دنيا جو محسن اعظم ﷺ: جارج برناڊشا
وچين دور جي عيسائي راهين ۽ سندن مشنرين جهالت ۽ تعصب وچان اسلام جو خوفناڪ نقشو چٽيو آهي نه صرف ايترو پر انهن حضورﷺ ۽ سندن مذهب خلاف هڪ باضابطه تحريڪ هلائي، مون اسلام ۽ رسول خدا جي زندگي جو خبرداري سان مطالعو ڪيو آهي ۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته حضوراڪرم ﷺ سچ پچ وڏا ماهر هئا. هو انسان ذات جا محسن ۽ ڇوٽڪارو ڏياريندڙ هئا. جا ان وقت درد ۽ عذاب ۾ مبتلا هئي. ايندڙ سئو سالن ۾ اسان جي دنيا جو مذهب اسلام هوندو پر اهو هن زماني ۾ دلين، دماغن ۽ روحن ۾ موجود هو.
ٻي مهاڀاري جنگ لڳڻ وقت جڏهن ساري دنيا جنگ جي شغلن ۾ وڪوڙجي ويئي، ان وقت برناڊشا حضوراڪرم ﷺ بابت هڪ بيان ۾ چيو هو ته ” ڪاش اڄ محمد ﷺ جيئرو هجي ها ته اسان جي وچ ۾ صلح ڪرائي، دنيا کي جنگ جي تباهه ڪارين کان بچائي وٺي ها. “ برناڊشا لکي ٿو ته ” عورتن ۽ ٻارڙن جي حيثيت توڙي جانورن سان رحمدلي ڏيکارڻ وارن معاملن ۾ حضورﷺ جي تعليم مغربي عيسائي خواهه جديد فڪر کان گهڻي مٿي ۽ آڳاٽي آهي. منهنجو يقين آهي ته جيڪڏهن هن دور ۾ حڪومت جو نظام محمد ﷺ جهڙي ڪامل رهبر جي هٿ ۾ ڏجي ته جيڪر موجوده بين الاقوامي مسئلا به حل ٿي وڃن ۽ عالمگير امن به قائم ٿي وڃي.