مذهب

مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 1710
  • 457
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾

من مرادون پنيون: پروفيسر بي ايس دارا ( سک )

من مرادون پنيون: پروفيسر بي ايس دارا ( سک )

ايڊيٽر انڊيا – لنڊن

آرياڻي آيو. جنهن ڀنڀور کي اجاريو. هر ڪنهن جو آسون پنيون. مرادون پوريون ٿيون. محبوب جي ديدار سان، سوين سالن جو گناهه معاف ٿيا. تن اجرو ٿي پيو. من مان مير نڪري ويو. پارس جي صحبت ۾ لوهه سون ٿي پيو.
آن که خاک را به نظر کيميا کنند
آيا بود که گوئشه چشمي بما کنند
اي عرب جي سرزمين ! اي ويران بيابان ۽ واري جي دڙن جا ملڪ ! اي وحشي درندن جا جهنگل ! اي چورن ۽ ڌاڙيلن جي ڌرتي ! اي ظالمن ۽ لٽيرن جا مسڪن ! اي ريڍارن ۽ اوٺارن جا وٿاڻ ! اي شراب خورن جا ميخانا ! اي وحشي عرب ! تو ۾ ساري دنيا جا بدڪار ۽ جهان جا مڪار رهندا هئا. جيڪي نالي جا انسان پر ڪرتوت شيطان کان به بدتر آهن.
چلن ان کي جتني تهي سبهه وحشيانا
هر ايک لوڻ اور مار مين تها يگانه
فسادون مين کڻتا تها ان کا زمانه
نه تها قانون کا کوئي تازيانه
وه تهي قتل و غارت مين چالاک ايسي
درندي هون جنگل مين باک جيسي
اي عرب جي ڌرتي ! اڄ تنهنجو نالو، ٻار ٻار جي زبان تي آهي. خلق خدا، هر وقت تنهنجو ذڪر ڪري ٿي. اها ڪهڙي اک آهي، جيڪا تنهنجي ديدار لاءِ آلي نه هجي. اها ڪهڙي دل آهي، جيڪا تنهنجي درشن لاءِ نه تڙپي هجي. اهو ڪهڙو ملڪ آهي، جنهن تنهنجي شهنشاهه جو حڪم نه مڃيو هجي. اهو ڪهڙو حڪمران آهي، جنهن تنهنجي رعب ۽ دٻدٻي آڏو سر نه جهڪايو هجي.
اي خطئه عرب ! تون پراڻو لباس لاهي، نئين پوشاڪ پهري. تون نئون روپ ورتو. توکي نئون جنم مليو. نئين زندگي حاصل ڪئي، ڇو ته تو رسول خدا کي ڏسڻ جي عظمت حاصل ڪئي. اي عرب، سڀ الله جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي ڏي. ان جا وارا نيارا آهن نه ته هي فيض رسول توکي ملي ها! ۽جمال محمدي جي زيارت توکي نصيب ٿئي ها! اي هماليه جون فلڪ بوس چوٽيون ! اوهان ئي ڪجهه ٻڌايو. سوين پروهتن اوهان جي پيار ڀري گود ۾ گذريا. سوين جوڳين تنهنجي هنج ۾ جوڳ ڪيا، هزارين پوڄارين، تنهنجي پهلو ۾ ويهي، تپسيا ڪئي. لکين ساڌن، تنهنجي چرنن ۾ ڀيٽائون ڏنيون. اي هماليه ! ٻڌاءِ ته سهي، سچ چئجانءَ ته ڪڏهن توبه مڪي جو اهو سهڻو جوان ڏٺو. ڪٿي توکي مديني جو گهوٽ نظر آيو. اي درياءِ گنگا جون لهرون ! تنهنجي پوتر پاڻي پوڄارين کي، رام جي نالي جپڻ ۾ لطف بخشيو تنهنجي پاڻي جي هڪ ڦڙي، معرفت جي متوالن کي پُر ڪيو. اي موج گنگا ! جنهنجي توسان اک لڳي، توان کي پنهنجو ڪري ڇڏيو. جيڪي اڄايل تو وٽ آيو، تو ان کي ڍو ڏيئي ڇڏيو. پر ٻڌاءِ ته سهي! ڪڏهن ان آب زم زم جي مالڪ کي ڏنو! ڪڏهن ان به توکان گنگا جو ڍڪ گهريو.
اي تاجدار عرب ! ٻڌئون ٿا ته اوهان جي چال من موهيندڙ هئي ۽ تنهنجي صورت
دلربا هئي. اي دلدار عرب، ٻڌئون ٿا ته جنهن توسان لنئو لاتي، اهو اڏجي ويو ۽ جنهن تنهنجو چيو مڃيو، ان جا وارا نيارا ٿي ويا.