تاثر: مظلوم ماڻھن جي پيڙائن جي ڪٿا
سچي فنڪار ۽ ليکڪ جي بنيادي ذميواري بہ اها ئي آهي تہ هو پنھنجِي ڌرتي، سماج ۽ ماڻھن سان نہ رڳو سلھاڙيل هجي پر ساڳئي وقت انھن جي دردن کي محسوس بہ ڪري ۽ انھن دردن جي درمان لاءِ پنھنجو ڪردار بہ ادا ڪري.
سٺو ڪالم اهو آهي جنھن ۾ بنھہ سادي ۽ سَوَلِي ٻوليءَ سان گڏ گرامر جو بہ تمام گهڻو خيال رکيو ويو هجي ۽ ان ۾ جنھن مسئلي جي نشاندهي ڪرڻي آهي ان تي ائين روشني وِڌل هجي جيئن اسپاٽ لائيٽ ڪنھن آبجيڪٽ کي نمايان ڪندي آهي.
ڊاڪٽر حَسين مُسرت جڏهن پنھنجي ڪتاب ”هيءَ سين نہ ڏيندي چين. “ تي ٻہ اکر لکڻ لاءِ چيو ۽ ڪتاب جو مواد موڪليو تہ فوري طور فيصلو نہ پئي ڪري سگهيس تہ ڪتاب تي ٻہ اکر لکان يا معذرت ڪري ڇڏيان. حقيقت اها آهي تہ آئون پنھنجين لکيل شين مان آخر تائين مطمعن ناهيان ٿي سگهندو، ويتر جڏهن ڪو لکي ڏيڻ لاءِ پابند ڪندو آهي تہ مون لاءِ اهو ڪم ويتر ڏکيو ٿي ويندو آهي. جڏهن ليکڪا پاران پي ڊي ايف ۾ موڪليل ڪتاب کولي ان ۾ شامل ڪالمن ۽ مضمونن جا عنوان پڙهيم تہ ٻہ اکر لاءِ آمادہ ٿي ويس.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪالم ۽ مضمون پڙھڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين جيڪا راءِ جُڙي اُها هِي هُئي تہ حَسين مسرت جن موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي اُهي اهم ۽ وقتائتا تہ آهن ئي پر ساڳئي وقت هن ڪالم رائيٽنگ جي بنيادي گهرجن جو پورائو بہ نھايت سھڻي نموني ڪيو آهي.
ڪالم جو بنيادي مقصد ڪنھن بہ مسئلي کي مڪمل چٽائيءَ، لاڳاپيل معلومات، مضبوط دليلن، مسئلي جي حل لاءِ گهربل تجويزن سان گڏ نھايت سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن تائين پھچائڻ آهي. حسين مسرت جي ڪالمن ۾ بہ سماج ۾ موجود اڻ برابري، ناانصافي، مٿڀيد وارن روين، لاقانونيت، عام ماڻھو جي پيڙائن، انسان دشمن روايتن، سنڌ جي شھرن جي تيزيءَ سان بگڙجندڙ حالتن، سنڌ جي غلاميءَ جي ڪارڻن، روح کي زخمي ڪندڙ روين، اظھار جي آزاديءَ وارين رڪاوٽن، عورتن سان ٿيندڙ وارتائن، ٻھراڙين ۾ عورتن جي صورتحال ۽ اهڙن ٻين لاتعداد مسئلن بابت نھايت چٽائي ۽ اثرائتي انداز ۾ بنا ڪنھن غير ضروري وڌاءُ جي نھايت سادي ٻوليءَ ۾ قلم کنيو ويو آهي.
حسين مسرت جا ڪجهہ ڪالم پڙهندي ائين لڳو ڄڻ اُهي منھنجي سوچ ۽ جذبن جي عڪاسي آهن، سندس ڪالم پڙهندي ان ڪري بہ سٺو لڳو جو هن هر موضوع سان ائين ئي نڀايو آهي جيئن هڪ ذميوار ڪالم نگار کي نڀائڻ گهرجي. ڪتاب ۾ شامل ڪجهہ ڪالمن ۽ مضمونن جا عنوان ضرورت کان وڌيڪ ڊگها آهن جڏهن تہ عنوان يا هيڊنگ مختصر ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ هئڻ گهرجي. ضروري ناهي تہ عنوان ۾ ڪالم يا مضمون جو تت هجي. مثال طور ”نازڪ سمجهي ويندڙ عورت طوفانن کي منھن ڏيڻ جي سگھہ رکي ٿي. “ انھي کي مختصر لفظن ۾ لکجي ها تہ وڌيڪ بھتر هجي ها، جيئن ”اڄ جي عورت نازڪ ۽ ڪمزور ناهي“ اهڙيءَ طرح ”اظھار جي آزاديءَ لاءِ محدود اسپيس ۾ سوڙهو ٿيل نسل“ واري عنوان کي ”اظھار جي آزادي، نئون نسل ۽ رڪاوٽون“ يا وري ان کان بہ وڌيڪ اثرائتو عنوان ڏيئي سگهجي پيو.
ڪالم نگار جي حيثيت ۾ ليکڪا ان معاملي ۾ ڪليئر نظر اچي ٿي تہ هُوءَ جيڪو ڪجهہ چوڻ چاهي ٿي اهو ڪيترو اهم ۽ ضروري آهي، ساڳئي وقت هُن پنھنجن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو بہ هڪ تجربيڪار ليکڪ جيان خيال رکيو آهي. ڪٿي ڪٿي جملن جو سٽاءُ يا جوڙ جڪ ۾ ٿورو جهول ضرور محسوس ٿيو پر اهو اهڙو ناهي جيڪو پڙهندڙ لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي.
مون کي پوري اميد آهي تہ حسين مسرت جي هن ڪتاب کي پڙهندڙن پاران سٺي موٽ ملندي ۽ هوءَ پنھنجي انھيءَ سفر کي وڌيڪ اثرائتي نموني جاري رکندي.
مرتضيٰ سيال
ڄامشورو، سنڌ
17 جولاءِ 2024