شاعري

نينهن جو نوحو

هن ڪتاب ۾ 84 نظم شامل آهن، ٽائيٽل نظم “نينهن جو نوحو” سندس اندروني ڪيفيت جو عڪاس آهي. فرزانا شاهين جي نظمن تي مشتمل ھن شعري مجموعي ”نينهن جو نوحو“ ۾ شامل اڪثر نظم هر وقت جو آواز ثابت ٿين ٿا. شاعرہ پنهنجي فني تجربي جي بنياد تي نظمن ۾ سماجي اڻاين کي چٽيو آهي. سندس اظهار جو انداز بلڪل سادو، سولڙو ۽ ٻوليءَ جو استعمال شاندار آهي. هُن پنهنجي هن شعري مجموعي ۾ پابند نظم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪجهه شعر آزاد نظم جي شبيهه رکن ٿا، ان باوجود سندس لکڻي ۾ خوبصورت رواني آهي. فرزانا شاھين جي نظمن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي شيلف ۾ بھترين واڌارو آهي.
Title Cover of book نينهن جو نوحو

ليکڪا پاران: نينهن جو نوحو

تخليق جي واٽَ ايتري سولي سهنجي ناهي ٿيندي جيتري پڙھندڙن جي اکين ۽ ذھن ۾ محسوس ٿيندي آهي، تخليق ۾ تخليق ڪندڙ جو رَتُ سَتُ هوندو آهي، نور هوندو آهي، اکين جا اوجاڳا هوندا آهن، پلن جون پيڙائون هونديون آهن.
قلم تي خواهشن جو حڪم ناهي هلندو بلڪه لوچون سوچون جوڙڻَ بعد ئي جذبن جون جوتون جڳ ۾ جرڪي جيئنديون آهن.
مون نثر توڙي نظماڻي پورهئي منجهان اهو سڀ پرکيو آهي ته سچ جو سڏ ڪوئي به نه ٿو ورنائي، هر جاءِ تي ڪچ جو ميلو متل رهيو آهي.
جاڙ سين جيئندي ماڙ جي مٺڙي ٻولي ڪوئي ٻُڌڻ پسند نه ٿو ڪري، هن وقت سنڌي ادب ۾ تخليقن کان وڌيڪ گهرج آهي سنجيدگيءَ جي، جيڪا عملي طور اسان منجھه ناهي رهي، انهيءَ ڪارڻ تخليقي عمل بي جان بڻجي چڪو آهي ۽ ھھڙي حالت هاڃيڪار آهي.
صبح جي صِفن ۾ بيھڻ لئه بهتر ٿيندو ته وري طبيعت ۾ سنجيدگي پيدا ڪري اول پنهنجي ذات سُھائيءَ سان سينگاري سجائي پوءِ ئي قومي پنڌ جا پانڌي بڻجون.
جيتري ڪسرت سان هاڻي ادب ۾ لکيو وڃي ٿو ان جي ڀيٽَ ۾ ايتري قدر ڪتاب پڙھيو ڪونه ٿو ٿئي اسان اگر ماضيءَ جي موڙ تي سوچ کڻي بيهنداسين ته صاف صاف نظر ايندو ته ڪلھه جي ڀيٽَ ۾ اها ڪالهوڪي سچائي اڄُ ڪانه آهي جيڪا ٿي گذري وئي.
هن وقت سڀڪو پنهنجي ثناخوانيءَ ۾ غرق ٿيندو رهيو آهي ۽ علمي توڙي عملي پنڌ ڌنڌلو ٿي رهيو آهي اهو منهنجو خيال آهي ته شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ کانپوءِ شاعر سنڌي ادب ۾ پنهنجو پاڻ ڇو ڪو نه مڃرائي سگهيو آهي!؟
شاعريءَ جو جاندار پنڌ رڪجي ڇو چڪو آهي!؟
ان جو سبب اهو آهي ته هن سمي ادبي دنيا ۾ نقاد ڪوئي ناهي رهيو اگر مخفي طرح ڪٿي موجود آهي به ته هو موجوده ادبي حالتن سان منهن ڏيڻ جو ست نه ٿو ساري، ڇو جو سنڌي ادب ۾ ڌڙابندي ايئن آهي جيئن سنڌ ۾ پاڻيءَ تي وارابندي رهي آهي.
اسان سڀني کي هيڪڙائيءَ جي وائي ورجائڻي ئي پوندي ۽ خلوص سان هٿ هٿ سان ڳنڍي وڌڻو پوندو ته وري ادبي اوسر کڻي قلم جو نئون صبح ٿي سگهي ٿو.
ادب ۾ ڌڙن سبب اديب ته عارضي اڀري سگهي ٿو پر بهتر ادب سرجي نه ٿو سگهجي ان عمل سان ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ته پري پر موجوده ٻوليءَ جو بچاءُ ڪرڻ به مشڪل آهي، انائن جي انڌ ۾ اسان جا ذھن ايترو ته ڀٽڪي ڀلجي ويا آهن جو افسوس ڪندي به ندامت محسوس ٿي رهي آهي، استادبخاريءَ جون اهي سٽون مونکي جهوري وجهنديون آهن ته خدا ڪري ايئن نه ٿئي جيئن شاعر پنهنجي تصوراتي ڪيفيت کي شاعريءَ ۾ اظهاريو آهي:
“پنهنجي ٻولي ڳول بخاري“
سچ ته اهو آهي ڪلھه جي قلمي کاهوڙين جو پنڌ اسان لئه اڄ به دڳ ۽ درس آهي ڇو جو انهن جو قلمي ڪيل پورهيو اسان جي اڄوڪي پورهئي ٿي ڀاري آهي، انھيءَ رخ ۾ ته هنن فقيرن وٽ فڪر هئو، ڌرتيءَ جا سچا نمائندا هئا، انهن جو پنڌ مقصد ڀريو هئو، هو ذات نه پر قوم لئه ڪُرندا ۽ ڪُرڪندا رهيا هئا.
ڪالھه کان وڌيڪ سنڌ اڄ مسئلن جي منهن ۾ آهي ۽ اسين ڪوبه حيلو نه ٿا هلايون، ڪائي به مذمت نه ٿا ڪريون، انهيءَ ڪري مصيبتون تيزيءَ جي تار سان وڌي رهيون آهن اسان کان اجتماعي مفاد وسري چڪا آهن ۽ اسان سجاڳيءَ جي سينَ کان ڪَنَ لاٽار ڪري چڪا آهيون بيحس ٿي جيئندا رهون ٿا اها ئي ڀل آهي ته اسان قلم وسيلي تحريڪ هلائي رهيا آهيون. اهو سڀ اسان جو وهم آهي.
منهنجو هيءُ چوٿون ڪتاب آهي.
“نينهن جو نوحو“
هيءُ نينهن منهنجو سنڌ سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو مارن سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو ادب سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو جهريل جيئڙن سان نينهن آهي، ھيءُ نينهن منهنجو ديس جي دلگيرن سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو مُٺيل امڙين سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو ڦُريل ونين سان نينهن آهي. جيڪي مينڌيءَ رتن هٿن ۾ پنهنجن ورن جو بيڏوهه وهيل رتُ ڏسي ڏجهندي جيئريون جهورين ۾ ڳرن ٿيون، هيءُ نينهن انهن ننڌڻڪن سان آهي، جن جو هن جڳت ۾ ڪوئي ناهي، هيءُ نينهن منهنجي ڏات جو نينهن آهي جيڪا منهنجي داخلي ڪيفيت کان وڌيڪ خارجي وايومنڊل تي مونکي لڇائي لکائي رهي آهي ۽ منهنجي زندگيءَ تي ٻاجهارو وقت مونتي ڇپر ڇانءَ سان گڏ مونکي اهو يقين ڏئي رهيو آهي، چئي رهيو آهي ته منهنجو هيءُ پيڙائن ڀريو پورهيو گهڙين جي گهاٽَ تي نروار ٿي سيڻن لئه سوجهرو ٿيندو. منهنجا هٿ ۽ پير رهن نه رهن پر جذبا جوتي ٻاري جڳ ۾ جيئندا رهندا، هر جيءَ کي هيءُ منهنجو نينهن پنهنجو نينهن محسوس ٿيندو مونکي پنهنجي سچائيءَ تي ڪوئي به گمان ڪونه آهي، زندگي جهٽ سوا جو ميلو آهي، پنڌ ۽ پيڙائن جو پورهيو باقي رهڻو آهي، مان ٿورائتي آهيان “مرڪ پبليڪيشن” جي سٿ جي، جن منهنجو هيءُ ٻيو شعري مجموعو ڇپي پڙھندڙن تائين پُهچايو آهي، مان ان ئي اميد تي جيئنديس ته سدائين سنڌ جو نينهن منهنجن نيڻن ۾ نروار ٿي رهندو، لکرائيندو ۽ جيئاريندو.

[b] فرزانا ”شاهين“
[/b] ڪراچي سنڌ
3ڊسمبر 2017ع