عقليت جو پيغمبر: پروفيسر ايڊورت مونت
پئرس 1890
اسلام لازمي طرح هڪ عقلي مذهب آهي، پوءِ کڻي هن کي ڪهڙي به معنى ۾ وٺجي، لغوي معنى ۾ يا تاريخي معنى. رئشنلزم يعني عقليت جي تعريف ته اهڙو اصول جنهن مطابق مذهبي عقيدن جو بنياد عقلي دليلن تي هجي، اسلام سان بلڪل پوري طرح لڳي ٿو . پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ هڪ جوشيلو شخص هو ۽ منجهن ايمان جي حرارت ۽ ڪامل يقين جي شدت پڻ موجود هئي. پاڻ اهائي بي بها خوبي، پنهنجن بي شمار معتقدن ۾ منتقل ڪري ويا آهن. هي حقيقت آهي ته حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي سڌاري ۽ واڌاري جو پروگرام هڪ وحي جي صورت ۾ پيش ڪيو. مگر وحي جو هي قسم ته رڳو بيان ڪرڻ جو نمونو آهي ۽ سندن مذهب، اهڙن مذهبي عقيدن جو هڪ مجموعو معلوم ٿئي ٿو، جن جو بنياد سراسر عقل تي مبني آهي . مسلمانن جي نزديڪ مذهب اسلام جو خلاصو، ٻن اصولن يعنى خدا تعالى جي وحدانيت ۽ پيغمبر خدا ﷺ جي رسالت ۾ سمايل آهي . هي ٻئي اصول قرآن شريف جي سڄي اعتقادي تعليم جو خلاصو آهن. قرآن شريف جي هي سادگي ۽ وضاحت يقيناً انهن زبردست قوتن مان آهي جن هميشه اسلام ۽ اسلام جي تبليغي جدوجهد جي فائدي ۾ ڪم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ پيغمبر خدا ﷺ جي تعليم هر ڪنهن لحاظ کان شاندار ترقي ڪئي. تنهن هوندي به قرآن شريف جي اهائي ساڳي بنيادي حيثيت قائم آهي، جيڪا ان جي ابتدا ۾ هئي. خدا تعالى جي توحيد جو عقيدو، قرآ ن شريف ۾ هر جڳهه، اهڙي ته شان وشوڪت، جاءِ وجلال دائمي پاڪيزگي ۽ ڪامل يقين سان بيان ٿيل آهي، جو اسلام جي دائري کان ٻاهر ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ اهو عقيدو اهڙي خوبي سان بيان ٿيل مشڪل سان ملندو . اسلام جي هن بنيادي عقيده توحيد تي مسلمانن جو ايمان لفظن جي جنهن ترتيب ۾ هن عقيدي کي پيش ڪيو ويو، تن جو بذات خود هن عقيدي تي والهانه يقين ته هي سڀيئِي ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا سبب آهن، جي مسلمانن جي تبليغي جدوجهد جو راز سمجهائين ٿا. مطلب ته جيڪو مذهب اهڙي طرح بلڪل واضح ۽ صحيح هجي، جيڪو ديني مونجهارن ۽ پيچيدگين کان بلڪل پاڪ ۽ صاف هجي، ۽ انهي سبب ڪري اهڙو ته آسان هجي، جو معمولي ۾ معمولي سمجهه رکڻ وارو انسان به ان تائين پهچي سگهي ته اهڙي مذهب ۾ نه صرف اميد رکي سگهجي ٿي، پر ان ۾ يقيناً اهڙي ته هڪ عجيب و غريب قوت رکيل آهي، جو آخرڪار انسان جي ضمير يا ايمان تي وڃيو فتح حاصل ڪري.