ارپنا
“شيخ اياز” جي نانءِ،
جنهن سنڌي ادب کي جوت ۽ جدت جي دڳ تي
روان رکيو.
سنڌي غزل جي شهنشاهه شاعر،
“ وفا ناٿن شاهيءَ” جي نانءِ،
جنهن غزل کي پنڌُ ڪرڻ سيکاريو
پر سندس وجود اڻ برابريءَ ۽ بي ڌيانيءَ جي سمنڊ ۾
سنڌي عوام جيان غوطا کائيندو رهيو.
شاعريءَ جي ڇيهه تائين پڄندڙ شاعر،
“ آڪاش انصاري” جي نانءِ،
جنهن جي شاعريءَ ۾ قلبي قرار لڪل آهي.
سندس شاعري پڙهندي هيانوَ ۾ هلچل پيدا ٿيو وڃي.
[b] فرزانا شاهين
[/b]