ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

خوف جي ڄار ۾ ڦاٿل حياتيون!

مسافر لکيو تہ،

اڪيلائپ، سانت ۽ ويڳاڻپ ۾ وڪوڙيل هي شھر، زنده نٿو لڳي
هي شھر، شھر خموشان ٿو لڳي.
مردہ وسنديون
غير آباد گهٽيون
سنسان رستا
بي احساس دليون
خوف جي ڄار ۾ ڦاٿل حياتيون
تون هي ڇا ٿو لکين؟
ديس واسي مسافر جي هٿن مان ورق ڦري ورتا.

هيءُ تہ ڪوڙ آهي، کلندڙ ڪڏندڙ انسان، هي پُررونق شھر، هي ماڻھن سان ڀريل گهٽيون، گهٽين ۾ کيڏندڙ ٻار، هي انسانن جي آمدرفت، هي خوشين ڀريا ٽھڪڙا، هي سڀ ڪجهہ توکي نظر نٿو اچي؟ تون ھن شھر کي شھر خموشان ڇو ٿو لکين؟
مسافر جي اکين ۽ چھري جي درد جا پکيئڙا، پرڙا سوئي رهيا هئا. . .
دنيا جو قديم ادب، رگ ويد جا طويل نظم ۽ شاستر سنڌوءَ ڪناري تي ئي رچيا ويا هئا، پوءِ آئون ان جاءِ تي ويھي ڪوڙ ڪو نہ ٿو لکي سگهان، اهو سڀ سچ آهي.
مسافر بہ سچو هو ۽ ڪوڙو ديس واسي بہ نہ هو پر حقيقت اها آهي تہ آواز زندگيءَ جي علامت ۽ خاموشي موت مثل هجي ٿي. اهو آواز جيڪو حق ۽ سچائي لاءِ بلند ٿئي ۽ جبر ۽ ناانصافيءَ جي طاري ٿيل موت جھڙي خاموشيءَ کي ٽوڙي اهو زندگيءَ جي زنده هجڻ جي علامت هجي ٿو، بنا احساسن جي دل جي ڌڙڪن صرف سانت کي ٽوڙي سگهي ٿي، پر ويڳاڻپ کي ختم ڪرڻ ھن لاءِ ناممڪن ٿيندو. انسانيت جي تڪميل بہ دردمند دل ۽ باشعور ذھن جي ميلاپ سان ئي ممڪن آهي. انسانن جي پيڙائن ۽ ظلم جي ادراڪ کانسواءِ ڏاڍ ۽ ناانصافي جي درد کي محسوس ڪرڻ بغير انسانيت جي پھرين ڏاڪي تي بہ قدم ڌرڻ مشڪل ٿو نظر اچي.
مسافر ۽ ديس واسيءَ جون سٽون ان ڏينھن دل تي هُري آيون جنھن ڏينھن حيدرآباد جي قديم تاريخي شھر ۾ مسيحائي پيشي سان تعلق رکندڙ بيمارين ۽ دردن مان ماڻھن کي نجات ڏيندڙ، انسانيت کي شفا بخشي زندگيءَ جي ويجهو ڪندڙ انسان کي ماڻھن جي وچ ۾ مارڪُٽ ڪري زنده ساڙڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. سچ پچ تہ ان ڏينھن جيئرن جاڳندڙ ماڻھن جو شھر، شھر نہ پر قبرستان ٿي لڳو، جنھن ڏينھن بلاسفيمي جو قانون ان مسيحا تي لاڳو ڪيو ويو، جنھن جو شمار اقليت ۾ ڪيو ٿو وڃي. سوال اهو آهي تہ جيڪڏھن وزٽنگ ڪارڊ جي بي حرمتيءَ تي هڪ انسان سزا جو مستحق آهي تہ پوءِ اهي ماڻھو قانون جي پڪڙ ۾ ڇو نٿا اچن جيڪي روزانہ اخبارون پڙهي اڇلائي ٿا ڇڏين يا رديءَ ۾ وڪڻي ٿا ڇڏين. بلاسفيمي جي قانون تحت اسين سڀ ڦاسيءَ جا مستحق آهيون، جيڪي دعوتي ڪارڊ پڙهي اڇلائي ڇڏيندا آهيون. انھن ڪارڊن تي مقدس تحريرون ۽ مقدس نالا هوندا آھن. جڏھن مذهبي محفلن جي اجتماعن جا ڪارڊ ڇپرايا ويندا آھن تہ انھن تي مقدس جاين ۽ عمارتن جون تصويرون هونديون آھن، جڏھن اجتماعن جا بينر رستن تي لڳايا ويندا آھن، پوسٽر ڀتين تي لڳايا ويندا آھن تہ ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ اهي روڊن رستن تي ماڻھن جي پيرن ۾ لتاڙجندا نظر ايندا آھن پر انھن تي ڪو بہ فرياد ڪرڻ وارو، ڪيس ڪرڻ وارو سامھون ڪو نہ ايندو آهي. شايد اڪثريت پاران ڪيل ڏوھہ قابلِ دست اندازي پوليس نہ هوندو آهي. اسان جي سماج جو مسئلو اهو آهي تہ جنھن مسئلي کي ڪجهہ مخصوص قوتون پنھنجي مفادن جي حاصلات لاءِ اٿارينديون آھن تہ عوام بہ ان پاسي ڌيان ڏيندو آهي. اسان جو عوام آزاد دل ۽ دماغ سان ڪڏھن جئي ناهي سگهيو، سدائين ان جون خوشيون، آزاديون، ڏاڍ ۽ جبر جي سنگهرن ۾ قيد رهيون آھن. عوام کي ساھہ کڻڻ لاءِ اوتري بہ هوا نہ ٿي ملي جو دل کولي ساھہ کڻي سگهي. برٽرنڊرسل هڪ جاءِ تي لکيو هو، “جبر يا دٻاءُ ان وقت حق بجانب معلوم ٿيندو آهي جڏھن اهو ماڻھو جنھن تي جبر ڪيو پيو وڃي ان جبر کي اخلاقي طور تي تسليم ڪري ڇڏي. ” سماجي انتشار جو بنياد اها ئي ڳالھہ آهي تہ جبر ۽ دٻاءُ کي چپ چاپ سٺو وڃي، آزاد انسان جي شعور کي، سوچ کي جبر جي ڪفن ۾ ويڙهي ناانصافيءَ جي قبر ۾ لاٿو وڃي. ان ڏينھن بہ عوام خاموش تماشائي هو جنھن ڏينھن آسيہ بي بيءَ جي صدر صاحب کي ڏنل رحم جي درخواست تي اعتراضن جا پھاڙ ٽُٽي پيا هئا. ماڻھن کي رستن تي آڻڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتھار ڏنا ويا هئا. پر هڪ بہ اشتھار ان جي رحم جي درخواست جي حمايت ۾ نہ ڇپيو هو. ان ڏينھن بہ عوام جي خاموشي موت مثل هئي، جنھن ڏينھن هڪ مسيحا کي ماريو، ڪٽيو ويو پر اصل مجرم کي ڪجهہ بہ نہ چيو ويو. حق لاءِ آواز تمام گهٽ بلند ٿيا. الميو اهو آهي تہ، قانون انسانن جي حفاظت لاءِ نہ پر انھن تي حڪومت ڪرڻ، انھن کي قيد ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ٿا وڃن يا ائين کڻي چئجي تہ انھن جو استعمال منفي طرح ٿو ڪيو وڃي.
قديم دؤر تي نظر وجهڻ سان مذهبن جي آڙ ۾ انسانيت جو استحصال واضح نظر ٿو اچي. سبطِ حسن جي، ٿيوڪريسي جي آغاز ۽ خاتمي جي باري ۾ ورتل جائزي سان اسين مثبت نتيجن تي پھچي ٿا وڃون. سبطِ حسن، پنھنجي ڪتاب نويدِ فڪر ۾ لکي ٿو تہ،
”ٿيوڪريسي مذهبي پيشوائن جي اقتدار ۽ مفادن جو تحفظ ڪندي هئي. ملوڪيت جو فرض بادشاھہ ۽ شاهي خاندان جي اقتدار کي قائم رکڻ هو، بورجوا جمھوريتون سرمائيدار طبقي جون محافظ هونديون آھن. سوشلسٽ رياستون محنت ڪش طبقن جي مفاد جو تحفظ ڪنديون آھن. “
ڳالھہ اها آهي تہ، اهي سڀ طريقہ ڪار رياستي مشينريءَ کي هلائڻ لاءِ ٺاهيا ويا آھن. انھن رياستن کي ڪونہ ٺاهيو آهي. رياست، سماجي ادارو آهي، جيڪو انسانن جو ٺاهيل آهي ۽ ان جو مقصد صرف ۽ صرف تحفظ ۽ امن آهي. انسان ترقيءَ جي ڏاڪي تي قدم رکيو آهي تہ ان جي پس منظر ۾ بہ ھن جي، پنھنجي بقا ۽ امن جي حاصلات جو مقصد رهيو آهي. پر اڄڪلھہ جي دؤر جو الميو اهو آهي تہ امن لاءِ واجهائيندڙ انسان اڃا تائين اڪيلائپ ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهي. تحفظ ۽ امن جا خواب ڏيکاري ھن کي غلام بنائڻ جون ڪوششون ورتيون ٿيون وڃن. مختلف پارٽين جي گڏيل اتحاد سان جڙيل حڪومتن جو مطلب حڪومت جي مضبوطيءَ سان گڏوگڏ گڏيل عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ بہ هوندو آهي. جڏھن ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ حڪومت ۾ شامل ٿيون تہ حڪومتي پارٽيءَ لاءِ ڪراچيءَ جو امن و امان هڪ سوال بڻيل هو. پنجاب، خيبر پختونخواھہ ۽ ٻين سرحدي علائقن ۾ وڌندڙ دهشتگردي بہ هڪ Challenge هئي. اهو مسئلو اڄ تائين حل نہ ٿي سگهيو آهي. رت جون نديون اڄ بہ ڪراچيءَ ۾ وھن ٿيون ۽ گولين جي بوڇاڙ ٿئي ٿي. پنجاب، سرحد ۾ اڄ بہ انساني جسم ٽڪرا، ٽڪرا ۽ ڳڀا ڳڀا ٿي اڏايا ٿا وڃن. انھن رت ۾ ٻڏل انساني جسمن کي ڏسندي عوام اٽي، لٽي ۽ اجهي کي وساري صرف ۽ صرف امن ۽ تحفظ لاءِ واجهائي ٿو. سوال اهو آهي تہ، انسانن جي ذريعي ٺھندڙ جڙندڙ سماج ۽ رياست جو محور ۽ مرڪز انسان ڇو نہ آهي؟ انسان مري ٿو، ڪسجي ٿو، قربان ٿئي ٿو. استعمال ٿئي ٿو رياست جي بقا لاءِ پر رياست ۽ ان جا قانون انسان جي بچاءَ لاءِ ڇو نٿا استعمال ٿين؟
ڪالھوڪي اونداهي دؤر ۽ اڄ جي ترقي يافتہ دؤر جي انسانن جي بيوسيءَ ۾ فرق ان ڪري بہ نظر نٿو اچي تہ باوجود شعور ۽ ادراڪ جي هو اڻ ڏٺل طاقتن جي هٿن ۾ ڪٺ پتلي بڻيل آهي.
مسئلو اهو نہ آهي تہ مسئلن جو مناسب حل نظر نٿو اچي پر مسئلو اهو آهي تہ جيڪي مسئلا اقتدار جي حصول لاءِ تخليق ڪيل آھن، اهي ڪڏھن بہ حل نہ ٿيندا. ڀل تہ، حڪومتون ٺھنديون ڊھنديون رھن، اتحاد جڙندا ۽ ٽٽندا رھن، انساني جانين تي ٿيندڙ اقتداري ڪاروبار عروج تي رھندا آھن ۽ انساني حياتين جي قيمتن جا گراف ڪرندا رھندا. اسٽاڪ ايڪسچينج جي پوائنٽس جيان ان ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جون نگاهون صرف ۽ صرف نفعي تي هونديون آھن. عوام جي خوشي، آزادي، سڪون، تحفظ، امن، احترام، مفاد اهي سڀ ڳالھيون نظر انداز ٿي ٿيون وڃن. اقتدار جي مضبوطيءَ لاءِ قانون جو استعمال ۽ عوام جو استحصال ضياءَ جي دؤر ۾ عروج تي هو، ان جا ٺاهيل ڪارا قانون، منوءَ جي ڪارن قانونن کان گهٽ ڪو نہ هئا، جن جي اثر مان اڃا تائين اسين نڪري ڪو نہ سگهيا آهيون. ضياءَ جي دؤر ۾ شروع ٿيل، ڪرپشن، منشيات، دهشتگردي ۽ ڪارا قانون اڃا تائين ڪنھن قدرتي آفت جيان اسان جي سماج تي طاري ٿيل آھن، جيڪي انسان جي تحفظ لاءِ نہ پر انسان جي تذليل لاءِ استعمال ڪيا ٿا وڃن.
دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اسان جو ڪو بہ قانون ڪم نٿو ڪري، ايتري قدر جو رياست اندر رياست جي قيام جو تصور طاقتور ٿيندو پيو وڃي. ڪراچي تہ ائين ٿو لڳي ڄڻ مستقبل جو اسرائيل هجي. دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل جيترا بہ علائقا آھن اتي موجود مجرمن کي سزا ڏيڻ اسان جي وس ۾ ڪونھي پر اسان جي وس ۾ صرف ايترو آهي تہ ڪنھن عورت کي سزا ڏيارڻ لاءِ ماڻھن جا جذبات ڀڙڪايون ۽ بي بنياد الزامن تي انسانن جي تذليل ڪريون، جيڪڏھن ان نظريي کي مڃيو وڃي تہ ڪائنات جي تخليق هڪ زوردار آواز سان ٿي هئي ۽ ان جو انجام بہ هڪ تيز آواز سان ٿيندو تہ پوءِ يقينن سماج تي ڇانيل موت مثل سانت کي ٽوڙيندڙ بہ آواز هوندو ۽ انسانن جي دلين تي ڇانيل خوف کي فنا ڪندڙ بہ آواز هوندو ۽ احساسن کي مردہ بڻائيندڙ بيحسيءَ جي برف کي ڳاريندڙ بہ آواز ئي هوندو. سچ پچ تہ اهو آواز ڪنھن ٻئي ھنڌان نہ پر انسان جي دلين جي ڌڙڪنن مان ڊگهي ننڊ جي خاتمي سان ۽ زندگيءَ جي علامت بڻجي جاڳندو. . . ! اهو آواز هر جبر جي نفي ڪندو، هر ان رويي جي نفي ڪندو، جيڪو انسان جي شعور ۽ فڪر تي پابنديون عائد ڪري ٿو ۽ ان کي سنگهرون پارائڻ جون ڪوششون ٿو ڪري. هر ان قانون جي نفي ڪندو جيڪو انسانيت جي تذليل جو باعث بڻجي ٿو، جنھن مھل بي حسيءَ، ناانصافي، جبر ۽ ظلم جي سڪون کي ٽوڙيندڙ آواز بلند ٿيندو تہ ان ڏينھن ناانصافيءَ جي ڪرسي ائين ئي خالي رهجي ويندي جيئن اوسلو ۾ نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ جي ڪرسي خالي پئي هئي.

21 ڊسمبر 2010ع