پيغمبر اسلام: راما ڪرشن رائو
راما ڪرشن رائو هندو آهي. ڪنهن زماني ۾ هو گورنمينٽ ڪاليج ميسور، هندستان ۾ فلسفي جي شعبي جو صدر هو. هي اقتباس سندس هڪ طويل مقالي تان ورتل آهي، جيڪو پهريون دفعو ” دي بورڊ آف اسلامڪ پبليڪيشن “ دهلي ۾ شايع ٿيو ۽ انهيءَ اداري جي حوالي سان ” رابطه العالم الاسلامي“ پنهنجي رسالي دي جرنل ۾ شايع ڪيو هو.
جڏهن پيغمبر اسلام، عربستان ۾ ڄاوا، تڏهن اهو صرف بيابان هو. ٻيو ڪجهه به نه، پاڻ سڳورن انهيءَ ويراني ۾ هڪ نئين دنيا آباد ڪئي. هڪ نئين زندگي، نئين ثقافت، نئين تهذيب ۽ هڪ نئين بادشاهت جيڪا مراڪش کان وٺي انڊونيشيا تائين پکڙجي ويئي، جنهن ٽن کنڊن ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي طرز زندگي کي بدلائي ڇڏيو.
پيغمبر اسلام اهڙن عربن کي نظم ۽ ضبط جي تعليم ڏني جيڪي معمولي ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهي پوندا هئا ۽ اها ويڙهه ايڏي ته وڌي ويندي هئي جو قبيلن جا قبيلا فنا ٿي ويندا هئا. اهڙن جنگجو ۽ جذباتي عربن کي اهڙي تعليم ڏنائون، جو ميدان جنگ ۾ ڪي دشمن سان مقابلو ڪري رهيا آهن، ته ٻيا نهايت انتظام سان خدا جي آڏو سر جهڪائي نماز ادا ڪري رهيا آهن. حضور جن جي انهي تعليم کي جڏهن قوم جي مغرور سردارن رد ڪري ڇڏيو ۽ اسلام تي جارحانه حملا شروع ڪيائون تڏهن پيغمبر اسلام کي بچاءُ لاءِ جنگ ڪرڻي پئي ۽ جنگ جي طور طريقي کي اهڙي نموني ۾ بدلايائون جو سڀني جنگين ۾ کپي ويل مسلمانن جو تعداد صرف چند سئو ٿئي ٿو. پاڻ بدوي عربن کي نظم ۽ ضبط سيکاريو جيڪو نماز جي معرفت يعني جڏهن ان جو وقت اچي ته ان کي منسوخ ڪرڻو ناهي ايتري تائين جو جنگ جي طوفان ۾ به هڪ گروهه جنگ ڪندو ته ٻيو قاعدي نماز پڙهندو ۽ جڏهن اهو گروهه نماز پڙهي پوري ڪندو ته هو وڃي دشمن جي سامهو پوزيشن سنڀاليندو ۽ پهريون ٽولو اچي نماز پڙهندو. ان سخت بربريت واري دور ۾ ميدان جنگ کي ماڻهپي ۽ شرافت جو گهوارو بڻايو ويو ۽ هدايتون ڏنيون ويون ته غداري نه ڪجو، وعده خلافي نه ڪجو، مئل ماڻهو جا چپ نڪ ۽ ٻيا عضوا ڪاٽي کيس بدشڪلو نه ڪجو. پوڙهن، ٻارڙن ۽ عورتن کي نه مارجو ميويدار وڻ نه ڪٽجو، اهڙا عابد جيڪي وڙهڻ ۾ شريڪ نه هجن تن کي تنگ نه ڪجو. پاڻ سڳورن جو پنهنجو رويو ته ان ڏس ۾ نهايت مثالي آهي. جڏهن مڪو شريف فتح ڪيائون ۽ اقتدار جي عروج تي پهتا، ان وقت اهو شهر جنهن پيغمبر ﷺ کي ٻڌڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن کين اذيتون پهچايون هيون، جنهن کين لڏڻ تي مجبور ڪيو هو، اهو شهر سندن قبضي هيٺ هو. جنگي قانون مطابق پيغمبر اسلام انهن کان پئسي پئسي جو حساب وٺي پئي سگهيا، پر پاڻ ﷺ انهن سان ڪهڙو برتاءُ ڪيو. سندن دل رحم ۽ پيار سان ڀرجي ويئي ۽ فرمائڻ لڳا ته ” توهان سڀ آزاد آهيو.“ سندن مقصد هو انسانيت کي متحد ڪرڻ. ۽ اهو اعلى مقصد جڏهن پورو ٿي ويو ته پنهنجي سخت ترين دشمن کي به معاف ڪري ڇڏيائون. حتاڪ پنهنجي چاچي حمزه رضه جي قاتل کي به معاف ڪري ڇڏيائون.
عالمي اخوت ۽ مساوات انساني جا اصول جن انسانيت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن اصولن جو اعلان سڀ کان پهريائين پيغمبر اسلام ئي ڪيو. ٻين مذهبن جيتوڻيڪ انهن اصولن جي هدايت ڪئي آهي. پر محمد ﷺ ئي اهو پهريون شخص آهي، جنهن انهن اصولن کي عملي جامو پهرايو. انهن اصولن جي قدر ۽ قيمت جي خبر اسان کي ايندڙ زماني ۾ پوندي، جڏهن عالمي شعور بيدار ٿيندو، نسلي تعصب ختم ٿي ويندو ۽ ” سڀ انسان ڀائر آهن“ جو نظريو عمل ۾ ايندو.
هر سال حج جي موقعي تي ساري دنيا ” اسلامي مساوات“ جو عظيم الشان نظارو ڏسندي آهي. يورپي، آفريڪي، ايراني، هندي ۽ چيني سڀئي هڪ هنڌ گڏ ٿين ٿا ۽ صرف ٻن اڻ سبيل ڪپڙن ۾ ويڙهيل هوندا آهن. هڪ ڪلهي تي ۽ ٻيو گوڏ ۾ مٿي اگهاڙا ديوانه وار ” اللهم لبيڪ لا شريڪ لڪ لبيڪ“ چوندي رڪن ادا ڪن ٿا. اهڙي طرح ننڊي وڏي جو فرق مٽجي وڃي ٿو ۽ حاجي ” عالمگيري برادري “ جو سبق وٺي گهر موٽي ٿو.
پيغمبر اسلام جهموري حڪومت کي بهترين شڪل ۾ پيش ڪيو. اڄوڪي سڌريل دنيا ۾ ڪارن حبشين سان گورا وحشي جيڪو سلوڪ ڪري رهيا آهن ان کي ساري دنيا ڄاڻي ٿي. پر چوڏهن سئو سال اڳ هڪ حبشي غلام بلال رضه کي اسلام ڪهڙو درجو ڏنو؟ اسلام جي شروعاتي ڏينهن ۾ موذن جو درجو مان وارو هو. اهو عهدو انهي حبشي غلام کي سونپيو ويو. مڪي جي فتح واري ڏينهن تي، پيغمبر اسلام ان حبشي غلام کي حڪم ڪيو ته ڪعبته الله جي ڇت تي بيهي ٻانگ ڏي. جڏهن بلال رضه پنهنجي ڪاري رنگ ۽ ٿلهن چپن سان ڪعبته الله جي ڇت تي ٻانگ ڏيڻ لڳو ته قريش جي مغرور سردارن ڏسي دانهون ڪري چوڻ لڳا ته اڙي ڪاري غلام کي ڏسو خدا جي گهر تي بيهي ٻانگ ڏي ٿو. انهيءَ غلط عصبيت، غرور ۽ قريش جي انهي نفرت واري انداز کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ چيايون ته الله جا لک لک ٿورا آهن جنهن اسان کي جاهليت واري زماني جي شر ۽ فخر کان ڇوٽڪارو ڏياريو. او انسانو! ياد رکو ته انسان فقط تقوى ۽ خدا ترسي جي بنياد تي ئي عزت ۽ مان وارو آهي. ان کان سواءِ ٻيو اهڙو ڪوبه معيار ڪونهي جو انسان پاڻ کي مٿيرو سمجهي. سمورا انسان آدم جي اولاد آهن ۽ آدم مٽي مان ڄائو.“ پاڻ سڳورن اهڙي طاقتور تبديلي آندي جو معزز عرب خاندان پنهنجون ڌيئرون حبشين سان پرڻائڻ لڳا. بلال کي جڏهن به حضرت عمر فاروق ” ثاني الخلفاءِ راشده“ ڏسندا هئا ته احتراماً اٿي بيهندا هئا ۽ چوندا هئاته اسانجو ملڪ اسان جو آقا اچي رهيو آهي.
پيغمبر اسلام هڪڙي يتيم ٻار ۽ بيواهه مهاجر منجهان دنيا ۽ آخرت جا ليڊر پنهنجي قوم جي تقدير جا مالڪ بڻجي ويا. پنهنجن ماڻهن طرفان ڏنل تڪليفون زماني جي ڏولاون، ڏکن ۽ ڏوجهرن کي بهادري ۽ دليري سان منهن ڏيئي ڪاميابي حاصل ڪيائون سندن ڪاميابيون زندگي جي هر شعبي تي حاوي آهن . مثال طور قوم کي تباهي ۽ بربادي جي ڪُن مان ڪڍي کين خوشحال ۽ اعلى اخلاق جو مالڪ بنائڻ آهي ته کين مڪمل ڪاميابي حاصل ٿي. پاڻ عرب جهڙي پسماندهه ۽ قوم پرست قوم کي تهذيب جو مينار ۽ مشعل راهه بڻائي ڇڏيو. اهي عرب جيڪي هڪ ٻئي جو ڪچو گوشت کائڻ تائين وڙهيل هئا تن کي اخوت ۽ محبت جي لڙهي ۾ پوئي متحد ڪيو. عربن جي بدوين ۽ صحرائن ۾ ڀٽڪندڙ انسانن کي مڪارم اخلاق جو مجسمو بڻائي دنيا لاءِ مثالي انساني معاشرو قائم ڪري ويا. اڃان به جيڪڏهن توهان چئو ته پاڻ فاتح عظيم آهي ته محمد ﷺ توهان کي اهڙو شخص ملي ويندو جيڪو يتيم ٻار منجهان جزيره العرب جو بادشاهه بڻجي ويو. قيصر ۽ ڪسرى جي درٻارن ۾ زلزلو وجهي ڇڏيائين ۽ هڪ اهڙي بادشاهت قائم ڪري ويو، جيڪا چوڏهن سئو سال دنيا تي حڪومت ڪندي رهي. پاڻ انسانيت کي فلسفي جو لازوال ۽ ابدي حقيقتون ٻڌايون. پاڻ امي هئڻ جي باوجود به تقرير ايڏي ته فصاحت ۽ رواني سان ڪندا هئا جو ٻڌندڙن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا.
جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن به شخص حڪومت الاهي قائم ڪئي ته اهو محمد ﷺ ئي آهي ڇو ته کين اقتدار جي شان و شوڪت، رعب ۽ دٻدٻي جو ڪوبه خيال نه هو. سندن گهرو زندگي به اهڙي سادي هئي، جهڙي عام ٻهرئين زندگي . مڪي جي فتح کان پوءِ، حضور جن 10 لک ميل جا مالڪ بڻجي ويا. سڄي عرب جا بادشاهه پر اهڙي عروج وراي زماني ۾ به پنهنجي جتي پاڻ ڳنڍيندا هئا. ان جو کهرو لباس پائيندا هئا. گهر ۾ ٻڪري پاڻ ڏهندا هئا. چلهي جي ڪيري ڪڍي باهه پاڻ ٻاريندا هئا. سندن آخري ڏينهن ۾ جڏهن مدينو خوشحال ٿيو ويو ۽ دولت جي فراواني ٿي ويئي، اهڙي زماني ۾ ” شاهه عرب “ جي گهر ۾ ڪيتريون ئي راتيون باهه ٻارڻ کان سواءِ گذري وينديون هيون ڇوته گهر۾ پچائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو. محمد ﷺ ڪنهن نرم بستري تي نه سمهيا. سارو ڏينهن مشغول رهڻ کان پوءِ به رات جو ڳپل حصو وري عبادت ۽ دعا ۾ گذاريندا هئا. عبادت ۾ وري ڇا حال هوندو هو جڏهن پاڻ ان حالت ۾ هوندا هئا ته سندن روئڻ ڪري ماڻهو ائين سمجهندو هو ته ديڳڙي باهه تي پيئي ٽهڪي. ايتري تائين جو گهڻِ روئڻ ڪري، سندن آواز به بند ٿي ويندو هو. مرڻ وقت سندن ڪل ملڪيت ڪجهه سڪا هئا، جنهن مان قرض لاهي، باقي خيرات ڪري ڇڏيائون ۽ جنهن ڪپڙن ۾ وفات ڪيائون، انهن ڪپڙن ۾ ڪيترن جائين تي چتيون لڳل ۽ ٽوپا آيل هئا ۽ جنهن گهر ۾ وفات ڪيائون، جنهن گهر مان ساري دنيا روشن تي اهو گهر تيل نه هئڻ ڪري اونداهه ۾ هو.
حالتون بدلجي ويون مگر محمد ﷺ نه بدليا. هاريا فتح ۾ تنگدستي يا تونگري ۾ پاڻ ساڳيا ئي رهيا. ساڳيا اخلاق ۽ نيڪ اطوار. خدا جي قوانين وانگر خدا جا انبياءَ به تبديل نه ٿيندا آهن. چوڻي آهي ته شريف انسان خدا پاڪ جو عظيم ڪارنامو آهي. پاڻ سڳورن شريف نه پر اشرف هئا. انسانيت جي خدمت انسانيت جي اصلاح ڪرڻ، انسانيت جي تعليم ۽ ترقي ۽ انسان کي انسان بنائڻ، سندن عظيم مقصد هو ۽ انسانيت جي ڀلائي هن جو اصول هو.
محمد ﷺ حد کان وڌيڪ لڄاڙ ۽ حجابي هئا ۽ بي غرض انسان به. انهن صرف ٻه لقب پسند ڪيا عبد ۽ پيغمبر. پر عبد اول ۽ پيغمبر پوءِ چوندا هئا ته مون وٽ آسمانن ۽ زمينن جا خزانا ڪونهن. مان به توهان وانگر انسان آهيان. محمد ﷺ پنهنجن مريدن جو ڌيان فطرت ڏانهن ڇڪايو ۽ انهن کي حڪم ڪيائين ته خدا جي قدرت ۽ حڪمت تي غور ۽ فڪر ڪيو. اهو محمد ﷺ ئي هو. جنهن عملي سائنس جي تعليم ڏني ۽ اهو محمد ﷺ ئي هو جنهن روز مرهه جي معمولات کي به مقدس بنايو ۽ انهن کي عبادت جو درجو ڏنو. ان ڪري عبادت صرف نماز تائين منحصر نه رهي پر اهو ڪم، جيڪو جائز طريقي سان ڪيو ويو آهي، اهو عبادت آهي. ايتري تائين جو حلال روزيءَ مان مڙس زال کي جيڪو گراهه کارائي ٿو، اهو به عبادت ۾ ڳڻيو. پاڻ فرمائين ٿا ته پنهنجي دل جو مقصد، جيڪڏهن جائز طريقي سان حاصل ڪيو وڃي ته اهو به عبادت آهي، ۽ اجر جو مستحق پڻ . عمل کي ” عبادت قرار ڏيڻ واري نظرئي “ ساري زندگي کي بدلائي ڇڏيو. سوسائٽي جا باهمي تعلقات، حقوق ۽ فرائض جي خيالن ۾ ڦيرو اچي ويو. محمد ﷺ اهو نظريو اڻ پڙهيل بدوين يا دانائن فلسفين ٻنهين آڏو پيش ڪيو. عمل کي عبادت قرار ڏيڻ جو مطلب عقائد کي نظرانداز ڪرڻ نه آهي. سندن تعليم موجب نظرئي ۽ عمل جو واسطو، حياتياتي اتحاد وانگر آهي. جيڪڏهن هڪ کي ٻئي کان ڌار ڪبو ته ٻيئي ختم ٿي ويندا. ٻنهين کي گڏ هلائبو ته ٻئي زندهه رهندا ۽ وڌندا ويجهندا. قرآن مجيد ۾ به جڳهه جڳهه تي اچي ٿو ته جيڪي ايمان رکن ٿا ۽ وري عمل به ڪن ٿا صرف اهي ئي جنت ۾ ويندا. خدا جو قانون جيڪو محمد ﷺ نافذ ڪيو اهو نظرئي ۽ جدوجهد ٻنهي جو نالو آهي.