مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضرت محمد ﷺ جو پيغام: ايڊيٽر لائف انٽرنيشنل نيويارڪ

حضرت محمد ﷺ جو پيغام: ايڊيٽر لائف انٽرنيشنل نيويارڪ

حضرت محمد ﷺ جي ڄمڻ وقت مڪو معظم شام ۽ هندستان جي وچ تي گرم مصالحن جي پراڻي تجارتي رستي تي هڪ خوشحال مرڪز هو. جتي بت پرست عرب شهر جي عبادتگاهن ۾ بتن جي پوڄا لاءِ ايندا هئا. هڪ مستطيل عمارت ڪعبي جي سڀ کان وڌيڪ عزت ڪئي ويندي هئي. جنهن ۾ ڪيترائي ڀت رکيل هئا ۽ ان جي هڪ ڪنڊ ۾ حجر اسود به رکيل هو.
پاڻ سڳورن مڪي جي هڪ اعلى گهراڻي جي مان واري گهر ۾ پئدا ٿيا. جواني ۾ ئي کين ان وقت جي مروج رسمن کي سمجهڻ جو موقعو مليو. ڇو ته قريش ڪعبي جا سنڀاليندڙ هئا. منڍ کان پاڻ بت پرستي کي ڌڪاريندا هئا. ان ڪري يهودين ۽ عيسائين جي ” توحيد واري نظرئي “ کي هٿي ملي. پاڻ حساس هئڻ سان گڏ سوچ ۽ فڪر ڪرڻ جي به عادت رکندا هئا. ڪيترن ئي ڏينهن تائين مڪي جي ويجهڙين ٽڪرين ۾ وڃِي رهندا هئا. هڪ رات جو وٽن مقرب فرشتو حضرت جبرائيل وٽن آيو ۽ کيس چيائين ته ” اقرا“ ان شروعاتي وحي ۾ کين قرآن شريف جي اولين آيتن کي ادا ڪيو ويو. تڏهن کين پڪ ٿي ويئي ته پاڻ الله جا رسول آهن جيڪو هڪ ۽ سچو خدا آهي . اٽڪل 23 سالن تائين مٿن وحي ايندي رهي. پاڻ سڳورن جڏهن بت جي مذمت شروع ڪئي جڏهن مڪي جا اهي تاجر جن کي بت پرست زائرين مان بي پناهه آمدني ٿيندي هئي. سي سندس دشمن بنجي پيا ۽ کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳا. آخرڪار پاڻ مڪي کي ڇڏي مديني هليا آيا، جتي پاڻ ستت ئي هڪ ڪامياب روحاني پيشوا ۽ حاڪم جي حيثيت ۾ سامهون آيا. مڪي وارن هتي به کين نه ڇڏيو، ۽ ساڻن جنگيون جوٽيون ۽ هي سلسلو ان وقت ختم ٿيو. جڏهن پاڻ مڪي ۾ فاتحانه انداز ۾ داخل ٿي ڪعبي ۾ رکيل سڀني بتن کي ڀڃي ڀوري ناس ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ عرب۾ پيغمبر ۽ حڪمران جي حيثيت سان پنهنجي عزت ۽ وقار کي ايڏو ته مضبوط ڪيو جو سندس وفات به دين جي ترقي ۽ ڦهلاءُ ۾ حائل نه ٿي سگهي . حضورﷺ جي وفات کان پوءِ هڪ ڪاتب قرآن شريف کي مستند ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪيو جنهن کي صحابه جي هڪ ڪاميٽي ديني صحيفو تسليم ڪيو،جيڪو اڄ تائين محفوظ آهي. ان جي تعليم ۽ ڪلام کي هر مسلمان ڪلام الاهي جي حيثيت ۾ تسليم ڪري ٿو ۽ ان جي بنياد تي ئي اسلامي شريعت ۽ اسلام جو قانون بڻايو ويو آهي. ان جا بنيادي عقيدا توحيد خالص ۽ آخرت آهن. عربن وٽ هونئن ئي معبود اعلى جا قائل هئا، پر الله کي هڪ ۽ ” وحده لاشريڪ “ جي حيثيت ۾ پيش ڪيو. آخرت جو عقيدو خدا جي هيڪڙائي جي اصول ۾ شامل آهي جيڪو خالق به آهي ته منصف به آهي، جنت جي آسائيشن ۽ دوزخ جي تڪليفن جي باري ۾ قرآن شريف جو بيان انجيل جي ڀيٽ ۾ چٽو ۽ صاف آهي. جنت ۾ باغ، ڦهارا، شراب جون نهرون ۽ حسين عورتون حورون آهن، جن جون وڏيون وڏيون چمڪندڙ ڪاريون اکيون آهن، دوزخ ۾ باهه جاکُرا، تيز ۽ تند هوائون ۽ ٽچڪندڙ گرم پاڻي آهي، پاڻ سڳورن، مذهبي احڪامن ۽ فرضن جي ادائگي جو حڪم ڏنو جن کي اسلام جا پنج رڪن چئجن ٿا. ( 1 ) الله کي هڪ ڪري مڃڻ ۽ ان تي ايمان آڻڻ جيئن ڪلمه طيب ۾ آهي. (2) روزانو پنج دفعا ۽ جمعي تي نماز پڙهڻ ۽ ان وقت اهو ماڻهو دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هجي، منهن ڪعبي طرف ڪجي. ( 3 ) پرهيزگاري جي بناءَ تي خدا جي راهه ۾ زڪوات ڏيڻ ( 4 ) رمضان شريف ۾ روزا رکڻ ( 5 ) خانئه ڪعبه جي زيارت يعنى حج ڪرڻ . انهن پنجن عبادتن کان سواءِ قرآن شريف هڪ عظيم الشان اخلاقي ۽ شرعي دستور العمل به پيش ڪري ٿو. قرآن ڪريم مسلمانن کي سوئر جو گوشت کائڻ، جوئا کيڏڻ ۽ وياج جي ڪاروبار کان روڪي ٿو. انهن ۾ نڪاح ۽ طلاق جا بنيادي قانون ۽ مختلف ڏوهن لاءِ سزائون به تجويز به ٿيل آهن. مجسمه سازي کان منع ڪئي ويئي آهي، ان ڪري ڪٿي به اڄ تائين حضور جن جو مجسمو ۽ تصوير نه ٿي ملي. اسلام جي حڪمن ۾ هي به آهي ته هر شاهوڪار مسلمان کي زندگي ۾ هڪ ڀيرو ضرور حج ڪرڻ گهرجي. هن حڪم هڪ متحد قوت جو ڪم ڪيو آهي. دنيا جي هر حصي مان زائرين مڪي جي پاڪيزه شهر ڏانهن هڪ ڪٽنب جي فرد جي حيثيت ۾ اچن ٿا. جيڪي بنا سبيل ڪپڙا احرام ٻڌي ايندا آهن. انهن جي هن برادرانه جذبي جي ڪري نسلي ۽ طبقاتي نفرت ختم ٿي وڃي ٿي.