ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

عورت ۽ جياپي جي جنگ!

هڪ ڏينھن اهو، هو جڏھن محبت جي اظھار لاءِ عوام جو سمنڊ رستن، گهٽين، گلين ۾ اٿلي پيو هو. رنگ، نسل، مذهب جي امتياز کي ٽوڙي صرف محبت جي ساز تي ”مي رقصم“ جي تصوير بڻيل هو، شناخت جا رنگ محبت جي پيغام کي پکيڙڻ ۾ مصروف عمل هئا. ان محبت ڀريي سڏ تي ماڻھو پنھنجا سڀ مسئلا، پنھنجيون تڪليفون، پيڙائون، درد، اھنج، ناانصافيءَ جا ڌڪ، لاقانونيت جا زخم، سڀ ويڇا، سڀ شڪايتون، سڀ رنجشنون وساري هڪ رنگ ۾ رنگجي، هڪ ڌن تي مست ٿي رقص ڪندا خوشي ۽ يڪجهتي جو مثال بڻجي ويا. اهو خوشيءَ جو ڏينھن نہ ڪنھن قانون پاران ۽ نہ ئي ڪنھن مذهب پاران ملھائڻ جو حڪم مليل هو. اهو ماڻھن جي اندر جو آواز هو. ديس سان ۽ ثقافت سان محبت جو اظھار هو، جنھن کي صرف ڪنھن راھہ جي تلاش هئي، اها راھہ عوام کي ميڊيا ڏيکاري ۽ سنڌ جي عوام جي دلين ۾ صوفي ازم وارو جذبو جاڳائي ڇڏيو. جت رنج و الم دور ٿين، جتي انسانيت جو پرچار هجي، جتي انساني برابريءَ جي ڳالھہ هجي جتي هر مذهب علت جا ماڻھو گڏجي ڏک سور ونڊين، جت نفرت نہ هجي صرف لازوال محبتن جا رشتا ٺھندا ۽ چڙندا هجن، جت امن جا سپنا اُنيا وڃن، بي آسرا ماڻھن کي پناھہ ملي، اجها ڳولھيندڙن کي ڇپر ڇانو ملي، جتي دوئي ختم ٿئي، هيڪڙائي ۽ هڪجھڙائيءَ جو پرچار هجي. اهي آستان صوفي بزرگن جا ئي هوندا آھن. سنڌ جي ماڻھن جي رڳن ۾ رت جيان دوڙندڙ محبت ۽ امن جا جذبا انھن کي اهڙن ماڳن مڪانن ڏانھن ڌڪيندا آھن جتي سک ۽ محبت جا پڙلاءُ هجن.
سنڌ جي ماڻھن سدائين، تشدد، نفرت، اھنسا، جبر، ظلم، ڏاڍ، نفرت جي جذبن کي ڌڪاريو آهي. تشدد جي خلاف سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ بہ شاهد آهي. جت جت محبت، پيار ۽ انھن جي روشني پکڙجي ٿئي اُت اُت سنڌي ماڻھو پروانن جيان ديوانہ وار ڦيرا ٿا ڏين. اهو ئي سبب هو جو، عوام ويڇا وساري ثقافتي سڏ کي دل و جان سان قبول ڪيو. اهو ميڊيا جو مثبت رويو هو، بنا ڪنھن لوڀ لالچ ۽ سياسي مقصد جي صرف ۽ صرف عوام جي لاءِ خوشي ۽ اتحاد جو اهڃاڻ هو. ان ڪري ان کي ڀرپور عوامي موٽ ملي. ميڊيا جي، عوام تي اثراندازي روزِ روشن جيان عيان آهي پر ميڊيا جي شھرت ۽ سگهہ جو عوام جي مرهونِ منت هجڻ کان انڪار بہ ممڪن ڪونھي. اها ساڳي مثبت روين واري ميڊيا جڏھن ڪجهہ عرصي اندر پنھنجن نظرين جي پاليسيءَ ۾ تبديلي آڻي محبت جو پرچار ڇڏي تشدد ۽ خوف جي علامتن جو ساٿ ڏيڻ ٿي لڳي تہ عوام جي اندر جي باھہ ڀڙڪي ٿي اٿي ۽ ان جو سبب ڄاڻڻ جي بيچيني ضرور تنگ ڪري ٿي، ڇو تہ ميڊيا جي لبرل ڪردار ۾ ان جي ڪاميابي لڪل هجي ٿي.
وڪاڻل ميڊيا عوام جي دلين مان گهر وڃائي ٿي ڇڏي ۽ جي گهر ميڊيا سماج ۾ پير کوڙڻ ۾ ناڪام رھندي آهي تشدد ۽ دهشتگردي کي فروغ ڏيندڙ قوتون ويس مٽائي حمله آور ٿينديون رھنديون آھن، انھن جي سڀ کان محفوظ پناھہ گاھہ مذهب آهي. مذهب ايترو تہ حساس موضوع آهي جو ان تي آڱر کڻڻ وارو مجرم قرار ڏنو ٿو وڃي. ان ڪري ئي اهي قوتون مذهب جي آڙ ۾ جرم جاري رکنديون آھن، انساني حقن جي لتاڙ جاري رکنديون آھن تہ جيئن ڪو بہ قانون ھنن تي فرد جرم عائد ڪرڻ جو ساهس نہ ساري سگهي. جيڪڏھن تاريخ جا ورق اٿلائجن تہ خبر پوي ٿي تہ، مذهبي جماعتون تہ پاڪستان ٺھڻ جي حق ۾بہ نہ هيون. 1947ع کانپوءِ سڀني کي خبر آهي تہ 9 سال پاڪستان جو آئين نہ ٺھي سگهيو تہ ان جا سبب ڪھڙا هئا.
• پھريون سوال اهو تہ پاڪستان سيڪيولر ملڪ هوندو يا اسلامي ملڪ.
• قائداعظم سدائين سيڪيولر ملڪ جي ڳالھہ ڪئي هئي پر سندس وفات کانپوءِ اها اڌوري رهجي وئي .
• ڪنفيڊريشن تي بحث هليو.
• صوبائي خودمختياري جو مسئلو سامھون آيو.
• ڪشمير جو مسئلو هو.
• بلوچستان رياست ۾ شامل نہ ٿي ٿيڻ چاهيو.
• گهڻن فسادن ۽ بحثن کانپوءِ 1956ع ۾ پھريون آئين ٺھيو ۽ 1958ع ۾ ملڪ ۾ ايوب خان مارشل لا نافذ ڪيو.
• تاريخ ٻڌائي ٿي تہ اقتدار جي هوس رکندڙ قوتن سدائين پاڪستان جي بنيادن کي ڪمزور ڪيو آهي انھن ڪڏھن بہ ڪنھن بہ لبرل ۽ جمھوريت پسند قيادت کي ڪامياب ٿيڻ نہ ڏنو آهي.
انھن انتھاپسند قوتن جي سبب اسان جو ملڪ هڪ نہ کٽندڙ جن وڙهي رهيو آهي. اهي ئي قوتون آھن جيڪي ملڪ ۾ وڳوڙ، افراتفري ۽ انتشار پکيڙي اقتدار جي ڪرسيءَ تائين پھچڻ لاءِ ڪوششون ڪنديون آھن. اهي ئي آھن جيڪي معصوم انسانن کي غلط پروپئگنڊا جي ذريعي موت جي منھن ۾ ڌڪي ٿيون ڇڏين. انھن انتھاپسند قوتن ھن وقت پاڪستان ۽ ان جي قانون تي ڪاري وار ڪيو آهي.
F. S. C جو تازو فيصلو جمھوريت پسند ماڻھن لاءِ قابل قبول نہ آهي جڏھن ضياءَ پنھنجي دور ۾ حدو آرڊيننس نافذ ڪيو هو تہ ان وقت عورتن جي ڊگهي جدوجھد شروع ٿي ۽ ان ۾ ڪجهہ تبديلين ۽ وضاحتن جي گهر ڪئي وئي هئي. 1979ع ۾ جڏھن حدود آرڊيننس نافذ ٿيو تہ ان جي آڙ ۾ بيگناھہ عورتن کي سزائون ڏنيون ويون. وڪي پيڊپا جي رپورٽ مطابق 10 هزار عورتون ان قانون تحت جيل اماڻيون ويون انھن ۾ اهي عورتون بہ شامل هيون جن پسند سان شادي ڪئي هئي. چوريءَ جي سزا ۾ هٿ ڪٽڻ واري عمل خلاف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن بہ بائيڪاٽ ڪيو هو، انھن اهڙي عمل ۾ ملوث ڊاڪٽرن جا لائسنس منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
ھن وقت اڳوڻي صدر مشرف جي آندل وومن پروٽيڪشن بل 2006ع جي بہ مخالفت ڪئي پئي وڃي. حالانڪہ پاڪستان جي موجودہ آباديءَ ۾ 53 سيڪڙو عورتون آھن ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ جي جڏھن بہ ڳالھہ هلي ٿي تہ انتھاپسند قوتون انھن جي مخالفت ۾ بيھي ٿيون رھن. جڏھن 1979ع ۾ چادر ۽ چار ديواريءَ جو نظريو ملڪ مٿان مڙهيو ويو تہ ان وقت هو تحريڪ آزاديءَ ۾ عورتن جي جدوجھد کي وساري ويٺا هئا. اها هڪ ڇوڪري فاطمہ صغرى هئي جنھن سيڪريٽريٽ تان يونين جيڪ لاٿو ۽ پنھنجي مٿي تي اوڍيل پوتي کي ھن پاڪستان جو جهنڊو بڻائي سيڪريٽريٽ جي عمارت مٿان بلند ڪيو هو. 1947ع ۾ وومين والينٽيئر سروس ۾ عورتون ڪم ڪنديون هيون ۽ وومن رزرو فورس سرحدن جي حفاظت جون ذميواريون بہ پوريون ڪيون. عورتن جدوجھد بہ ڪئي ۽ ڀوڳيو بہ گهڻو ڪجهہ. ورهاڱي جي وقت لکين عورتن جو بي گهر ٿيڻ، سفر جون صعوبتون سھڻ، ڪيمپن جي پر آزمائش زندگي گهارڻ کان علاوہ لکين عورتن جا ريپ ڪنھن کان بہ لڪل ڪو نہ آھن. ان جي باوجود بہ عورتن جون جيتريون تحريڪون هليون، جيتريون اين جي اوز ڪم ڪن پيون، شروعات کان وٺي مجموعي طرح سان انھن جو هڪ ئي مطالبو رهيو آهي تحفظ، عزت احترام برابري ۽ انصاف. تحفظ ان لاءِ تہ ملڪي ترقي ۽ حفاظت لاءِ آزاديءَ سان ۽ عزت سان پنھنجون خدمتون پيش ڪري سگهن. اهو وومن پروٽيڪشن بل هجي، سيڪسيوئيل هراسمينٽ بل هجي يا ڊوميسٽڪ والئيولينس بل هجي، عورتن جي تحفظ جي حوالي سان هر قانون سازيءَ جي رستا روڪ ڪرڻ انتھاپسند قوتن جو اهم ڪم آهي. ھنن ڪڏھن بہ ڪو نہ چاهيو هو تہ پاڪستان ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال سوچ کي فروغ ملي. ٿورو پوئتي نظر ڪجي تہ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمہ جناح جون ڀرپور ڪوششون، عورتن کي سياست ۽ تعليم ۾ اڳيان آڻڻ جي سلسلي ۾ نظر ٿيون اچن. نرسنگ جي شعبي ۾ ڇوڪرين کي آڻڻ لاءِ بہ محترمه فاطمہ جناح جون ڪوششون ٿيون نظر اچن پر جنھن وقت هوءَ اليڪشن ۾ هڪ آمر جي مقابلي ۾ بيٺي تہ، ان جي ان عمل خلاف فتوائون جاري ڪيون ويون، عورت جي قيادت کي غير اسلامي قرار ڏيئي، ھن کي بي ايماني سان هارايو ويو. جڏھن بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ بيگم شاھنواز مساوي حقن جو مطالبو ڪيو ۽ ڪجهہ عملي قدم کنيا تہ انھن تي بہ الزام لڳايا ويا. ھن وقت بہ اهي ئي قوتون موجود آھن جن جو مقصد صرف ۽ صرف پاڪستان کي ڪمزور بڻائڻ آهي.
اهو ملڪ جتي 53 سيڪڙو آبادي عدم تحفظ جو شڪار هجي، مفلوج هجي، ڪم ڪرڻ جي سگهہ ۽ صلاحيت جي باوجود بہ مڃتا کان محروم هجي اهو ملڪ ڪڏھن دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيڻ جي لائق نٿو ٿي سگهي. پاڪستان جي 30 کان مٿي تنظيمن، انساني حقوق اتحاد جي پليٽ فارم تان وفاقي شريعت ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو آهي ۽ سول سوسائٽي بہ ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل اين جي او جي ڪانفرنس ۾ گڏيل راءِ تحت پارليامينٽ کي صنفي امتياز وارن قانونن تي نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پي پي سي جي سيڪشن 298 تحت جيڪي قانون لاڳو ٿين ٿا، انھن تي نظرثانيءَ جو مطالبو انڪري بہ ڪيل آهي جو انھن جي ذريعي گهڻي ڀاڱي عورتن ۽ مذهبي اقليتن جو استحصال ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ حقيقي جمھوريت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت عوام ۽ ميڊيا کي انھن انتھاپسند ۽ تشدد پکيڙيندڙ عنصر خلاف اعلان جنگ ڪرڻو پوندو. پاڪستان جي سلامتي ۽ امن لاءِ ڪا راھہ عمل جوڙڻ جو وقت پري ناهي. ملڪ مان رُسي ويل محبت ۽ امن جي موسم کي پرچائڻ لاءِ انھن قوتن جي حوصلہ شڪني ضروري آهي جن جو مقصد صرف عوام جو استحصال ۽ اقتدار جو حصول آهي.

30 ڊسمبر 2010ع