مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

ٻڌي ۽ اتحاد جي تعليم: موتي لال ماٿر

ٻڌي ۽ اتحاد جي تعليم: موتي لال ماٿر

حضرت محمد ﷺ مسلمانن ۾ ٻه اهڙا گڻ پيدا ڪيا جن کين دنيا جو فاتح بڻايو ۽ علم و فن، تهذيب ۽ تمدن جو سڀني کين پنهنجو استاد مڃيو‏، اهي گڻ آهن : الله تعالى تي ايمان، اسلامي ڀائپي ۽ برادري.
سچي توحيد مسلمانن ۾ همت، جرئت، بي خوفي، بهادري ۽ دليري پئدا ڪئي ۽ منجهن اهو عزم ۽ حوصلو پئدا ٿيو، جو انهن جي اڳيان جيل جي اوچائي ۽ مضبوطي ختم ٿي ويئي ۽ سمنڊ جي طغياني گهٽجي ويئي. پيغمبر اسلام کين اهڙي تعليم ڏني جو سڀئي وهم ۽ سئونسا ختم ٿي ويا. هر قسم جا باطل عقيدا ويندا رهيا ۽ خدا کان سواءِ ٻيءَ هر شئي جو خوف، سندن دلين مان نڪري ويو. مخلوق ۽ انهن جي هٿ ٺوڪين خدائن ۾ اهڙي جاءِ جوڙي، جو ٻين امير امرائن ۽ شهنشاهن جي سکڻي رعب ۽ دٻدٻي کي، هن وساري ڇڏيو. جلال خدا وندي جو جلوو سندن نظر ۾ايڏو سمائجي ويو، جو دنيا جا حڪمران، سندن اڳيان ڪجهه نه هئا. پاڻ سڳورن جي به مرضي هي هئي ته، پنهنجن پوئلڳن ۾ ايڏي ايماني قوت ۽ جرئت پئدا ڪجي جو دنيا جي سڀني ڪوڙن خدائن ۽ آپي خانن جو رعب هنن کي متاثر نه ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح هن عظيم مقصد ۾ کين پوري ڪاميابي حاصل ٿئي.
ٻيو گڻ مسلمانن ۾ اتحاد ۽ ڀائپي جو جذبو پئدا ڪرڻ هو. پاڻ هر مهل ۽ هر موقعي تي مسلمانن کي ڀائپي جو درس ڏنو ۽ پنهنجي زندگي ۾ ان کي عملي جامو به پهرايو. مديني مان آيل مسلمانن کي مهاجر ۽ مديني ۾ رهندڙ مسلمانن کي انصار چئي کين ڀائپي جي رشتن ۾ ڳنڍيو ويو، ۽ پوءِ مديني جي انصارن مهاجرن کي پنهنجي ملڪيت ۾ ڀائيوار بنائي گهر، ٻار، جائيداد ۽ روڪڙ مطلب ته هر شئي جيڪا به انصاري وٽ هئي، ان مان اڌ پنهنجي مهاجر ڀاءُ کي ورهائي ڏني. هن جو مثال دنيا جي تاريخ نه ٿو ملي. اهو صرف سندن تعليم ۽ تربيت جو نتيجو هو جو سڄي جي سڄي جماعت کي ٻي به اوتري جماعت صحيح معنى ۽ مڪمل طرح ڀاءُ سمجهي، ان کي پنهنجي اڌ ملڪيت ورهائي ڏي ۽ اهو به تڏهن جڏهن ٻئي ٽولا ڌار ڌار شهرن جا رهڻ وارا ۽ اڳ نه هڪ ٻئي جا ڏٺل وائٺل ۽ نه وري منجهن اڳ، ڪا هڪجهڙائي يا هيڪڙائي هئي. هن مان ئي، پاڻ سڳورن جي موثر تعليم جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پيغمبر اسلام جا سڀ ارشاد اصولي طور، قرآني احڪام جي ماتحت آهن. اسلامي ڀائپي جو بنياد به قرآن آهي جنهن ۾ آهي ته ” انما المومنون اخوته “ ”بيشڪ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن“ ته گويا بنيادي اصول پنهنجي پيغمبر کي الله تعالى ٻڌائي ڇڏيا. جن کي سامهون رکي پاڻ سڳورن پنهنجي دوستن ۾ اسلامي برادري کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ قدم قدم تي هدايت ڪئي . پاڻ فرمايائون ته
المومن، للمومن اکالبنيان يشد بعفه بعضاً
هڪ مسلمان جو ٻئي مسلمان سان مثال ائين آهي، جيئن ڀت هوندي آهي. جنهن جي هڪ سر ٻيءَ سر سان چنبڙيل هجي . هن حديث ۾ پاڻ سڳورن پنهنجن مريدن کي ٻڌايو ته انهن کي پاڻ ۾ ائين متحد رهڻ گهرجي جيئن ڀت هوندي آهي جو ان جي هڪ سر ٻئي سر کي زور سان جهلي بيهندي آهي ۽ اهڙي طرح هڪٻئي جو سهارو بڻيل هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اوهان مسلمان ٻڌي ۾ رهندئو ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪندو، هڪٻئي کي ڏکي ويل ۾ ڪم ايندو ته ڀت وانگر مضبوط رهندو ۽ نه ته ٻي صورت ۾ سرن جو ڍير بڻجي ويندو. جنهن کي ڪابه قوت ۽ طاقت نه هوندي آهي، ۽ اهو ڍڳ يا ان جي سر کي هرڪو ٺڪرائيندو رهندو. ٻي حديث ۾ آهي ته ” من استطاع منکم، ان يفيد اخاه فليفعل “ اوهان مان جيڪو ڪنهن به ڀاءُ کي جيترو فائدو پهچائي سگهي اهو کيس پهچائڻ گهرجي. هي هڪ حڪم آهي پر ٻين ڪيتن ئي حديثن مان ملي، هي اهم حيثيت والاري وڃي ٿي. مثال : ولايومن احدکم حتى يحب لاخيه، ما يحب لنفسته . اوهان مان ڪوبه شخص ايتري تائين، مومن بڻجي نٿو سگهي جيتري تائين هو ٻئي لاءِ اهو پسند ڪري، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو. هن حديث ۾ کولي ٻڌايو ويو آهي ته مسلمانن جو ڪنهن ٻئي مسلمان سان برتاءُ ڪهڙو هجڻ گهرجي ته ٻئي مسلمان جي نفعي ۽ نقصان جو به اهڙي طرح خيال ڪري، جهڙي طرح پنهنجي لاءِ ڪري ٿو. جيڪا شيءَ پنهنجي لاءِ ڪني سمجهي ٻئي لاءِ ائين سمجهي. اهڙي طرح مسلمان جو هي فرض قرار ڏنو ويو ته هو ٻئي مسلمان کي به پنهنجي ساهه ۽ جان وانگر، پيارو رکي ۽ جهڙي محبت هن کي پنهنجي ساهه سان آهي، اهڙي محبت ٻئي مسلمان وانگر هجي. مسلمان اهو آهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان محفوظ هجن. هن حديث ۾ مسلمان کي ٻئي مسلمان سان ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي پوءِ اها ڏاڍائي هٿ سان هجي يا زبان سان. هن حديث مان ظاهر آهي ته هڪ مسلمان جو ڪنهن ٻئي مسلمان سان زيادتي ڪرڻ ڪيڏو نه وڏو گناهه آهي. يعني اهو سچو مسلمان ئي ڪونهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان سان ٻئي کي تڪليف پهچي. هڪ ٻئيءَ حديث جو ترجمو آهي ته مسلمان جي هر شئي ٻئي مسلمان لاءِ حرام آهي. ان جي رت، عزت، آبرو ۽ ان جو مال. هن حديث ۾ کولي ٻڌايو ويو آهي ته، هر مسلمان لاءِ ٻئي مسلمان جي شئي، جيڪا جان دولت ۽ عزت آبرو سان وابسته هجي، اها ٻئي مسلمان لاءِ حرام آهي. ۽ انهن شين کي مسلمان کان نقصان پهچڻ نه گهرجي. ٻيءَ حديث جو ترجمو آهي ته، ٻه خوبيون اهڙيون آهن، جن کان وڌيڪ ٻي ڪابه خوبي ناهي. هڪ الله تي ايمان آڻڻ ٻيو مسلمان کي فائدو پهچائڻ . ۽ ٻه خاميون اهڙيون آهن، جن کان وڌيڪ ٻي خامي ناهي، هڪ شرڪ يعنى خدا سان ٻئي کي شريڪ ڪرڻ ۽ ٻئي مسلمان کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته جيترو ٿي سگهي ٻئي مسلمان کي فائدي پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ۽ مسلمان کي نقصان پهچائڻ کان پاڻ بچائين.
ٻي حديث ۾ آهي ته ” المسلم اخوالمسلم لا يظلمه ولا يلمهُ من کان في حاجته اخيه کان الله في هاجته ومن فرج الله عنه کربته من کرباته يوم القيامته “ يعنى هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي، پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ان کي ڪنهن تڪليف ۾ رهڻ ڏنو وڃي. جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ جي تڪليف هٽائي ٿو، ته الله تعالى ان جي تڪليف هٽائي ٿو، ۽ جيڪو ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي تڪليف ختم ڪري ٿو، ته الله تعالى ان جي قيامت ۾ آندل تڪليفن مان هڪ تڪليف دور ڪري ٿو، ته الله تعالى ان جي قيامت ۾ آندل تڪليفن مان هڪ تڪليف دور ڪري ٿو. هن حديث ۾ چتي طرح مسلمانن کي، سندن انهن فرضن جي يادگيري ڏياري ويئي آهي. جيڪي هڪ مسلمان جا ٻئي مسلمان تي عائد ٿين ٿا. سڀ کان پهرئين ته کين هي ٻڌايو ويو آهي ته اهي پاڻ ۾ ڀائر آهن. ان ڪري ڀاءُ سان برادرانه سلوڪ ڪرڻ ضروري آهي . ان کان پوءِ کين آگاهه ڪيو ويو آهي ته هڪ مسلمان لاءِ هي جائز ڪونهي ته هو ٻئي مسلمان سان ڏاڍائي ۽ زوراوري ڪري صرف اتي ئي بس نه ڪئي ويئي آهي، پر هي به حڪم ڪيو ويو آهي ته، ان کي ڏکن سورن ۽ ايذائن ۾ رهڻ نه ڏنو وڃي. پر هڪ ڀاءُ جيئن ٻئي ڀاءُ جي تڪليف نٿو سهي سگهي ۽ ان مان ڀاءُ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ گهري. اهڙي طرح هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جي تڪليف دور ڪري، ان کان پوءِ ان ڪم جو درجو ۽ ثواب ٻڌايو ويو آهي ته جيڪو هڪ مسلمان جي تڪليف دور ڪري ٿو الله تعالى ان جي تڪليف هٽائي ٿو. اهڙي طرح ٻيون گهڻيون حديثون آهن، جن ۾ مسلمانن کي ٻڌايو ويو آهي ته اهي هڪ ٻئي سان ڀائرن جهڙو برتاءُ ڪن. هڪ ٻئي جي مدد ڪن ۽ ٻڌي ۾ رهن. پاڻ ۾ ڪڏهن به نه وڙهن ۽ جيڪڏهن اٽڪي به پون ته ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رٺل نه رهن. پر ٽن ڏيهن کان پوءِ پاڻ ۾ پرچاءُ ڪن.
هي هئي اها اتحاد جي تعليم، جنهن مٺ جيترن مسلمانن کي اها لازوال طاقت بخشي جو انهن ٿورن ڏينهن ۾ اڌ دنيا کي فتح ڪيو. سچ آهي ته اسلام کان سواءِ ٻئي مذهب اهڙي تعليم نه ڏني آهي.