رحمت جو ڪڪر: پنڊت گوپال ڪرشن بي اي
ايڊيٽر ڀارت سماچار
حضرت محمد ﷺ جي حياتي اسان جڏهن نگاهه وجهون ٿا ته پتو پوي ٿوته سندن هن دنيا ۾ اچڻ جو ڪارڻ، دنيا کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ هو. منجهن اها قوت، طاقت ۽ ڏات هئي، جيڪا هڪ عظيم مصلح ۾ هئڻ گهرجي. پاڻ سڳورن عرب جي انهن بدن کي ڪامل انسان بنائي ڇڏيو، جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ جا هيراڪ هئا. پاڻ انهن ۾ ٻاجهه رحم، ڪهل ۽ بردباري جا گڻ پئدا ڪيا. منجهن عجز ۽ انڪساري جون وصفون پئدا ڪيون. اهي ماڻهو جيڪي جاهل ۽ وحشي هئا، تن کي ٿورن ئي ڏينهن ۾ بادشاهه ۽ حڪمران بنائي ڇڏيو. اهي شخص جيڪي پنهنجي ڀائرن جي رت وهائڻ ۾، خوشي محسوس ڪندا هئا، تن کي محمد ﷺ جي سکيا، اهڙو ته رحمدل بنائي ڇڏيو، جو اهي امن ۽ سڪون جا محافظ بڻجي پيا.
حضرت محمد ﷺ مهربان به هئا، ته سخت به، جيڪڏهن ڪنهن مسڪين ۽ پريشان يتيم کي ڏسندا هئا ته کين مٿن رحم اچي ويندو هو.پر ظالم ۽ امن جي دشمن جي مقابلي ۾ پاڻ سختي کان ڪم وٺندا هئا. ان وقت ڪنهن به ڪٺور دل تي ڪهل نه ڪندا هئا. الله تعالى سندن دل مبارڪ کي پاڪيزه بنايو هو. پاڻ نهايت رحمدل هئا. پر انصاف جو دامن هٿان نه ڇڏيندا هئا.
حضرت محمد ﷺ عرب جا عظيم فاتح هئا. پر مفتوح قوم لاءِ رحم ۽ ڪرم جا ڪڪر هئا. جن ماڻهن کين ۽ سندن دوستن کي آزاريو هو جي پاڻ گهرن ها ته کين ڦاهي تي ٽنگي پئي سگهيا. پر پاڻ سندن ساريون برايون معاف ڪري ڇڏيون ۽ کانئن ڪو به بدلو نه ورتو. هي هڪ اهڙو تاريخي واقعو آهي. جنهن جو مون کي مثال نٿو ملي . سندن سيرت پاڪ ۾ ڏسون ٿا ته حضور سائين امن جي دشمن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ۽ ذاتي دشمن کان بدلو اصل نه ورتائون، پر بدلي وٺڻ کي مورڳو ناجائز قرار ڏنائون. ڇو ته اهو انساني فطرت جي خلاف آهي. پاڻ سڳورا پنهنجي ذات ۾ سراپا رحمت هئا ۽ معاف ڪرڻ سندن عادت مبارڪ هئي. سندن رحمدلي ۽ ٻاجهاري طبع جي اها حد هئي ته ڪوبه کين اڻوڻندڙ لفظ چوندو هو ته پاڻ کليل دل سان اهو سهي ويندا هئا. سندن سيرت مبارڪ ۾ اهڙو ڪوبه لفظ نٿو ملي جو پاڻ پنهنجي دشمن کي سخت لفظن ۾ جواب ڏنو هجي. سندن غريب پروري جو هي حال هو جو ڪو سوالي وٽن آيو ته ڪڏهن به هٿين خالي نه موٽيو. ايتريقدر جو وٽن ڪجهه به نه هوندو هو ته ان کي چوندا هئا ته ” منهنجي نالي قرض وٺ، مان پاڻهي ادا ڪري ڇڏيندس. سندن اخلاق ۽ ڪردار جي دشمن به ساراهه ڪندا هئا. ۽ کين پوتر آهستي سمجهندا هئا. سندن روزاني زندگي به مثالي هئي. پنهنجي گذران لاءِ هٿ جو پورهيو ڪندا هئا. ۽ ٻين کي سخت محنت ڪرڻ جي هدايت ڪندا هئا. پاڻ رهبانيت کي ننديندي چيائون ته ” هن دنيا ۾ رهو ان کي اپنايو“ هي به ٻڌايائون ته ” دنيا ۾ رهڻ جا اصول ڪهڙا آهن ۽ هت رهي اسان کي مان ۽ مرتبو ڪيئن ملي سگهي ٿو.
سندن اچڻ کان اڳ، عربن ۾ بت پرستي عام هئي. جيئن هندستان ۾ رواج هو. پر سندن تبليغ جي ڪري، انهن بتن کي ڇڏي، هڪ الله جي بندگي شروع ڪئي. هي به سندن تعليم جو اثر هو جو عرب جا ظالم، لٽيرا شريف ۽ ايماندار بنجي ويا. پاڻ عربن ۾ اها لياقت پئدا ڪئي جو هڪ طرف پرهيزگار ۽ نيڪ هئا ته ٻئي طرف جنرل، ڪمانڊار ۽ چيف جسٽس ٿي پيا. پاڻ عورتن جي مظلومي جو انت آندائون. عورتن کي عزت واري حيثيت ڏنائون. سندن حق مقرر ڪري، مٿن مساوات جو تاج رکيائون. سندن سيرت ۾سڀ کان نمايان ڳالهه هيءَ آهي ته پاڻ ڪڏهن به ذاتي مفادن لاءِ نه سوچيائون. جي گهر ها ته پنهنجي لاءِ لکين رپيه گڏ ڪري پئي سگهيا. وڏن شاندار محلات ٺهرائي پئي سگهيا. پرپاڻ پنهنجي گهر ۽ گهر وارن لاءِ ڪو به سرمايو ڪٺو نه ڪيو. ڇو ته پاڻ نهايت سادي زندگي گذاريندا هئا. پاڻ امير ۽ غريب کي هڪ ئي نموني جي زندگي گذارڻ جي تعليم ڏني. سندن فرمودو آهي ته ” غريب جي جسم ۾ دل آهي، جيڪا سٺي برتاءُ سان خوش ۽ بري برتاءُ سان ناخوش ٿئي ٿي.“ سندن برابري ۽ غريب نوازي واري اها تحريڪ اڄ به زندهه آهي. ڪنهن مسجد ۾ وڃو ڏسندا ته اتي اوهان کي امير ۽ فقير، شاهه وگدا، ادنى ۽ اعلى سڀ هڪ صف ۾ بيٺل نظر ايندا. هي اُهي ڳالهيون آهن، جن کي سياڻا ماڻهو پسند ڪن ٿا ۽ سندس ساراهه جا ڍڪ ڀرين ٿا.