سچو پيغمبر: شري پت مهاشر منوهر سهائي
جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ذاتي رنجش، تعصب ۽ حسد کي پاسيرو رکي، حضور سائين جي زندگي تي نظر ڪندو ته ان کي پاڻ سڳورن جي سچائي ۽ شرافت کي مڃڻو پوندو. مان يقين سان چوان ٿو ته هو خدا جو سچو پيغمبر ۽ نهايت ڪامياب مصلح آهي. پاڻ پنهنجي دور جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ سياڻا، خليق ۽ خدا تي ايمان رکندڙ هئا. پاڻ غريبن ماڻهن سان پيار ڪندا هئا. غربت ڪري ڪنهن کي گهٽ نه سمجهندا هئا. ڌرتي تي ويهڻ کي پسند ڪندا هئا. معمولي ڪم به پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پاڻ متڪبر ۽ وڏائي خور نه هئا. منڍ کان پڇاڙي تائين هڪ ئي حالت ۾ رهيا ۽ ثابت قدمي سان پنهنجي ڪم کان منهن نه موڙيائون.