين ئي امتن، پنهنجن نبين کي معبود بڻايو. حالانڪ انهن نبين، اهو ٻڌايو هو، ته ” عبادت جي لائق، صرف الله تعالى آهي، ۽ اسان به اوهان وانگر انسان آهيون، اوهان وانگر ئي ماءُ پيءَ مان پئدا ٿيا سون. اوهان وانگر کائون پيئون ٿا. گهٽين ۽ رستن ۾ گهمون ڦرون ٿا، ۽ ڌنڌو ڪريون ٿا. فرق صرف هي آهي ته، اسان کي الله تعالى پنهنجي وحي سان نوازيو آهي، ورنه اسان به، اوهان وانگر ئي بشر آهيون. انما انا بشر مثلڪم يوحي. الى انما الهڪم الله واحد ( س 18، آيت 110).
مطلب ته، اسلامي ڪلمي جو مقصد هي هو ۽ آهي ته، ڪٿي مسلمان به اڳين قومن وانگر، پنهنجي نبي ﷺ کي معبود نه بڻائين، معاذ الله! هي ڄڻڪ، خالص توحيد جو اعلان آهي. ان جي پڙهڻ وارو انجام ڪري ٿو ته اڄ کان پوءِ مان ڪنهن غيرالله جي عبادت نه ڪندس. هو کلم کلا اعلان ڪري ٿو ته، مان شاهدي ٿو ڏيان ته ” دنيا جي وڏي ۾ وڏي هستي به، عبادت جي لائق نه آهي، ۽ محمد الله جا رسول آهن.“