حوصلي مند شخصيت: تامل ناڊ مسٽرانادوائي
( مسٽر انا دوائي ڊي ايم ڪي حڪومت جو پهريون چونڊيل وزيراعلى هو. هو رڳو هڪ سياستدان ئي نه، پر وڏو عالم ۽ علم الاديان جو به ڄاڻو هو)
نبي ڪريم ﷺ کي اسين ڇو عظيم انسان مڃون ٿا ۽ سندن تعريف ۽ توصيف ڪرڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ ڇو ته اڄ 1957ع ۾ اسين جيڪڏهن انساني شعور کي بيدار ڪرڻ ۽ عوام الناس کي سندن خودي کان آگاهه ڪرڻ جي ٿوري گهڻي ڪوشش به ڪريون ٿا ته ڪيڏي نه مخالفت ٿئي ٿي. پر چوڏهن سئو سال اڳ جڏهن نبي ڪريم ﷺ دعوت ڏني ته بتن کي خدا ڪري نه مڃيو ۽ بتن جي پوڄا ڪندڙن جي وچ ۾ بيهي اهو اعلان ڪيائين ته ” هي بت اوهان جا خدا نه آهن. انهن جي آڏو مٿو نه ٽيڪيو ۽ فقط هڪ الله جي عبادت ڪريو. ان اعلان لاءِ ڪيڏي نه همت ۽ جرئت جي ضرورت ٿي هوندي ۽ انهيءَ دعوت جي ڪيڏي نه مخالفت ٿي هوندي پر ايڏي ساري مخالفت جي طوفان ۾ پاڻ جوانمردي سان بيٺا رهيا ۽ اهو انقلابي پيغام ڏيندا رهيا. اهو ئي سندن عظمت جو تمام وڏو ثبوت آهي. اها استقامت جيڪا نبي ڪريم ﷺ ۾ هئي، انهيءَ جي پيروي اڄ به اهل اسلام ڪن ٿا. اسلامي نظام حيات ماڻهن ۾ ٻڌي پئدا ڪري ٿو. انسانن جي ” پاڻ سڃاڻ واري احساس“ کي جاڳائي ٿو ۽ انهن ۾ ميٺ، محبت، پيار ۽ پريت جا لاڙا پئدا ڪري ٿو .انساني ذهن ۾ سجاڳي پئدا ڪري ٿو. اسلام جو ” نظريه حيات“ ۽ نظام زندگي محبت ۽ پيار جي آڌار تي ماڻهن کي پاڻ ۾ متحد ڪري ٿو.
ماحول انسان ٺاهيندو آهي ۽ عام طرح ماڻهو به انهي مطابق پنهنجو پاڻ کي ٺاهيان ڇڏيندا آهن. عوام کي اهو فڪر هرگز نه هوندو آهي ته ماحول ڪنهن نظام حيات کي سٺي ۽ ڪارائتي عمل جو موقعو ڏي ٿو يا نه . اهي رڍن وانگر اکيون ٻوٽي ڪڍ لڳي پوندا آهن. وڏا ماڻهو اهي هوندا آهن جيڪي ماحول جي نبض تي هٿ رکندا آهن ته ماحول جو رخ صحيح آهي يا نه . جڏهن هو ڏسندا آهن ته ماحول جو رخ غلط آهي ته هو ان جي مخالفت طرف کان هلندا آهن. انهن کي اها ڳڻتي نه هوندي آهي ته مخالف پاسي کان هلڻ ڪري کين ڪو جو کو رسي سگهي ٿو. حق ۽ صحيح نظام حيات جي بهتر ۽ مفيد عمل حاصل ڪرڻ لاءِ هو ان طرف هلڻ جو پڪو ارادو ڪندا آهن ۽ انهي راهه تي ثابت قدم رهي، غلط ۽ نقصان ڪار ماحول کي بدلائي صحيح ۽ مفيد ماحول جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيندا آهن. سور سهڻ ڏکن ۽ سختين سان منهن ڏيڻ جي منجهن قوت هوندي آهي. حق جي راهه ۾ سر ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا آهن. سچ آهي ته اهي اهي ئي ارڏا ۽ مٿير مڙس هوندا آهن. اهڙا ئي دلير پٽ، وقت سان منهن ڏيئي هڪ اهڙو ماحول جي اوسر ڪندا آهن. جنهن جي ڇانءُ ۾ انسانيت لاءِ صحيح نظام حيات پنهنجا جلوا پسائي سگهي. حضرت محمد ﷺ جو ڳاڻاٽو به اهڙن ئي عظيم عام وڏين شخصيتن کان به تمام گهڻي مٿانهين آهي. اهڙي عظيم بزرگ شخصيت جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سٺو ماحول گهرجي جنهن لاءِ صالح نظام تعليم نافذ ڪرڻ ضروري آهي.اهڙي تعليمي نظام کي آڻڻ لاءِ هڪ صالح حڪومتي نظام درڪار آهي. جيڪو نظام اهڙا نيڪ ۽ پرهيزگار بزرگ قائم ڪي سگهن ٿا. جن کي خدا جو خوف هجي. اهڙا ماڻهو ئي سوسائٽي جو اصل سرمايو آهن ۽ اسلام ئي اهڙا ماڻهو پئدا ڪري ٿو .اسلام انسان کي ڪامل ۽ بهتر انسان بنائي ٿو. خدا جن بلندين تائين پهچڻ لاءِ انسان کي پئدا ڪيو آهي، انهي درجي کي حاصل ڪرڻ ۽ انهيءَ مقام تي پهچڻ جي قوت ۽ صلاحيت، منجهس اسلام ئي پئدا ڪري ٿو. هاڻي اها دين اسلام جي داعين جي ذميواري آهي ته هو اسلام تي عمل پيرا ٿي، پنهنجي رب جي خوشنودي ۽ رضا به حاصل ڪن. غريبن ۽ مجبورن جا مسئلا به حل ڪن ۽ انسانيت، مادي ۽ روحاني ترقي جي طرف به تکي وک وڌائي سگهي.