مذهبي اتحاد جو پيغمبر: نان ڪريمر
حضرت محمد ﷺ جن جي اها تمنا هئي ته هڪ نئين مذهب جو بنياد وڌو وڃي ۽ پاڻ انهي ۾ ڪامياب ٿيا. پر انهي سان گڏ نئين ۽ خاص قسم جو ملڪي نظام پڻ برپا ڪيائون. پهريائين سندن صرف اها خواهش هئي ته سندن هم وطن هڪ خدا يعني الله ۾ ايمان آڻين. پر انهي سان گڏو گڏ پاڻ پنهنجي ملڪ جي پراڻي حڪومتي نظام جو پڻ خاتمو آندائون . رسول الله ﷺ جن قبيلن جي اميراڻي راڄ جي جڳهه تي ( جنهن ۾ سرڪاري ڪاروبار بااختيار خاندان پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا) هڪ خالص خدائي حڪومت کي قائم ڪيو ۽ پاڻ زمين تي خدا جي طرفان هڪ نائب جي حيثيت ۾ انهيءَ حڪومت جي قيادت فرمايائون. سندن وصال مبارڪ کان اڳ تقريباً سڄي عربستان سندن تابعداري قبول ڪئي. عربستان جو ملڪ جنهن هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن هڪ بادشاهه جي اطاعت نه ڪئي هئي. هاڻي انهي هڪدم ملڪي اتحاد ظاهر ڪيو ۽ هڪ خودمختيار حاڪم کي هر طرح راضي رکڻ لاءِ انهن بيعت ڪئي. رسول الله جن جي ڪلام ڪيترن وڏن ننڍن خواهه سون قسمن جي مختلف قبيلن کي جي مسلسل پاڻ ۾ لڙايون ڪندا رهندا هئا، هڪ قوم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ عام مهندار جي ماتحت هڪ عام مذهب جي خيال مختلف قبيلن کي هڪ اهڙي ملڪي نظام ۾ جوڙي ڇڏيو جنهن پنهنجون خاص خصوصيات حيرت انگيز تيزي سان ظاهر ڪيون. هن قسم جي نتيجي پئدا ڪرڻ جو باعث محض هڪ مکيه اصول يعني بت پرست عربستان ۾ هڪ قومي زندگي جو اصول ٿي سگهيو ٿي. اهڙي طرح پهرئين دفعي سان قبائلي سلسلو جيتوڻيڪ بلڪل ختم ٿي نه سگهيو ( جو ناممڪن هو ). تڏهن به ان پاڻ کي ”مذهبي اتحاد جي نظريي ماتحت“ ڪري ڇڏيو. هي هڪ زبردست ڪم هو، جو سرانجام ٿيو. رسول الله جي وصال بعد،عربستان جي هڪ وڏي حصي اندر اهو خدائي امن قائم ٿي ويو هو، جو ان کان اڳ عرب جي قبيلن، پنهنجي ڦرلٽ ۽ انتقام وٺڻ جي بي انتها چاهه ڪري انهيءَ قسم جو امن ڪڏهن به نه ڏٺو. اهو مذهب اسلام هو، جنهن انهن ۾ هن قسم جو امن ۽ صلح پئدا ڪيو.