حضرت محمد ﷺ جي ڪاميابي جو راز: شري لاله ديش، بنڌوجي
ڊئريڪٽر اخبار تيج دهلي
دنيا ۾ وڏن ماڻهن جي ڪاميابي جو راز، صرف هي آهي ته انهن کي، پنهنجي مشن جي سچائي ۾ يقين هو. اهي جبل وانگر، پنهنجي ارادي جا مضبوط هئا ۽ دنيا جي ڪابه طاقت کين، ان کان هٽائي نه سگهي.پاڻ سڳورن جي زندگي ۾، منڍ کان آخر تائين، اهائي خوبي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو کين جلدي ڪاميابي حاصل ٿي. سندن ارادي جي مضبوطي ۽ پختگي ۽ پنهنجي مشن جي سچائي جو مثال تاريخ ۾ ڳوليو نه ٿو ملي. هڪ مشهور واقعو آهي ته ” پاڻ هڪ جهنگ ۾ اڪيلا سمهيل هئا، ته اتان سندن هڪ ذاتي دشمن تلوار سان اچي لنگهيو. پاڻ سڳورن کي ڏسي، ننڊ مان اٿاري، کين تلوار ڏيکاريندي، نهايت وڏائي سان چوڻ لڳوته، اي محمد ﷺ بڌاءِ، هاڻي توکي مونکان ڪير ٿو بچائي سگهي! نهايت ڏکيو وقت هو، ۽ ويچار ۽ فڪر ڪرڻ جي مهل هئي. پر پاڻ نهايت پرسڪون نموني، ۽ سواءِ ڪنهن گهٻراهٽ جي جواب ڏنائين ته ” الله “ ۽ اهو ئي خدا ئي ته هو جنهن ان کي محمد ﷺ جو جاني دشمن بڻائي ڇڏيو هو، ورنه ڪا ذاتي رنجش يا ڪو ذاتي جهڳڙو ته ڪونه هو. تڪرار فقط ان ڳالهه تي هو ته، حضور ﷺ هڪ سچي الله جي عبادت ڪرڻ لاءِ چوندا هئا. ۽ هو گهڻن خدائن جي پوڄا ڪندا هئا. ۽ جيئن محمد ﷺ جي واتان ” الله “ جو نالو نڪتو ته، هو ڪاوڙجي وڃي ها ۽ آپي کان ٻاهر نڪري وڃي ها، ۽ انتقام جي باهه ۾ جلڻ لڳي ها ۽ بروقت پاڻ سڳورن کي، قتل ڪري ها. پر هي ته سچائي جو آواز هو، جنهن جي گونج، سندس ڪنن مان ٽپي هن جي دل ۾ پهتي، ۽ مٿس ايڏي ته هيبت ڇائنجي ويئي، جو تلوار هن جي هٿ مان ڪري پيئي ۽ پاڻ سڳورن بر وقت تلوار کڻي ورتي. جيڪو سوال هن حضور ﷺ کان پڇيو هو، اهو ساڳيو پاڻ هن کان پڇيائون . پر هن جي دل ته، پنهنجي مقصد جي صداقت کان خالي هئي ۽ اهڙي سچائي به، سندس دل ۾ نه هئي، جيڪا ان کي لازوال قوت ۽ طاقت بخشيندي آهي، ان ڪري هو سندس هٿ ۾ تلوار ڏسي ڏڪڻ لڳو ۽ منت ڪري چوڻ لڳو ته اوهان ئي بچائي سگهو ٿا.پاڻ سندس حالت تي ڏک ڪندي چوڻ لڳا، ته ” ڪاش ! هاڻي به تون چئي پئي سگهين، ته جنهن اوهان کي بچايو آهي، اهو الله مون کي اوهان جي هٿان بچائي سگهي ٿو.“ ان کان پوءِ، پاڻ کين تلوار واپس ڪري ڏني. حضور جن جو پنهنجي خدا ۾ ايڏو ايمان ۽ يقين ڏسي، هو متاثر ٿيو ۽ مسلمان ٿي پيو. هن هڪ واقعي مان ئي سمجهي سگهجي ٿو ته، پاڻ سڳورن کي پنهنجي مشن جي سچائي تي ڪيڏو نه ڀروسو ۽ يقين هو. هو اهڙي نازڪ ۽ خطرناڪ وقت ۾ به، حراسان نه ٿيا. اهو بنيادي عقيدو هو، جنهن سندس دل کي لازوال قوت بخشي هئي جنهن ۾،ذري برابر گهٻراهٽ پئدا نه ٿي. تڪليفن جا پهاڙ سندس واٽ ۾ آيا . ڏکن ۽ ڏولاون جا جهولا لڳا. پر پاڻ پنهنجي جڳهه تان، تِر برابر به نه هٽيا ۽ ان جو نتيجو هي نڪتو، جو سڀ تڪليفون ختم ٿي ويون ۽ ٿوري عرصي ۾ کين، ايڏي ته ڪاميابي حاصل ٿي، جيڪا ڪنهن کي نصيب ٿي هجي!.
ان کان پوءِ، ٻي شئي سندس عزم جي بلندي ۽ ارادي جي مضبوطي آهي. واقعات
مان، هرڪو سمجهي سگهي ٿوته، پنهنجي مشن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ، پاڻ ڪيڏي نه مضبوط ارادي سان ڪم ڪيائون ۽ ڪيڏي نه خنده پيشاني سان هر قسم جي مصيبتن جو مقابلو ڪيو. جنهن ڏينهن کان، پاڻ پنهنجي مشن جو اعلان ڪيائون ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن، سڏڻ شروع ڪيائون، تڏهن کان مڪي جا ماڻهو جيڪي اڳي سندس عزت ڪندا هئا، سندس دشمن ٿي بيٺا ۽ ڪيترن ئي، هٿرادو طريقن سان، کين ستائڻ لڳا . سندن تبليغ جي راهه ۾، جيڪي رنڊڪون وڌيون ويون، تن جو ذڪر نهايت ڏکوئيندڙ آهي. واٽ ۾ ڪنڊا وڇائڻ، کڏون کوٽڻ، گندگي سندن جسم تي اڇلڻ، ته روز جي ڪرت هئي. اهڙي طرح، ننڍن ڇوڪرن کي، سندن پٺيان لائڻ، تاڙيون وڄائڻ، ٽوڪون ڪرڻ، پٿر ماري سندن جسم کي رتورت ڪرڻ، تان ته ٽي سال سختي سان بائڪاٽ ڪري کين داڻي پاڻي کان محروم ڪرڻ حد کان وڌيڪ ظلم آهي. جتي پاڻ سڳورن ۽ سندن ڪٽنب کي قيد ڪيو ويو هو، اتان ٻارن جي روئڻ، پوڙهن ۽ عورتن جو بک ۽ اڃ جي سختي ڪري چيخڻ کي اهي ظالم ٻڌندا هئا، پر ڇا مجال جو، صرف پاڻي چڪو به ڏين. اهڙي طرح پاڻ ڀريا ٽي سال هن تڪليف ۾ رهيا. ان تي به، هنن بس نه ڪئي. پاڻ کي قتل ڪرڻ جي سازش رٿائون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي تيار ڪيائون ته هو کين قتل ڪن ۽ ان لاءِ انعام به مقرر ڪيائون پر جڏهن ان ۾ به ڪامياب نه ٿيا، تڏهن هڪ خاص سازش تيار ڪري، سڀني ڪٽنبن جي سردارن گڏجي، کين قتل ڪرڻ جي اجتماعي رٿ رٿي. پر ان ۾ به ناڪامي و منهن ڏسڻو پين. آخر پاڻ سڳورن پنهنجي پياري وطن کي ڇڏي مديني هليا ويا. پر اتي به سندن دشمنن پٺ نه ڇڏي ۽ کين قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ايڏين تڪليفن هوندي به، پاڻ چپ ڪري نه ويٺا، پر پنهنجي مشن جي تبليغ ۾ رڌل رهيا.
هڪ دفعي جڏهن سندن مخالفن جو ظلم ۽ تشدد وڌي ويو، تڏهن سندن چاچي ابوطالب جيڪو سندن مربي ۽ حمايتي به هو چيو ته ” محمد ﷺ هاڻي ته سختيون ۽ صعوبتون سهڻ کان وڌي ويون آهن ۽ اوهان جي ڪري، سارو خاندان عذابن ۾ آهي، ان ڪري بهتر آهي ته پنهنجو ڪم بند ڪر ۽ ٿورن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏ.“ اهو ٻڌي پاڻ جواب ڏنائون ” اي چاچا سائين ! جيڪڏهن هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي هٿ تي چنڊ جي رکن ۽ دنيا جي بادشاهت به ڇو نه کڻي ڏين، تڏهن به الله جي هيڪڙائي جي تبليغ ڪرڻ کان نه رڪندس. اوهان سڀئي مون کي بيشڪ ڇڏي ڏيو. اوهان ۽ خاندان وارا، منهنجي ڪري تڪليفن ۾ نه پئو. منهنجو نگهبان منهنجو الله آهي ۽ اهو منهنجي لاءِ ڪافي آهي.“ اهڙي طرح هڪ دفعي، مڪي جي سڀني وڏيرن کين گڏجي چيو ته ” جي اوهان بادشاهه ٿيڻ گهرو ته اسان توکي بادشاهه مڃون ٿا. جي اوهان دولتمند ٿيڻ چاهيو ته اسان اوهان کي ايتري دولت گڏ ڪري ڏيون جو ڪوبه اوهان کان وڌيڪ امير نه هجي. جي اوهان سهڻي عورت چئو، اها اوهان کي پرڻايون، پر پنهنجي مذهب جي پرچار بند ڪريو.“ پاڻ کين اهو جواب ڏنو، جيڪو مخلص ۽ سچو رهبر ڏيندو آهي.
پاڻ چيائون ته ”مون کي انهن شين مان، ڪنهن هڪ به چيز جي ضرورت نه آهي. هي بادشاهت، دولت ۽ حسن هڪ هنڌ ڪٺيون ڇو نه ڪيو وڃن، تڏهن به منهنجي خدا جيڪو ڪم، منهنجي حوالي ڪيو آهي، ان کي هرگز نه ڇڏيندس.“
هنن واقعن مان صاف ظاهر آهي ته، کين پنهنجي مشن جي سچائي تي پورو يقين ۽ مڪمل ڀروسو هو ۽ اهائي خوبي آهي، جيڪا انسان ۾ جبل کان وڌيڪ اوچائي ۽ ارادي جي مضبوطي پئدا ڪندي آهي. اسان جڏهن حضورﷺ جي زندگي تي نظر ڪريون ٿا، ته خبر پوي ٿي ته هڪ پاسي کين پنهنجي ڪم سان پيار هو ۽ ٻئي پاسي هو عزم ۽ ارادي جا ايڏا ته مضبوط هئا جو پهاڙن کان به وڌ. پهاڙ به پنهنجي جاءِ تان هٽي پئي سگهيا، پر حضور سائين جي ارادي ۾ تر جيترو به لوڏو نه آيو. ڪيتريون ئي سختيون سٺائون، جان جوکي ۾ وڌائون، قتل جون رٿون رٿيون ويون، جسماني ايذاءُ ڏنا ويا. آخر ۾ ڏيهه نڪالي ملي، پر سندن ارادي ۾ ڦيرو نه آيو. ۽ دل جي گهرائي ۽ سچائي سان، ساڳئي جوش ۽ جذبي سان، پاڻ پنهنجي پاڪ ۽ پوتر مشن جي ڪاميابي ۾ مشغول رهيا ۽ سندن انهي عزم ۽ استقلال جو، اهو نتيجو نڪتو جو پاڻ پنهنجي ڪم ۾ فتحياب ٿيا ۽ صرف 23 سالن جي ٿوري وقت ۾، پنهنجي اڻٿڪ ۽ لڳاتار محنت سان، عرب جهڙي وحشي ۽ جاهل ملڪ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.