عظيم مصلح : ماستر شنڪر داس گياني
هيڊ ماستر ضلع لائلپور
عرب جي سرزمين ۾ اسان کي اهڙي هستي نظر اچي ٿي جنهن پنهنجو آرام ڦٽو ڪري، عرب جي وحشين کي انسان بڻايو ۽ پنهنجي تعليم سان سندن ڪايا پلٽي ڇڏي. هي ڪو سولو ڪم نه هو. سندس تعليم ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون آهن. جن کي ڏسي سندن ساراهه ۾ واتان لفظ نڪري وڃن ٿا. پاڻ سڳورا پيار ۽ محبت جي دل رکندڙ هئا. سندس تعليم تي مسلمانن نه صرف ايمان آندو. پر عمل به ڪري ڏيکاريو. پاڻ پنهنجي امت کي انسانن سان همدردي، باهمي اخوت ۽ محبت جا گُر سيکاري، دنيا تي احسان ڪيو. پر دنيا جي سڀني مذهبي اڳواڻن جي عزت کي به قائم رکيو. پنهنجن دشمنن جي وچ ۾ رهندي دنيا جي مال، دولت، اقبال ۽ اقتدار کي لت هڻي ڇڏي ۽ ڪيترائي دفعا موت جي وات ۾ هوندي به عرب ۾ مروج مذهبي رسمن سان بغاوت ڪندي، هڪ اهڙي مذهب جو بنياد رکيو، جنهن ان زماني جي تهذيب ۾ عظيم الشان انقلاب پئدا ڪري، هڪ اهڙي قوم کي وجود ۾ آندو. جنهن جي اخلاقي معاشرت ۽ سياسي ذهني حيثيت هڪ اعلى درجي تي پهتل آهي. جيڪڏهن پاڻ ٻيو ڪجهه به نه ڪن ها، صرف خدا پرستي ۽ مساوات جي تعليم تي ئي رڪجي وڃن ها. تڏهن به اهو گهڻو ڪجهه هو ۽ دنيا سندن قدمن ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪري ها. پر هاڻ جڏهن سندن تعليم ۾ خدا پرستي ۽ مساوات سان گڏ، توحيد، پرهيزگاري، نيڪي، شرافت، محبت، رواداري ۽ عورتن جي حقن جي ادائيگي جهڙيون اعلى خوبيون به شامل آهن ته اهڙي حالت ۾ سندن تعريف نه ڪرڻ، حد درجي جي ڪينه پروري ۽ ٻيائي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.
ڏسو ته حضرت محمد ﷺ جي تعليم عربن جي زندگي ۾ ڪيڏو نه ڦيرو آندو. اتي ٻارڙين کي جيئري ئي پوريون ويندو هو. عورتن تي جانورن کان وڌيڪ ظلم ڪيا ويندا هئا.پر حضرت محمد ﷺ هن ظالمانه رسم کي بلڪل بند ڪري ڇڏيو ۽ عورتن کي مردن سان گڏ اچي بيهاريو. ظالم ۽ جاهل عربن کان پنهنجن عورتن کي حق وٺي ڏنا. ۽ اها ڪا سولي ڳالهه نه آهي، پر سندن آزادي جي مضبوطي اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو.
پاڻ سڳورن کي خلق جي خدمت ۽ خدا جي عبادت جهڙا نيڪ جذبا ماڻهن ۾ پئدا ڪرڻ ۾ جيڪي تڪليفون آيون. انهن کي ڏسي، سندس صبر ۽ تحمل کي جس ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هي سچ آهي ته سڀني سماج سڌارڪن جي ڪاميابي ۽ وڏائي جو راز ان ۾ آهي ته جيتري هن ۾ سهڻ جي قوت وڌيڪ هوندي. اوترو اهو عظيم ۽ ڪامياب بڻجي سگهندو. ان کان سواءِ ڪوبه شخص ذاتي گڻن ۽ خوبين کان سواءِ اوچي مقام تي پهچي نٿو سگهي. مذهبي اڳواڻن سماجي سڌارڪن ۽ سياسي رهنمائن ۾ ڪي اهڙيون غير معمولي خوبيون ضرور هونديون آهن، جيڪي کين ٻين انسانن کان ممتاز درجو ڏيارينديون آهن سو محمد ﷺ به اهڙين چند پرڪشش خوبين جا مالڪ هئا، جن کين عرب جي بدن ۾ مقبول ڪيو.
منهنجو رايو آهي ته جيڪڏهن مسلمان سندن تعليم کي چڱي طرح سمجهن ان تي عمل ڪري ٻين کي به سندن تعليم تي عمل ڪرڻ جي تبليغ ڪن ته اسلام ۽ مسلمانن خلاف جيڪي غلط فهميون ۽ تعصبانه ڳالهيون عام آهن، اهي ترت دور ٿي سگهن ٿيون.